تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

نازي ڪئمپ ۾ پيار ۽ 72 سالن کانپوءِ ٻيهر ملاقات!….ڪيرن بلينڪ فيلڊ ترجمو: منيش ڪمار

نازي ڪئمپ ۾ پيار ٿي وڃڻ يا پيار ڪرڻ وارن جي موجودگي، يقينن تصور نه ڪرڻ جوڳو خيال لڳي ٿو، پر جيئن شاعر چئي ويا آهن ته پيار کي روڪي نه سگهبو آهي، پيار ڪٿي به ٿي سگهي ٿو. هي دور هزارين بلڪه لکين ماڻهن لاءِ شديد مايوسي وارو دور هو، ماڻهن کي قيد ڪري ڪئمپ ۾ واڙيو ويندو هو، پوءِ انهن مان اڪثر واپس موٽي به نه سگهندا هئا، ڪئمپ ۾ ان جو مُٺ ۾ ساهه هوندو هو، عشق ۽ پيار جهڙيون ڳالهيون ته ياد به نه هونديون هيون.
پر هڪ انسان جي ٻئي انسان سان ڳنڍجڻ واري خواهش ۽ پيار جا احساس آئوشوِٽس نالي بدنام زمانه نازي ڪئمپ ۾ به پلجي رهيا هئا. جڏهن ماڻهو جي آسپاس دنيا ڊهي رهي هجي، ته ان وقت ٻئي انسان جي رڳو موجودگي به وڏو سهارو لڳندي آهي. هيلن اسپيٽزر ۽ ڊيوڊ وِسنيا سان به ايئن ئي ٿيو. اهي ٻئي 1942ع ۾ آئوشوِٽس ڪئمپ ۾ مليا. ڪئمپ واري زندگي جي اذيتن ۽ تڪليفن باوجود اهي پيار جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا. ان وقت ڊيوڊ فقط 17 ورهين جو هو ۽ پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيو هو، هيلن 25 سالن جي هڪ تجربيڪار نوجوان ڇوڪري هئي، هوءَ به سڪون جي چند گهڙين جي متلاشي هئي، موٽ ۾ کيس سڪون پهچائڻ جو هنر به خوب ايندو هئس.
پينسوانيا واري گهر ۾ موجود ڊيوڊ وِسنيا جون ساروڻيون ساريندي ٻڌايو ته “هن منهنجي چونڊ ڪئي هئي. مون کي ان وقت ڪابه خبر نه هئي، ته اهي معاملا ڪيئن ٿيندا آهن، زپيءَ (هيلن جو لاڏ وارو نالو) مون کي سڀ ڪجهه سيکاريو”.
ڪئمپ ۾ ڊيوڊ تيزي سان وڌي رهيو هو. اتي سندس ڊيوٽي آپگهات ڪندڙ يا طبعي موت مري ويندڙ ماڻهن جا لاش کڻڻ تي لڳائي وئي، جڏهن ته هيلن ٿورڙي خوشقسمت هئي، تجربي جي آڌار تي کيس ڪئمپ اندر گرافڪ ڊزائينر جو ڪم ڏنو ويو هو. آئوشوِٽس ڪئمپ ۾ ڪم ۽ مهارت جي حوالي کان ٻنهي کي ٿورو گهڻو تحفظ حاصل هو. ٻئي ڄڻا نازي فوجين لاءِ ڪارائتا هئا، ان ڪري ئي کين زندگيءَ جي بخشش ملندي پئي آئي. ساڳئي وقت، ڊيوڊ جو آواز به انتهائي دردناڪ ۽ سريلو هو، ان ڪري هو فوجين کي گيت ٻڌائي خوش ڪندو رهندو هو.
ايئن آئوشوِٽس ڪئمپ ۾ ڊيوڊ ۽ هيلن جو پيار پروان چڙهي رهيو هو، ٻئي هر چوٿين هفتي ڌاري فوجين کان لڪي ڪنهن محفوظ جاءِ تي ملاقات ڪندا هئا، سندن قرب ڪچهرين ۾ ڪئمپ جي ٻين قيدين به ڀرپور ساٿ ڏنو، اهي ٻنهي کي ملاقات جو ماحول مهيا ڪندا هئا. آخر ۾ ڊيوڊ ۽ هيلن ڪئمپ مان ڀڄي وڃڻ جو پروگرام جوڙيو پر ڪنهن امڪاني نقصان جي خطري سبب فرار ٿي نه سگهيا.
جنگ جي خاتمي کانپوءِ انهن وارسا ۾ ٻيهر ملڻ جا خوبصورت خواب ڏسڻ شروع ڪيا. ڪئمپ ۾ ٻين مايوس ۽ نااميد قيدين جي ڀيٽ ۾ ٻن پيار ڪندڙ دلين کي آزادي ۾ پورو يقين هو، سندن خيال هو ته جيڪڏهن اهي ڪئمپ اندر مري نه ويا، ته ضرور ملندا، اهي مرڻ کان ته بچي ويا، پر آزادي ملڻ شرط ئي ٻنهي ۾ وڇوڙو اچي ويو.
ڊيوڊ آزاديءَ کانپوءِ آمريڪي فوج لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آمريڪا هليو ويو، هن پهرين نيويارڪ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي شادي به ڪيائين، پوءِ پينسوانيا منتقل ٿي ويو. هيلن شايد اها آخري عورت هئي، جنهن ڪئمپ مان آزادي حاصل ڪئي، جتان هوءَ پنهنجي ٻاروتڻ جي ڏيهه سلواڪيا هلي وئي، جتي گڏيل قومن جي هڪ سيڪيورٽي آفيسر سان شادي ڪيائين ۽ گڏيل قومن جي انساني ڀلائي وارن منصوبن سان سلهاڙجي وئي. پوءِ ٻئي زال مڙس آمريڪا هليا ويا، جتي مختلف هنڌن تي رهڻ کانپوءِ 1967ع ۾ نيويارڪ ۾ رهائش اختيار ڪيائون.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن ڊيوڊ کي ٻه ڳالهيون شدت سان ياد اچڻ لڳيون: هڪ جنگ جي ڏينهن ۾ ٿيل پهريون پيار ۽ ٻيو هيلن طرفان سندس زندگي بچائڻ، ڇاڪاڻ ته هن لاءِ طئه ٿيل هو ته هو ڪئمپ کان ٻاهر جيئرو نه ويندو، پر هڪ گرفڪ ڊزائينر جي حيثيت ۾ هيلن مختلف ماڻهن جي ڊيوٽين توڙي سندن بئرڪن وارين لسٽن ۾ تبديلي آڻيندي رهندي هئي.
اها 2016ع جي ڳالهه آهي جڏهن کيس ٻنهي ڳالهين جو جواب مليو. ان کان اڳ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين لاڳيتين ڪوششن باوجود ڊيوڊ هيلن کي ڳولڻ ۾ ناڪام ويو، پر سندس پٽ ربي نيٺ وڃي هيلن کي ڳولي لڌو، جنهن جو نالو هاڻ هيلن اسپٽرز بدران هيلن ٽچوئر هو، جيڪا ان وقت پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ هڪ ملازم جي سهاري زندگيءَ جا آخري ڏينهن گهاري رهي هئي، سندس مڙس 1996ع ۾ گذاري چڪو هو، اولاد به نه هئس. هوءَ ملاقات لاءِ راضي ٿي وئي ۽ ڊيوڊ پنهنجي ٻن پوٽن سان گڏجي سندس اپارٽمينٽ پهتو، ڊيوڊ کي 2 پٽ ۽ 6 پوٽا پوٽيون هئا.
جڏهن اهي پهتا ته کين خبر پئي ته هوءَ بيماري جي بستري تي پيل آهي، سندس نظر ۽ ٻڌڻ جي سگهه به ڪمزور ٿي چڪي آهي. ڪجهه لمحا گهوري ڏسڻ کانپوءِ کيس خبر پئي ته هن جي اڳيان بيٺل شخص ڪير آهي. هيلن ڊيوڊ کي سڃاتو ته سندس چپن تي مسڪراهٽ پکڙجي وئي، اها ئي جواني واري مسڪراهٽ! ڊيوڊ جي پوٽي مطابق “هن جي اکين مان ايئن لڳو ڄڻ زندگي موٽي آئي هجي، اسين سڀ حيران رهجي وياسين”.
جڏهن ڊيوڊ هيلن جو هٿ پڪڙڻ لاءِ جهڪيو ته هن کانئس پڇيو “ڇا تو پنهنجي گهرواري کي پاڻ وارو قصو ٻڌايو آهي؟” ڊيوڊ کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ خوشي وچان کيس رڙ ڪندي چيائين ته “زپي”. اها ملاقات لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪن تائين جاري رهي، ٻئي ڄڻا انگريزي ۾ ڳالهائيندا رهيا.
آخر ۾ ڊيوڊ کانئس اهو سوال ڪيو، جيڪو کيس سڄي عمر پريشان ڪري رهيو هو ته “ڇا تو منهنجي زندگي بچائي هئي؟” هيلن پنجئي آڱريون مٿي ڪندي چيو، “مون توکي پنج ڀيرا بچايو هو”. ڊيوڊ وٽ پنهنجو جواب هو “مون کي ان وقت به خبر هئي ته تون مون کي بچائيندينءَ”
هيلن کيس اهو به ٻڌايو ته هوءَ آزادي کانپوءِ وارسا ۾ هن جو انتظار ڪري رهي هئي. ان وقت ڊيوڊ کي حيرت ٿي، ڇو ته هو پنهنجي واعدي مطابق جنگ کانپوءِ طئه ٿيل ملاقات تي وڃي نه سگهيو هو.
ان موقعي تي ٻنهي ڄڻن آخري ڀيرو هڪٻئي کي “آءِ لو يو” چيو ۽ پوءِ ڪڏهن به هڪٻئي کي ڏسي نه سگهيا. هيلن گذريل سال 100 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري وئي، پر ٻنهي جي آخري موڪلاڻي کان اڳ هن هڪ گذارش ڪئي ته هو کيس ڪو گيت ٻڌائي. ڊيوڊ سندس هٿ پڪڙيو ۽ کيس اهو هنگرين گيت ٻڌائڻ لڳو، جيڪو هيلن کيس آئوسوِٽس ڪئمپ ۾ سيکاريو هو، جيڪو ٻئي ڄڻا اڃان تائين وساري نه سگهيا هئا.
ڊيوڊ وسنيا 2015ع ۾ “هڪ آواز، 2 زندگيون: آئوسوِٽس جي قيدي کان هواباز تائين” جي عنوان سان پنهنجي يادگيرين جو ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن هيلن جو هڪ فرضي نالي سان ذڪر ڪيو آهي. پوءِ ٻارن جي اصرار تي هن جنگ جي اذيتناڪ گهڙين ۽ پاڻ کي بچائيندڙ ان عورت بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن وقت هو مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڃي شاگردن سان ان تجربي تي ڳالهائيندو آهي. ڊيوڊ وِسنيا جو چوڻ هو “هاڻ ته دنيا ۾ ڪي چند ماڻهو ئي بچيا آهن، جيڪي انهن ڳالهين کان واقف هجن”. ان ڪري هو نازي ڪئمپ جي حقيقتن بابت ڳالهائيندڙ چند مقررن مان هڪ آهي. ماهرن مطابق آئوسوِٽس ڪئمپ ۾ قيد ڪيل هزارين ماڻهن مان فقط 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو ئي بچي نڪتا هئا.
(نيويارڪ ٽائمز)

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *