تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ناول رُوم نمبر سورنهن … اياز لغاري

شاعرن جي نثر لکڻ تي مون کي ذاتي طور تي اختلاف آهي، ڇاڪاڻ ته هو جيڪي بنيادي طور تي شاعر هوندا آهن جڏهن نثر لکندا آهن ته هروڀرو لفاظي کان ڪم وٺندا آهن، ٻوڙ هاريندا آهن پنهنجو ۽ پڙهندڙ جو وقت ضايع ڪندا آهن. پر تمام ٿورن شاعرن ۾ سرواڻ سنڌي سرِ فهرست شاعر آهي، جنهن جي نظم کان پوءِ جڏھن به نثر پڙهندو آهيان ته آئون پنهنجي راءِ تان هٿ کڻي ويندو آهيان، سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهيان ته اگر مون کي هن ليکڪ جي نثر يا نظم مان ڪنهن هڪ صنف جي چونڊ ڪرڻي پوي ته ڪهڙي جي چونڊ ڪندس؟زندگيءَ جڏهن هڪ جهڙيون شيون ڏسندي ٿڪندي آهي ته پوءِ دلچسپيءَ جا نوان دڳ ڳولڻ لڳندي آهي ۽ هن وقت سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ هڪجهڙائي جي جمود پڙهندڙن کي دلچسپيءَ جا نوان دڳ ڳولڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ پوءِ ڪجهه ته ڪنهن ٻي ڪرت کي ڳولي ان ۾ وقت کي وڃائين ٿا يا مستقل پڙهندڙ پڙهڻ جو نئون مواد ڳولڻ ۾ لڳي ويندا آهن، سو اهڙن ڪجهه ڪتابن ۽ ماحول کان بيزار ٿي سرواڻ سنڌي جو هڪ اڻ ڇپيل ناول “روم نمبر سورنهن” جيڪو شروع ۾ ته هڪ ڪهاڻي جي رُوپ ۾ ڌيان ڇڪايو پر پوءِ ان هڪ ئي قسط کان پوءِ ناول ۾ تبديل ٿي ويو.
آئون پنهنجي تمام ٿوري پڙهڻ واري دور ۾ هي پهريون ناول جيڪو قسطوار پڙهي رهيو آهيان. قسطوار تخليق مون کي ذرو به متوجهه نه ڪري سگهندي آهي، اها منهنجي خامي آهي، پر سرواڻ سنڌي جي قسط وار هلندڙ ناول نه صرف مون کي مستقل طور تي پڙهڻ تي مجبور ڪيو پر لکڻ تي به مجبور ڪيو . هي ناول رومانوي آهي، تاريخي آهي، يا مورڳو ئي سندس آتم ڪٿا آهي. ليکڪ سنئين سڌي آتم ڪٿا لکڻ کان لنوائي ويو آهي ڇاڪاڻ ته جيترو سچ ناول جي آڙ ۾ لکي رهيو آهي شايد آتم ڪٿا ۾ نه لکي ها. سرواڻ سڄاڻ ليکڪ آهي، وڏي استادي ڪري ويو آهي، ناول جي نالي تي آتم ڪٿا لکي ويو آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي ان سان ڪوئي اختلاف به رکي سگهي ٿو. ڪوئي مڃي يا نه پر هي سرواڻ جي آتم ڪٿا آهي. هتي هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا آهن. ليکڪ چوي ٿو ته هي ناول آهي پر پاڻ چئون ٿا ته هي آتم ڪٿا آهي. پنهنجي ڳالھه دل ۾ رکي ليکڪ جي ڳالهه مڃبي ته ناول آهي. پر آهي پٺاڻ واري ڪار. هڪ پٺاڻ کي سنڌي ٻِيانو مٿي ۾ وهائي ڪڍيو. سو همراهه رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. پٺاڻن پڇيس ته تو کي ڇا هنيو اٿس؟ پٺاڻ کي سمجهه ۾ ئي نه اچي ته ڇا هنيو اٿس! سو جواب ڏنائين ته “دکاني مين ايڪ، لگاني مين دو”. مون کي ته ايئن لڳي ٿو ته سرواڻ جو هي ناول هڪ جلد تي نه پر وڌيڪ جلدن تي مشتمل هوندو، ناول روم نمبر سورنهن ۾ ڇا آهي؟ هن ناول ۾ هانءُ ۾ چڀندڙ جملا آهن. سماج تي طنز آهي. حُسناڪي آهي. ڇڙواڳي آهي. هانءُ ۾ چڀندڙ جملا ڪٿي آهن؟ سماج تي چٿر ڪٿي ٿيل آهي؟ حُسناڪي ته هرهنڌ آهي، پر ڇڙواڳي ڪنهن جي ۽ ڪٿي آهي، اها هن ناول کي مڪمل طور تي پڙهڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي. هاڻي اچون ٿا ناول تي، سرواڻ جنهن جون ٽيهه کن قسطوُن سوشل ميڊيا تي رکي، پوءِ پڙهندڙن کي ناول جي ڪتابي شڪل ۾ اچڻ لاءِ اوسيئڙو ڪرائڻ شروع ڪيو آهي، هاڻي جيئن ته هتي هر قسط تي لکڻ ممڪن ناهي. آئون هن ناول جي قسط نمبر ٻارهين جا ڪجه جملا حوالي طور سامهون آڻڻ چاهيندس. “پر تون ڇو ٿو روئين؟ مون چيو اڄ هڪ ٻڍڙي عورت کي ڏٺم، سندس هٿ ۾ اٽي جي ٿيلهي هئي ۽ آٿڙجي ڪرڻ تي ٿيلهي ڦاٽي پئي ۽ اٽو مٽيءَ ۾ ملي ويو. ان اهو اٽو مٽيءَ سوڌو پنهنجي پوتيءَ ۾  ٻڌي کڻندي ڀڻڪو ڪيو مالڪ! ڪلو مان ڏيڍ ڪلو ڪري ڏيڻ جا ٿورا پر ڌيءَ کي اڳي ئي سلهھ کنگهه آهي اها نه کائي سگهندي. تون اسان کي ڏئين به ايئن ٿو جيڪو اسان غريبن کان هضم به نه ٿو ٿئي. بس! ايترو ۽ اهڙو ڏي جو هضم ڪري سگهون.
سرواڻ سنڌي جون هي سٽون رڙيون ڪري نشاندهي ڪن ٿيون ته هو ڊرائنگ روم ۾ ويهي ليکڪ ناهي ٿيو پر زندگيءَ جا رولڙا ڏسي ۽ سهي هن مرتبي تي پهتو آهي. سندس سڄو ناول ڀرپور آهي.سندس ناول مان بس ڪي ٿورا جملا هي به پڙهي ڏسو ۽ پوءِ صبر ڪيو ناول جي مڪمل ڇپجي اچڻ جو!
“استادن جي آفيس جا چڪر ڪنهن درگاهه جي زيارت وانگر” 
“صدر ۾ ڊاڪٽر مارڪيٽ…. سندن نالن جون چمڪندڙ پليٽون” 
“ڊاڪٽر اڪثر اديب رضوي بڻجي ماڻهن جي بڪين ۽ زندگين سان ايئن کيڏندا آهن جيئن ننڍپڻ ۾ بلورن ۽ ماچيس جي پتن سان کيڏندا هئاسين”  اڄڪلهه جي تعليمي ادارن جو الميو سرواڻ هن ناول جي هن قسط ۾، هڪ جملي ۾ هيئن بيان ڪيو آهي ته “ساديون ڇوڪريون ته ايئن چڪرائجي وينديون آهن جيئن چوڏيل تي چڙهڻ کان پوءِ چڱن ڀلن جا مٿا ڦري ويندا آهن”سج، لهڻ جي لاءِ پنهنجي اکين تي هٿ رکڻ جو سوچي رهيو هو” شاعر ڀلي نثر ئي لکي پر ان ۾ شاعري جو عڪس ضرور ڇڏيندو.  هاسٽل جي ڪمري جي کڙڪي مان ڇوڪريون ٻاهر وڻندڙ نظارا ناهن ڏسنديون پر مستقبل جا خواب ڏسنديون آهن ۽ ڇوڪرا وري انهن ڇوڪرين کي ڏسندا آهن جيڪي اهڙا خواب ڏسنديون آهن”
“وڇوڙو ڇا آهي؟ وڇوڙو راهه جي اها ڌنڌ آهي، جنهن ۾ اسان هلندي هلندي گُم ٿي ويندا آهيون” 
هاڻي جڏهن يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ لکيل ناولن تي رهجي ويل تنقيد هڪ دفعو وري  شروع ٿي آهي، تڏهن هن ناول تي لکڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي . ڇاڪاڻ ته هي ناول به يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ ئي آهي. ناول “روم نمبر سورنهن” مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي جڏهن شايع ٿي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچندو تڏهن پڪ آهي ته هيءَ ناول هڪ اهڙي ڪلاسڪ ناول جو درجو ماڻيندو جيڪو هر دل جي ترجماني ڪندو رهندو ۽ اها به پڪ آهي ته يونيورسٽي جي هر ڇوڪري ۽ ڇوڪري وٽ ان ناول جي ڪاپي ضرور هوندي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *