تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ناول جو تنقيدي جائزو … سندرتا ۽ ڪروڌ … اڪبر لغاري

نور جوڻيجي جو هي ٻيو ناول آهي، اسلوب، ٻولي ۽ ڪردارنگاري جي حوالي سان پهرئين ناول سان تمام گھڻي مشابهت رکي ٿو. هن ناول جي ڪهاڻي هڪ افساني جيتري ئي آهي. سنڌياچ ۽ ميرا، حيدرآباد ۾ هڪ اين جي او ۾ گڏ ڪم ٿا. ميرا عمر توڙي عهدي ۾ سنڌياچ کان ڪجهه سينئر آهي. ٻنهي جي ذاتي زندگي هڪ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي. ٻئي سٺا دوست ۽ هڪٻئي کي پسند ڪندڙ آهن، ڪچهريون ڪن ٿا، هوٽلنگ ڪن ٿا ۽ گڏجي سگريٽ پيئن ٿا. ٻنهي کي هڪٻئي جي زندگي جي ڪا ڄاڻ ڪونهي پر ٻيئي حقيقت ۾ ڏاڍا اداس ۽ اندروني طور ٽٽل لڳن ٿا. هڪ ڏينهن ميرا کيس ميرپورخاص پهچڻ جو چوي ٿي ۽ پاڻ سنڌياچ کان پهرين ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي پهچي وڃي ٿي جتي هو پنهنجي ماضي تان پردو کڻي ٿي. خبر ٿي پوي ته ميرا جو تعلق ٿر جي سوڍن راجپوتن سان هو جيڪي پنهنجين ڇوڪرين جون شاديون بارڊر جي هن پار ڪرائيندا آهن. چوڏهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ ٻين ڇوڪرين کي، ڀارت مان آيل ڪجهه ماڻهو زبردستي گهليندا، ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ۾ چاڙهي، کوکراپار جي ذريعي راجسٿان پهچائين ٿا. اتان ميرا جو مڱيندو کيس پنهنجي ڳوٺ بدران، جوڌپور ويجهوهڪ ڳوٺ بشنوئي وٺي وڃي ٿو جتي محفل سجيل آهي ۽ رقاصائون گھومر رقص ٿيون ڪن. ميرا جو مڱيندو آفيم کائي بي سڌ سمهي ٿو رهي ۽ رقاصائون، ميرا کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃن ٿيون ۽ کيس رقص سيکارين ٿيون. ميرا رقص ۾ ماهر ٿي وڃي ٿي ۽ سڄي راجسٿان ۾ پنهنجي رقص ۽ حسن سبب مشهور ٿي وڃي ٿي. رقاصائن جو سربراهه، ميرا کي ڪلڪتي جي بازار حسن ۾ وڪڻي اچي ٿو جتي هو تيرهن سال رهي ٿي. اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ماڻهو ميرا تي موهت ٿي پوي ٿو ۽ کيس اتان خريد ڪري پاڪستان وٺي اچي ٿو. جتان پوءِ  ميرا، اين جي او جي جهان ۾ داخل ٿي فليٽ ۽ ڪار جي مالڪياڻي به ٿي وڃي ٿي جتي سنڌياچ به ڪم ڪري ٿو.
ڪهاڻي چاهي اها ناول ۽ افساني جي هجي يا ڊرامي ۽ فلم جي، ان ۾ هڪ ڳالھه جو خاص خيال رکڻو پوندو آهي جنهن کي انگريزي ۾ (Verisimilitude) چوندا آهن، جنهن جو مطلب آهي تي اها ڪهاڻي جيڪا سچ جهڙي لڳي. )ظاهر آهي افسانوي ادب ۾ سچيون ڪهاڻيون ته نه لکبيون آهن. افسانوي ادب هوندو ئي تخيل جي پئداوار آهي.)  يعني ان جا ڪردار ۽ واقعا حقيقي لڳن. ميرا  جي ڪهاڻي پڙهي ان تي سچ جو گمان ئي نٿو ٿئي. اول  ته سوڍا پنهنجين ڇوڪرين جي شادي ٻنهي خاندانن جي موجودگي ۾ ڪرائيندا آهن پوءِ  اها شادي هتي ٿئي يا ڪنوار جا مائٽ ڪنوار کي وٺي ڀارت وڃن. ائين ٿيندو ئي ناهي ته سوڍا پنهنجون ڇوڪريون بغير شادي جي انهن جي حوالي ڪن ۽ اهي ڪنهن رسم کان سواءِ ، رات جي اونداهي ۾ مائٽن سامهون گهليندا وٺي وڃن ۽ ٻڌي اٺن تي کڻي وڃن!
ناول ۾ استعمال ٿيل ٻولي ۾ آرٽسٽڪ ۽ تخليقي ڇهاءُ ته آهي پر پروف جي غلطين ۽ غلط تشبيهن ناول جي جماليات جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. نئريٽر، سنڌياچ ۽ ميرا جي گفتگو ۾ يڪسانيت آهي. ائين لڳي ٿو هڪ ئي ماڻهو ڳالهائي پيو.ٻولي سان هاڃا ۽ مشاهدي جون ڪمزوريون به جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون، ” …پر هو اهڙي عورت جي تلاش ۾ هو جنهن جو من ڪارونجھر جيان اونهو هجي،“ جبل اوچا، وسيع ۽ مضبوط ته هوندا آهن پر انهن لاءِ  اونهائي جي تشبيه اڻٺهڪندڙ آهي. ” ميرا بهار جي مند جيان پنهجي وجود ۾ وکري چڪي هئي“ بهار جي مند جيان وکرڻ غلط تشبيه آهي. ” …ڪرڀ سان سرشار لهجا اکين جي پولار تي تري ايندا هئا“.  محبت۽ خوشي ۾ ته ماڻهو سرشار ٿي سگھي ٿو پر ڪرڀ ۾ بلڪل نه. ”جيڪو ماڻهو رات جي پسگردائي ۾ پنهنجي پاڻ کان پڇي ٿو“. پسگردائي لفظ زمان نه پر مڪان لاءِ  استعمال ٿيندو آهي. هن مشاهدي جي باري ۾ ڇا چئجي! ”ريگستان مان گذرندڙ گاڏي جي ڀيانڪ گھنڊ جيان لڳندو آهي!“ ريل گاڏي جو ڪو گھنڊ ٿيندو آهي ڇا؟ ” سنڌياچ جي من ۾ غلاظت برپا ٿيڻ لڳي“ غلاظت برپا ٿيندي آهي ڇا؟
نور جي ٻنهي ناولن جو مک ڪردار تقريبن ساڳيو ئي آهي. هن ڪردار جو نفسياتي جائزو وٺجي ته هي ڪارل يونگ جي ٻڌايل شخصيتن جي اٺن قسم مان هڪ آهي جنهن کي باطنيت پسند شخصيت (Introvert Personality) چئي سگهجي ٿو.  سادگي پسند، گھٽ ڳالهائو، اداس مفڪر جيڪو سماجي مسئلن تي سوچي ۽ ڪڙهي ٿو پر انهن جي تبديلي لاءِ  پاڻ ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ  تيار ناهي. هن ۾ متحرڪ ڪردار واري ڪا خوبي ڪانهي. هن وٽ نه ته منزل جو ڪو واضع خاڪو آهي نه ئي وري ان طرف سفر ڪرڻ لاءِ  ڪا وک وڌائي ٿو. سگريٽ ڇڪي پنهنجو اندر ساڙي ٿو ۽ موسيقي ٻڌي پنهنجو اندر ٺاري ٿو. اهڙن ڪردارن کي ائنٽي هيروبه چيو وڃي ٿو جن ۾ همٿ ۽ اخلاقي جرئت جي کوٽ هوندي آهي. ميرا جي ڪهاڻي ٻڌڻ کان پوءِ ، جيڪڏهن هو اخلاقي جرئت ڪري سندس هٿ پڪڙي ها ته اهو سندس عظيم قدم هجي ها پر اهڙن ڪردارن ۾ هن قسم جي بهادراڻي عملي قدم کڻڻ جي صلاحيت نه هوندي آهي.. هن ڪتاب مان غير ضرور معلومات ۽ گفتگو ڪڍي، ٻولي سڌاري، ڪهاڻي بهتر ڪجي ته هي هڪ بهترناول ٿي سگهي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *