تازا ترين
  • *وڏو وزير سيد مراد علي شاهه رين ايمرجنسي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ حيدرآباد پهچي ويو *وڏو وزير ڪمشنر ۽ ڊي سيز سميت ٻين عملدارن سان گڏجاڻي ڪندو *وڏو وزير تلسي داس پمپنگ اسٽيشن، سحرش نگر ۽ لطيف آباد ۾ برساتي نالن جو دورو ڪندو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ امريڪي عورت سنٿيارچي کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ پ پ جي درخواست تي ٻڌڻي *عدالت گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ٻيهر آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي *عدالت پاران گهرو وزارت کي درخواست تي ٽن هفتن ۾ فيصلو جاري ڪرڻ جو حڪم *
  • *مورو۾ بجلي جي تارن ۾وچڙي فوت ٿيل پورهيت جي وارثن ۽ شهرين جي علامتي بک هڙتال *بک هڙتالي ڪيمپ تي مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست جماعتن جا اڳواڻ به شريڪ *3مھينا گذرڻ باوجود گل حسن عرف ڏاڏو چوھاڻ جي وارثن کي انصاف ناهي ملي سگهيو: مظاهرين *
  • *ڪنري: رولو ڪتن وڌيڪ ٽن ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، تعلقا اسپتال منتقل *رولو ڪتن نوجوان دودي، گل محمد ۽ شير علي کي ڏاڙھي زخمي ڪيو *ھڪ مھيني دوران رولو ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻهن جو انگ 50ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال عملي جي لاپرواهي سبب عورت رڪشا ۾ ٻارڙي کي جنم ڏئي ڇڏيو *شورا ڳوٺ واسڻ عورت جا وارث مدد لاءِ ليبر وارڊ سامهون عملي کي سڏيندا رهيا پر ڪنهن مدد نه ڪئي*
  • *چونڊڪو: ڳوٺ محمود چانڊيو ۾ ٻن ورهين جي نينگر محرم چانڊيو کي پوليو جو شڪ ظاهر *گذريل هڪ مهيني کان پٽ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي: غلام اڪبر چانڊيو *سول اسپتال خيرپور جي ڊاڪٽرن پوليو جو شڪ ڏيکاريو آهي: غلام اڪبر چانڊيو*
  • *ڪنڊيارو: ڏيڍ مهينو اڳ اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري وارو مامرو*نوشھروفيروز جي عدالت پاران نينگري جي عمر جي تصديق لاءِ ٽي او تعليم ڪنڊيارو ڏانهن ليٽر جاري *نينگري جي عمر وارو سرٽيفيڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي: حڪم *
  • *گهوٽڪي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ٿيل جروار واسي جو ڪراچي جي اسپتال ۾ آپريشن *ڊاڪٽرن عبدالرحيم گبول جو آپريشن ڪري سندس گوڏي وٽان ڄنگهه ڪٽي ڇڏي *گهوٽڪي پوليس ظلم ڪيو آهي، عدالت جو در کڙڪائينداسين: نوجوان جا وارث*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ442 ٿي ويو *109ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا، 7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي: ڊي ايڇ او *
  • *ڪراچي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پي ٽي آءِ پاران ٻيڙين تي چڙهي ريلي *ريلي ۾ حليم عادل شيخ، حنيد لاکاڻي، شاهنواز جدون ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ *گجرات جو ڪاسائي ڪشميري مسلمانن جو جاني دشمن بڻجي چڪو آهي: حليم عادل شيخ *پاڪ فوج جون قربانيون لازوال آهن، سڀاڻي ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ڪيو ويندو: حليم عادل شيخ*
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پاران سينٽرل پوليس آفيس ۾ يادگار شهداءَ تي حاضري *اسان پوليس جي شهيد جوانن کي سلام پيش ڪيون ٿا: آءِ جي سنڌ مشتاق مهر *اسان شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان گڏ آهيون، کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو: آءِ جي سنڌ *
  • *ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين جو ڌرڻو، نعريبازي *شهرين مانجهند جي شاهي بازار مان احتجاجي ريلي ڪڍي مين چونڪ تي ڌرڻو هنيو *اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ سبب سخت عذاب ۾ مبتلا آهيون، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *ڪرمپور : انڊس هاءِ وي تي منگي لاڙي وٽ خوفناڪ حادثو، زال مڙس فوت *ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيارو جعفري ۽ سندس زال مارئي فوت*
  • *وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ رين ايمرجنسي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ حيدرآباد پهچندو *وڏي وزير جي حيدرآباد پهچڻ کان اڳ ئي تلسي داس پمپنگ اسٽيشن ٻاهران صفائي شروع *وڏو وزير ڪمشنر ۽ ڊي سيز سميت ٻين عملدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس: پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي اڄ عدالت ۾ پيشي *احتساب عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، خورشيد شاهه کي سخت سيڪيورٽي ۾ پيش ڪيو ويندو *خورشيد شاهه کانسواءِ ضمانت تي آزاد جوابدار به احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندا *

نئي گاج تي “مَڏُ” آبپاشي نظام…..عزيز ڪنگراڻي

نئي گاج دادو ضلعي تعلقي جوهي جي وڏي برساتي ندي آهي. گاج لفظ جي لغوي معنى گوڙ، گجگوڙ، گرج، شور يا هاسو آهي. نئي تي گاج نالو ان ڪري ئي پيو. هي ندي جهڙي برساتي نئي سانوڻ جي برساتن ۾ جڏهن ڪاڇي جي ميداني علائقي ۾ لهندي آهي، تڏهن وڏي شور، گوڙ ۽ آواز سان ڪاڇي جي ميدان ۾ لهندي آهي. ان جو هاسو يا شور ميلن تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. گاج نئي اولهندي جابلو علائقن مان وهندي اچي جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري ميداني علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ۽ ڪاڇو سيراب ڪندي منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
گاج نئي ۾ بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي جون نئيون پون ٿيون، جن ۾ ڪوشڪ ۽ ڪولاچي نئيون اهم آهن. گاج ڪرخ ۽ زيدي جي جابلو ايريا مان گذري ٿي. جتي گاج ۽ ڪولاچي ملي هڪ وهڪرو جوڙين ٿيون، ان کي بلوچستان ۾ گاج-ڪولاچي چون ٿا. جڏهن ڪولاچي نئي اچي گاج ۾ پوي ٿي ته گاج کيرٿر پار ڪري درياهه جي روپ ۾ کيرٿر جابلو سلسلي مان وهندي، گورک کي ڇهندي ٿخ لڪ وٽان ڪاڇي ڏانهن رخ ڪري ٿي.
گاج قديم زماني کان وهندڙ آهي. راورٽي ۽ ٻين محققن موجب قديم زماني ۾ سنڌو جي هڪ وڏي ڇاڙ بکر کان نڪري موجوده ڪنڌڪوٽ – ڪشمور کان وهندي، هاڻوڪن قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن وارا علائقا لتاڙي منڇر وٽان جابلو علائقي جي جبلن سان ٽڪرائجي، ڪن يا موڙ کائي، ڏکڻ طرف وهندي سيوهڻ جي به ڏکڻ ۾ لال باغ وٽان وهي وڃي سنڌو سان ملندي هئي. ڪاڇو به ان ڇاڙ جوڙيو ته ڄاڻايل مٿين ضلعن ۾ ملندڙ ٻين سمورين ڍنڍن جيان منڇر به ان درياهي ڇاڙ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي. ٻين جابلو نئين وانگر گاج به يقينن اول ان دريائي ڇاڙ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان دريائي ڇاڙ جي ڪناري ڪيترن ئي پتڻن ۽ قديم بستين جا آثار پڻ موجود آهن. جن ۾ قصبو، واهي پانڌي، غازي شاهه دڙو (ماڙيکڙ)، علي مراد دڙو، پير لاکو يا لاکيو ذڪر لائق آهن. طبعي ۽ جاگرافيائي ڦيرڦار سبب جڏهن اها ڇاڙ سڪي وئي ته گاج جو ڇوڙ هاڻوڪي سڪ نئي جي وهڪري سان پاٽ شريف ۽ کاٽ وٽان سنئون سڌو سنڌو درياهه ۾ ٿيڻ لڳو. جڏهن انگريز دور ۾ اولهندو نارو نڪتو ته گاج جو ڇوڙ ناري ۾ ٿيڻ لڳو. انهن دورن ۾ گاج جي اضافي پاڻي جو وهڪرو شول (سول) نئي وسيلي منڇر ڏانهن به رهيو. 1932ع ۾ بئراج جڙڻ کان پوءِ گاج نئي جو تير بت وسيلي مستقل رخ سول نئي جي وهڪري سان منڇر ڏانهن موڙيو ويو. گاج صرف نئي يا ندي جو نالو نه پر هڪ تهذيب جو نالو سمجهان ٿو، ڇو ته بلوچستان توڙي سنڌ ۾ گاج ڪناري ڪئي قديم بستيون ۽ ڪوٽ قلعا آهن، جيڪي اڃا تائين تحقيق جا منتظر آهن.
گاج نئي خطرناڪ ٻوڏن جو سبب به بڻجندي رهي آهي پر قديم زماني کان زراعت جي به ضامن رهي آهي. گاج سبب ڪاڇي جي وڏي ايراضي آبادي هيٺ اچي ٿي. منهنجي تحقيق ۽ ڄاڻ موجب سنڌ ۾ واحد برساتي ندي آهي جنهن جو قديم زماني کان منفرد ايريگيشن سسٽم رهيو آهي. آبپاشي جو اهو نظام نه صرف برساتي پاڻي وسيلي هلندو آيو آهي پر گاج ٻارهو وهندڙ نئي آهي. گاج وسيلي قدرتي چشمن جي وهي ايندڙ پاڻي تي به پراڻي وقت کان پوکي راهي ٿيندي رهي آهي. ڪلهوڙن جي دور ۾ ته واهن جو نظام تشڪيل ڏنو ويو، جنهن کي انگريزن سنواريو ۽ سڌاريو ۽ گاج ايريگيشن سسٽم کي ڊويزن طور هلايو. اهو سسٽم پاڪستان جڙڻ کان پوءِ به روان رهيو پر هاڻ برباد ٿي ويو آهي.
گاج وسيلي چشمن جي انهي پاڻي تي ميداني علائقي ۾ واهن وسيلي آبادي ٿيندي رهي آهي پر گاج تي مڏ آبپاشي نظام به صدين کان وٺي اڄ تائين رائج آهي. مقامي ماڻهو جابلو علائقي ۾ گاج جي وهڪري تي مڏ آبپاشي نظام وسيلي چشمن وارو پاڻي لفٽ ڪري اتي جابلو سلسلي ۾ مٿانهين وايون ننڍيون وڏيون ماٿريون پڻ آڳاٽي دور کان آباد ڪندا آيا آهن.
مڏ آبپاشي نظام ۾ ڪاٺ جون ٿوڻيون ڪم اچن. انهن تي ڪاٺ جا ڏڪ رکي تڏا وڇايا ويندا آهن. انهن تڏن تي مٽي ۽ ڇيڻا ڀوري هاريا ويندا آهن ته جيئن پاڻي گهٽ سيمو ڪري. چشمن جي پاڻي کي گاج جي وهڪري مان مٿي آڻڻ لاءِ ذري گهٽ گاج جي منڍ وٽ بند ٻڌو ويندو آهي. شروع وارو هنڌ مٿي هوندو آهي ۽ وهڪري وارو هنڌ هيٺ هوندو آهي جنهن ڪري پاڻي مٿي چڙهڻ لڳندو آهي. اولهه کان گاج جو پيٽ مٿي آهي ۽ اوڀر طرف وهڪرو هيٺ ٿيندو ويندو آهي. اولهه کان مٿانهين وٽ بند اچڻ سبب اوڀر طرف پهاڙن سان سطح هيٺ هئڻ ڪري پاڻي مٿي چڙهڻ لڳندو آهي. اهڙي طرح پاڻي مٿي کڻي آبادي ڪئي ويندي آهي. پاڻي مڏن وسيلي جبلن جي ڪنارن سان وهندي ڏسي حيراني به ٿيندي ته مڏ آبپاشي نظام وارن ذهن جي رٿا تي رشڪ به ايندو. مڏ آبپاشي نظام وسيلي ڪڻڪ ۽ ترڪاري جام ٿيندي آهي. آبپاشي جي هن نظام وسيلي هميشه صرف چيٽ جو فصل ٿئي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *