تازا ترين
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

نئين ٽيڪنالوجي جو بهتر ۽ وقتائتو استعمال! … ورثا پيرزادو

دنيا ۾ هن وقت ٽيڪنالوجي ايتري ترقي ڪئي آهي جو هڪ هنر وانگر بڻجي وئي آهي يعني ڪنهن کي ٽيڪنالوجي جي ڄاڻ آهي.جن ملڪن ۾ ٽيڪنالوجي جي تعليم کي اهميت ڏني وئي آهي انهن وٽ معيشت جو معيار بهتر ٿيوآهي.مثال طور ڀارت ۾ غربت جي شرح هجڻ باوجود معيشت اسان جي ملڪ کان بهتر آهي.غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڏن وڏن ڪمپنين جا مالڪ بڻجي ويا آهن.ننڍا ٻار به ٽيڪنالوجي جو بهتر استعمال ڪري پنهنجي ڪمائي ڪري رهيا آهن.گوگل جي سي اي او هڪ آرٽيڪل ۾ ٽيڪنالوجي جي بهتر استعمال جا فائدا پڻ ٻڌايا ۽ پنهنجي ملڪ ڀارت لاءِ فنڊز مقرر ڪيا.بنگلاديش،آمريڪا،روس ۽ چائنا وغيره ۾ يوٽيوب تي وڊيوز ٺاهي سبسڪرائيبرز وڌائي پئسا ڪمايا پيا وڃن.ان جي علاوه گھر ويٺي فيور (Fiverr) ۽ اپ ورڪ جهڙين ويبسائٽس تي پنهنجي ٽيلنٽ ذريعي پڻ ڪيترائي نوجوان ڪمائي رهيا آهن.انهن ۾ خاص طور پاڪستان ٿورو پوئتي آهي ۽ انهن ۾ سنڌي ڪجهه وڌيڪ پوئتي آهن.
اسان کي ٻهراڙين ۾ ٽيڪنالوجي بابت آگهي مهم هلائڻ گھرجي ۽ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ گھرجي جتي آءِ ٽي جي پروفيشنلز کي گھرائي انهن کان ٽيڪنالوجي بابت ڳوٺاڻن کي ٻڌايو وڃي.جيئن ته دنيا گلوبلائزيشن جي ڪري ڳنڍجي وئي آهي ۽ هاڻي ماڻهن کي وڌيڪ موقع مليل آهن ته پاڻ کي ثابت ڪري سگھن.جيئن دنيا ترقي ڪندي پئي وڃي اوئن ٽيڪنالوجي تيز ٿيندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن وٽ روزگار جا هزارين موقع پيا اچن پر انهن موقعن کي حاصل صرف اهي ڪري سگھندا جن کي نئين ٽيڪنالوجي بابت بهتر ڄاڻ هوندي.هن مٽجندڙ دور ۾ جتي پڙهائي به آن لائن ٿيندي پئي وڃي اتي نوجوان جيئن در در تي وڃي روزگار گھرندا ته انهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ پوءِ وقت گذرندي کين افسوس ٿيندو ته جيئن وقت سر نئين ٽيڪنالوجي بابت ڄاڻ هجي هان ته شايد هو به ڪنهن مقام ٿي هجن هان.آن لائن تعليم جي علاوه اڄ ڪلهه آن لائن مشاعره،تقريبون ۽ اسٽيج شوز ٿين پيا.ان جي علاوه خريدو فروخت به آن لائن بهتر ٿيندي پئي وڃي.ڪتاب هٿ ۾ کڻي پڙهڻ جو رواج به ختم ٿيندو پيو وڃي جيڪي ڪتاب پڙهڻ جا شوقين آهن.اهي آنلائن پي ڊي ايف زريعي ڪتاب جو مطالعو ڪري رهيا آهن ڪيترا وڏا ليکڪ آهن جيڪي هاڻي پنهنجو ڪتاب آن لائن ڇپرائي رهيا آهن.
اسان وٽ مٿي ذڪر ڪيل ڪجهه مثال آهن جن کي نظر ۾ رکي هن نئين ٽيڪنالوجي جي اهميت بابت سنجيده ٿي سگهون. اسان کي گھرجي ته جلدي ٽيڪنالوجي کي اهميت ڏئي موثر ڪم ڪري ٻين ملڪن وانگر پنهنجي ملڪ کي به ٽيڪنالوجي جي ريس ۾ شامل ڪيون.ان سان ملڪ جي معيشت بهتر ٿيندي ۽ ايندڙ تبديلي کي قبول ڪرڻ ۾ گھٽ وقت لڳندو.ٽيڪنالوجي بابت فرد واحد به ڪوشش ڪري ته ڪامياب ٿي سگھي ٿو پر حڪومت پڻ هن ۾ بهتر اقدامات ڪري سگھي ٿي.مثال تدريس ۾ ٽيڪنالوجي کي هڪ مضمون طور پڙهائڻ يا ڪمپيوٽر جي پراڻي ڪورس کي تبديل ڪري ان ۾ بهتر ۽ نيون شيون شامل ڪرڻ گھرجن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *