تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

ناول….تنهنجو انتظار ڪرڻو آهي….ممتاز بخاري تبصرو: سعديه سيف انصاري

ڪتاب جي نالي جيان ڪهاڻي هڪ عورت جي انتظار تي مشتمل آهي جيڪا هو پنهنجي مڙس لاءِ ڪري رهي آھي. گڏوگڏ هڪ الله لوڪ انسان جي جيڪو هن عورت جو مڙس هوندو آهي۔ڪهاڻي انهن واقعن کي بيان ڪري ٿي جيڪي انهن سان ان وقت پيش اچن ٿا جنهن مهل هڪ ٻئي کان ڌار ٿين ٿا۔ لکندڙ اهڙي ريت ڪهاڻي کي سبقن ۾ورهايو آهي جو پڙهندڙن ۾ دلجسپي وڌنڌي ٿي وڃي، ناول جي پلاٽ کي ناول جي خصوصيات مطابق تخليق ڪيو ويوآهي لکندڙاهڙي انداز ۾ منظر بيان ڪياآهن جيڪي پڙهندڙن لاءِ ڪهاڻي کي اڃان وڌيڪ دلچسپ ۽ پر تجسس بڻائي رهيا آهن۔ڪهاڻي ۾ پراڻي روايتن جي عڪاسي ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته خميسي جي گهر ٽن ڌيئرن کان پوءِ پٽ جي پيدائش ٿيندي آهي ته هو خوشي مان نه ماپبوآهي ۽ پوٽي جي نالو رکڻ لاءِ چار چنڱا گهرائيندو آهي۔ ڪافي تلاش کان پوءِ کيس نالو ملندوآهي لطنور ۽ ڪهاڻي ان تي ئي مبني ھوندي آهي۔ڪهاڻي جو ٻيو مرڪزي ڪردار رباب آهي۔ رباب ۽ لطنور هڪ ئي سڪي جا ٻه پهلو آهن۔ رباب پنهنجي مڙس جي وڃڻ کان پوءِ اڪيلي رهي ٿي جيتوڻيڪ رباب وٽ سومر ۽ صحبت جهڙا مثال اچن ٿا۔ اهڙي ريت لطنور وٽ مريم ۽ فنيلا جهڙا مثال اچن ٿا۔ جيڪي قدرت جي برابري سان گڏ لکندڙ جي ڪردارن۾ برابري پڻ واضع ڪري ٿي۔
ناول ۾ ڪردارن جي چونڊ تمام سهڻي نموني ڪئي وئي آهي۔ هرڪردار پنهنجي نمايان خاصيت رکي ٿو۔ڪهاڻي جا مک ڪردار رباب ۽ لطنور آهن۔ لطنور بنهنجي منفرد نالي جيئان هڪ منفرد سوچ ۽ روحاني طبيعت رکندڙ هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو پڙهڻ لکڻ ۾ عام ماڻھو کان وڌيڪ هوشيار ۽ انگريزي ڳالهائڻ ۾ به تيز آهي۔ پر پنهنجي خوبين کان بر عڪس ان کي عام ماڻھن واري زندگي بسر ڪرڻ پسند ناهي۔ پنهنجي ماءُ جي مرڻ کانپوءِ ھن انسان ذات کان پري پهاڙن تي وڃي پنهنجهي زندگي گذارڻ لگو۔ هو هميشه پنهنجي پاڻ جي ڳولھا ۾ هوندو هو۔ ان کي نه کائڻ جو نه ئي پائڻ جو عقل بچيو هو۔ هو دنيا کان بيخبرٿي پنهنجو پاڻ کي قدرت جي هر شئي ۾ سمائي رهڻ لگندو آھي۔ ان دوران ان جي ملاقات ڪيترن ئي ماڻهن سان ٿيندي آهي۔ ڪجھه هن کي ملنگ ته وري ڪجھه ان کي مرشد جو نالو ڏيندا آهن۔
ٻئي پاسي رباب به هڪ عام عورت کان ڪجهه وڌيڪ آھي۔ سندس روحانيت جي ڪري ان جون ڳالهيون ان جي عمر کان گهڻو وڏيون آهن۔ هو پنهنجي ڳوٺ جي پهرين پڙهيل لکيل ڇوڪري هجڻ سان گڏ سهڻي ۽ سمجهدار به هئي۔ اهو ئي سبب هو جو اها ننڍي عمر هجڻ جي باوجود پاڻ کان ٻيڻ تي وڏي عمر جي شخص سان شادي لاءِ خوشي سان راضي ٿي وئي ۽ ان جي انتظار ۾ رهڻ لڳي۔ لکندڙ ربا ب ۽ لطنور ۾ روحاني هڪجهڙائي مختلف اندازن ۾ ڏيکاري آهي۔ جيڪا کين ورثي مان مليل آهي۔ ٻئي پاڻ ۾سئوٽ هئا ۔ سنڌن ڏاڏو هڪ هو جيڪو پڻ روحانيت وارو ۽ الله لوڪ طبيعت جو مالڪ هو۔ مرڪزي ڪردارن کان سواءِ ڪهاڻي ۾ ٻيا ڪردار به اهميت جا حامل آهن ۔صحبت جهڙاڪردار زماني جي عقاسي ڪن ٿا۔ هي ناول نه رڳو سنڌي ٻولي ۾ لکيل آهي پر ان ۾ سنڌي ثقافت جي عڪاسي پڻ ڪئي وئي آهي۔سنڌي ثقافت کي اهڙي نموني بيان ڪيو ويو آهي جو ان ۾ اڄ جي زماني جي عڪاسي پڻ ٿئي ٿي۔ جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا ذريعي ڳالهيون پڌريون ٿيڻ، پرڏيھه مان فنيلا جهڙي ريسرچرز جو اچڻ وغيره۔
ناول تمام سادي ٻولي ۾ لکيل آهي پر خيالن کي پيش ڪرڻ جو انداز ايترو پرڪشش آهي جو پڙهندڙ کي ديوانو بڻائڻ جو حق رکي ٿو۔ خيالن کي جهڙي ريت رباب ۽ لطنور ذريعي پيش ڪيو ويو آهي اهو روحانيت جي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو۔ ناول ۾ ڪهاڻي سان گڏوگڏ ڪردارن جي وچ ۾ ڊائيلاگ پڻ ڏيکايا ويا آهن ۽ ڪجھه مخصوص ڪردارن لاءِ پراڻي ٻولي پڻ استعمال ڪئي وئي آھي ۔ ڪهاڻي کي بيان ڪرڻ جو اندازاهڙوته لطف اندوز آهي جو انسان جي سوچڻ جي قوت سان گڏوگڏ پنجن ئي حواسن کي اجاگر ڪري ٿي۔ ناول ۾ شاهه لطيف جي شاعري کي پڻ ساراهيو ويو آهي۔ رباب جي ذريعي ڪيترا ئي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to ناول….تنهنجو انتظار ڪرڻو آهي….ممتاز بخاري تبصرو: سعديه سيف انصاري

  1. Sadia Saif Ansari says:

    Thank you!

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *