تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ناول تنهائي جا سئوسال … گابرئيل گارشيا مارڪيز …اُستاد نــظــاماڻي

هي ناول مون سنه 2011ع ۾ خريد ڪيو هو، انهن ڏينهن ۾ ڪجهه صفحا پڙهي سگهيس، ڪتاب اڌ ۾ رهجي ويو، مان ڪتابن جي ڪنهن ٻي دنيا ۾ هليو ويس، ائين پوءِ ڪن سببن ڪري اهو ناول بوڪ شيلف ۾ پيو رهيو، هن لاڪ ڊائون ۾ پڙهڻ لاءِ ڪجهه ڪتاب سليڪٽ پئي ڪيم ته هن ناول کي به ٻاهر ڪڍي ٽيبل تي رکيم، …. 6 مارچ مارڪيز جو جنم ڏينهن آهي، انهي شام مون هي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو، 17 اپريل تي پڙهي پورو ڪيم، 17 اپريل گارشيا مرڪيز جي وفات جو ڏينهن آهي، آئون هي ڪتاب هن جي جنم کان وٺي مرڻ تائين پڙهندو رهيس. (مارڪيز 6 مارچ 1927ع ۾ جنم ورتو، 17 اپريل 2014ع ۾ وفات ڪري ويو) منهنجي عادت آهي جڏهن ڪتاب پڙهندي خيال وکرڻ لڳندا آهن يا سوچون منتشر ٿيڻ لڳنديون آهن ته ڪتاب نه پڙهندو آهيان، ان ڪري ڪجهه ڪتاب پڙهڻ ۾ وقت لڳي ويندو آهي، ڪي ڪتاب ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ به پڙهي پورا ڪبا آهن. هي ناول منهنجي جنم کان ٻه سال اڳ ۾ شايع ٿيو، يعني 1967ع ۾، مون پڙهيو اپريل 2020ع ۾ جڏهن منهنجي عمر 51 سال ٿي وئي، مٿي جا وار به خزان رت جيئان ڇڻڻ لڳا آهن، جڏهن جسم کي ٽيڪ ڏيڻ جي عمر شروع ٿئي ٿي. ناول جون آخري سٽون ڪمال جون آهن.
“جيڪي نسلون هڪ سوسال جي تنهائي جو شڪار ٿي وڃن، انهن کي هن ڌرتي تي زندهه رهڻ جو ٻيو موقعو ناهي ملندو” ناول هڪ ڪٿا آهي هڪ ڳوٺ جي اجڙڻ آباد ٿيڻ، وري اجڙڻ جي، هڪ ڪٿا آهي بوئندا خاندان جي، جنهن جي لاءِ ليکڪ ڏاڍو خوبصورت جملو استعمال ڪيو آهي، “هي يادون آدم جي والد کان به اڳي جون هيون”هو اڳتي هڪ ڊائيلا گ ۾ چوي ٿو، “ماضي سراب آهي، محض هڪ ڪوڙ . ياداشت آخر انسان کي ڇا ٿي ڏي. بهار جي موسم ۾ جهومڻ وارا بادل موٽي ڪون ٿا اچن، هر محبت ڪنهن عارضي سچ جي محتاج آهي” “انهن کي حيرت ٿي ته دلدلي زمين ۾ لڪيل هي بستي انهن کي ڪيئن لڌي؟ پُکيداسن اقرار ڪيو ته، هو پکين جي گيت سبب هتي پُهتا آهن.”طنز..هڪ ڪڪڙ وڙهائيندڙ شوقين جڏهن هارجي ٿو وڃي ته کٽي ويندڙ کي چوي ٿو. “ مبارڪ هجئي، شايد هاڻ هي مرغو تنهنجي جوءِ جي سٺي خدمت ڪندو!” جوزي آرڪيدو بوئندا، اها گار برداشت ڪون ٿو ڪري سگهي، واپسي ۾ همراه کي قتل ڪري ٿو ڇڏي.
خانه جنگي دوران جڏهن قدامت پسند سرڪاري فوجن جي بمباري ۾ چرچ کي نقصان ٿو ٿئي ته، باغي لبرل وري ان جي مرمت ڪن ٿا. ان تي پادري چوي ٿو، “هي ڇا آهي؟ يسوع مسيع تي يقين ڪرڻ وارا چرچ ٽوڙين ٿا، آزاد خيال انهن کي ٻيهر جوڙين پيا.” هن ناول جا ٻيا بهترين جملا جيڪي مون ڪتاب تي انڊر لائن ڪيا.
“ڪجهه ديرکانپوءِ واڍو تابوت جي لاءِ ماپ وٺي رهيو هو، هن دري کان ٻاهر ڏٺو ته ٻاهر ننڍن ننڍن پيلن گُلن جي بارش وسي رهي هئي، انهي خاموش چُپ چاپ طوفان ۾ سڄي رات گُل وسندا رهيا، گهرن جون ڇتون انهن گُلن سان ڀرجي ويون، دروازا بند ٿي ويا رات جو ٻاهر وڃڻ وارا جانور گُلن ۾ گم ٿي ويا. آسمان مان ايڏا ته گُل وسيا جو صبح جو ماڻهو گُلن جي نرم گاديلن تي هلي رهيا هئا، انهن کي بيلچن ۽ پهوڙين سان دروازا ۽ گليون صاف ڪرڻيون پيون جيئن جوزي آرڪيدو بوئندا جو جنازو گلين مان گذري سگهي.”
“ پيلار ترنيرا (خوبصورت عورت) جا پن سُڪي ويا هئا، هن جا ٽهڪ بي سُري موسيقي جيئان هئا. هن جون ڇاتيون پيٽ تائين لڙڪي آيون هُيون، گهڻي چرٻي ڪري هن جو پيٽ ۽ ٽنگون ڪنهن فاحشه عورت جهڙيون ٿي ويون هُيون، هو اندريان مري چڪي هئي.” “پوڙها دوست ياد رک،” هن جنرل کي چيو، “هي مان توکي گولي ڪون پيو هڻان، هي انقلاب آهي جيڪو توکي گولي هڻي پيو.” “ مرد ڪيترا عجيب هوندا آهن،” هن چيو، ان کان علاوه هن وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، “هو عمر ڀر پادرين خلاف وڙهندا رهيا، تحفي ۾ دعائن جا ڪتاب وٺي ايندا آهن.”
”پادري چيو، شايد شيطان خدا جي مقابلي ۾ کٽي ويو، جنت ۾ هاڻ تخت تي اُهو ويٺو آهي.” “انهن اُهي ڪم شروع ڪيا جيڪي پهرين خدا ڪندو هو، انهن بارشن جو طريقو بدلائي ڇڏيو، فصلن جي پڪڻ جا ڏينهن گهٽ ڪري ڇڏيا، دريائن جو رخ موڙي ڇڏيو، ان جي وهڪري اڳيان پٿر رکي بند ٻڌي ڇڏيا،”“انهن، انهن کي هڪ ٻئي جي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو. ”
ناول ۾ مرد عورت جي ميلاپ جي جذبن جو اظهار جيڪو مارڪيز ڪيو آهي، مان هتي لکي نه ٿو سگهان، واقعي انسان سماجي قدرن جو غلام آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *