تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ناول جو تنقيدي جائزو … اڪبر لغاري

بانو محبوب جوکيو ڪافي عرصي کان ڪهاڻيون لکندي رهي آهي. ناول لکڻ جي هي سندس پهرين ڪوشش آهي. ۱۱۷ صفحن جي هن مختصر ترين، “ناول” جي ڪهاڻي به انتهائي مختصر آهي. حيا، هن ڪهاڻي جو مک ڪردار آهي. لوئر مڊل ڪلاس جي هن فيملي ۾ حيا، سندس ماءُ، پيءُ ۽ ننڍي ڀيڻ مونا آهي. سندس ڏاڏو ۽ ڏاڏي به گھر ۾ رهن ٿا. سندن پاسي ۾، حيا جي پڦي زرينه جو گھر آهي جيڪا پنهنجي مڙس ۽ هڪ پٽ ملهار سان گڏ رهي ٿي. حيا پنهنجي مزاج ۾ سادي سودي آهي پر مونا تيز ترار ۽ گھڻ ڳالهائو هجڻ سان گڏ حسين به آهي. ننڍي هوندي کان وٺي، ماءُ جو راز به مونا تي آهي. مونا، هر وقت حيا کي ستائيندي رهي ٿي ۽ هن کي گھٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪو موقعو هٿان نٿي وڃائي. ننڍي هوندي کان وٺي، حيا جي ماءُ، حيا کي طعنا تنڪا، مار ڪٽ ۽ گار گند ڪندي رهي ٿي ۽ مونا کي هر ڳالهه ۾ حيا تي فوقيت ڏي ٿي. حيا ننڍي هوندي کان روئڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي عادي ٿي وڃي ٿي. ماءُ ۽ ڀيڻ جي تضحيڪ آميز رويي جي ابتڙ هن کي پڦي زرينه جي گھر ۾ محبت ۽ عزت نصيب ٿئي ٿي، جنهن سبب هو گھڻو وقت هن جي گھر ۾ گذاري ٿي. جيڪو حشر، حيا جي ماءُ حيا سان ڪري ٿي، اهو ساڳيو حشر، ساڻس وري سندس سس ۽ مڙس ڪندا رهيا هئا جنهن جو اڻ سڌو بدلو، هوءَ حيا کان وٺندي رهندي هئي.
هن ڪهاڻي ۾ استعمال ٿيل ٻولي وڻندڙ، دلچسپ ۽ گھريلو قسم جي آهي. جا بجا پهاڪا استعمال ٿيل آهن جيڪي موقعي جي مناسبت سان سٺا لڳن ٿا ۽ ڪي ڪي ته اهڙا مزيدار آهن جو بي اختيار کل نڪريو وڃي. پهاڪا، ٻولي جو سينگار هوندا آهن پرضرورت کان وڌيڪ سينگار، ڪهاڻي جي جماليات تي سٺو تاثر نٿو ڇڏي. ساڳي ڳالهه شاهه لطيف جي بيتن سان به آهي جيڪي کوڙ سارا لکيا ويا آهن. ڪيترائي بيت موقعي سان ٺهڪي اچن ٿا پر بيتن جي ايتري ڀرمار آهي جو لڳي ٿو ته ڀٽائي جي ميلي تي پڙهيل ڪنهن سيکڙاٽ جو تحقيقي مقالو آهي. هي ڪهاڻي پڙهندي، منهنجي اکين جي اڳيان، ڀارتي چئنلن تان هلندڙ سوپ سيريلز ڦري رهيون هيون. ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي، بڙي اڇي لگتي هين وغيره جن ۾ ننهن کي سس کان شڪايت، ڀاڄائي کي نڻان کان شڪايت، ڀيڻ کي ڀيڻ سان شڪايت، ذو معنا گفتگو کان وٺي هڪٻئي جي شڪايت ڪري ذليل ڪرائڻ تائين جهڙا سين ڀريا پيا هوندا آهن. هي ناول به اهڙن ڊرامن جو تسلسل لڳي ٿو.
هي ناول بدران ڪا طويل خودڪلامي ٿي لڳي. حيا توڙي سندس ماءُ جي گفتگو ۾ يڪسانيت ڏاڍي آهي. هڪ ئي لهجي ۾ گھريلو ڪروڌ ۽ هڪٻئي سان کٽ پٽ جو ورجاءُ ٿيندو رهي ٿو جنهن ۾ ڪم جي ڪابه ڳالهه نه هجڻ جي برابر آهي. اهو ڪروڌ ڪهاڻي کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪا به مدد نٿو ڪري بلڪ ڪهاڻي کي جامد ڪري ٿو ڇڏي. ڪهاڻي اڳتي وڌندي آهي چر پر ۽ ڪنهن عمل سان پر هتي ته رڳو ڪروڌ ۽ احساسِ مظلوميت جو گردان آهي. ناول جي وڏن خوبين واري مک ڪردار کي متحرڪ (Dynamic) ۽ بي عمل ڪردار کي جامد (Passive/ Static) چيو وڃي ٿو. جامد ڪردار نه ته حالتن جو رخ موڙي سگھڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ نه ئي حالتن مطابق تبديل ٿي سگھن ٿا. هو شروع کان وٺي آخر تائين اهڙي جا اهڙا هوندا آهن. رڳو حالتن جا وار سهندا آهن ۽ پنهنجي ڪم همٿي سبب ڀوڳيندا رهندا آهن. مک ڪردار حيا به هڪ جامد ڪردار آهي جيڪا روئڻ ۽ برداشت ڪرڻ کان پوءِ ننڍڙا ننڍڙا خواب ڏسي ٿي پر انهن جي ساڀيان لاءِ ڪري ڪجھه به نٿي. اسان جي سماج ۾، ڇوڪرين کي ننڍي هوندي کان وٺي روئڻ برداشت ڪرڻ ۽ درويشياڻي بنجي زندگي گذارڻ جي تربيت (Indoctrination) گھر، اسڪول ۽ پاڙي ۾ ملڻ شروع ٿئي ٿي. اڄ جي دور ۾ اهي خوبيون نه پر خاميون ليکيون وڃن ٿيون.
هر ناول ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ عدد قضيو (Crisis) هوندو آهي جيڪو مک ڪردار لاءِ هڪ للڪار بنجي ايندو آهي جنهن جي جواب ۾ مک ڪردار کي چاهيندي يا نه چاهيندي به ان کي حل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي پوري توانائي ۽ صلاحيتن کي جاڳائي، باعمل ٿيڻو پوندو آهي. ڪاميابي يا ناڪامي پوءِ جي ڳالهه آهي پر هتي ڪو اهڙو قضيو جنم ئي نٿو وٺي. هتي سس، ننهن، ڀاڄائي، نڻان ۽ ماءُ ڌي، لفظن جي هٿيارن سان پاڻي پٽ جون جنگيون پيون وڙهن. انگريزي چوڻي مطابق هي،“ چانھه جي ڪوپ ۾ آيل طوفان آهي.“ حيا جهڙين، ڏکايل، گھڻ سهو ۽ پنهنجي منهن اندر ۾ گھٽجندڙ ڪردارن تي مبني ڪهاڻين سان خواتين ڊائجسٽ، سلامِ عرض ۽ جوابِ عرض جهڙا رسالا ڀريا پيا آهن جن کي گھريلو عورتون پڙهي اهي به پنهنجي پاڻ کي خواهه مخواه مظلوم سمجهي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳن ٿيون.اهڙن بي عمل ۽ بي همٿ ڪردارن جي بنياد تي لکيل ڪهاڻين کي ناول چئجي به يا الائي نه…

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *