تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

مِٺوءَ جي مَنَ ۾ ڇاهي؟……شوڪت ميمڻ

4-5 ڏهاڪا سال اڳ قادر بخش ڪوٽڙي جي انهن گهٽين ۾ گهميو، جن ۾ “بک، عشق ۽ ادب” جي ليکڪ موهن ڪلپنا ننڍپڻ ۾ رانديون ڪيون. پرائمري جا 3 درجا پڙھي پاس ڪندڙ قادر بخش جو دماغ دنيا لاءِ ڀل ته ڪارائتو نه به هجي پر سندس دل سنڌ جي ان سرزمين جهڙي آهي، جتان محبتون ۽ مرڪون ڦٽي نڪرن ٿيون. هي ان دور جي ڳالهه آهي جڏھن “تڏھن ملنداسين …” جي تنوار تي اداس ڪري ويندڙ علڻ فقير اڃان اياز جي واين کان واقف نه هو. ان وقت هو ريل گاڏين ۾ کل ڀوڳ ڪري، مسافرن کي چرچا هڻي ماڻھن کان گهورون وٺي گذران ڪندو هو. تڏھن مانجهند جي مڱڻهار علڻ فقير ڪوٽڙي جي قادر بخش کي دادو جي مشهور ڪاميڊين استاد محمد مسخري کان ڌاڳو ٻڌرائڻ جي صلاح ڏني.
”هم مسلمان هوئي تو وه ڪافر بن گيا…” واري ڪار ڪندي قادر بخش کي “مٺو مسخرو” ٿيڻ جون صلاحون ڏيندڙ علڻ فقير اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي پاڻ وڃي تنبوري جي تار تي اياز جون وايون آلاپڻ لڳو پر مٺو جون مسخريون اڃان سوڌو ساڳيون آهن.
آمريڪا جي انگريزن کي جهازن جي جنگ وارا آواز ٻڌائي وائڙو ڪندڙ قادر بخش مٺو مائٽن جي شادي واري اها محفل اڃان به ساري ٿو. جنهن ۾ ڪيترا ئي فنڪار لٿل هئا پوءِ جڏھن هن اتي مزاحيا ائٽم پيش ڪيا هئا. تڏهن ماڻھن ۾ کلن جا ڪوڪريا پئجي ويا، پيٽ ۾ سور وجهڻ وارن انهن ٽهڪن قادر بخش جي من ۾ لڪل مسخري کي اتساهه ڏنو.
هو ڪوثر ٻرڙي، نصير مرزا، انور بلوچ، گل حسن ۽ جهانگير قريشي جا ٿورا ته مڃي ئي ٿو پر هن موجب مٿس اصل احسان ته عبدالڪريم بلوچ جو آهي جيڪو کيس پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو. سنڌي فلم “سنڌ جو قسم” ۾ مهمان اداڪار طور ڪم ڪندڙ ڪوٽڙي جي قادر بخش کي زندگي به هڪ فلم جهڙي لڳي ٿي، جنهم ۾ پڻ ھو پاڻ کي مهمان اداڪار ئي سمجهي ٿو. ايڪسيڊينٽ ۾ ٽنگون ٽوڙائي وجهندڙ قادر بخش جي دل ٽٽڻ کان ان ڪري بچي وئي جو مائٽن عشق واري عمر کان اڳ ئي سندس شادي ڪرائي ڇڏي. پيرن ۾ گهنگهرو جي وڄڻ ۽ ٽٽڻ جا ڏکيا آواز ڪڍڻ کان وٺي بنا ڊرائيور جي مائيڪل جي “نائيٽ رائيڊر” ڪار هلائيندڙ ۽ رات جو تڏ جي آوازن کان وٺي برساتي ڏيڏرن جا آواز ڪڍڻ تائين، قادر بخش مٺو محفلن ۾ مسخريون ڪندي اڪثر وچ ۾ ماڻھن کي نياڻيون پڙھائڻ جي التجا به ڪري ٿو. لنڊن گهمائڻ ۽ ايوارڊ ڏيڻ تي سيد سردار شاهه جو ٿورائتو ٿيندڙ مٺو پنهنجي پٽ جي نوڪري لاءِ پريشان آهي.
ٽئين درجي ۾ ماستر جو مشين تان ان پيهائڻ تي ڪوتاهيون ڪرڻ تي چڱا ڀلا پادر کائڻ کانپوءِ پڙھڻ کان توبهه ڪندي قادر بخش هوٽل تي بيراگيري ڪرڻ شروع ڪئي، ان وقت جون انيڪ ياگيريون هن کلندي ٽهڪ ڏيندي ٻڌايون پر انهن يادگيرين جي لباس ۾ مفلسي جون ڪيئي چتيون لڳل هيون. ڪوٽڙي ۾ استاد بصر واري قذافي هوٽل تي چار آنا ڏهاڙي تي بيراگيري ڪندڙ قادر بخش کي هوٽل جي گراهڪن سان چرچا ڪندي ڏسي استاد بصر، سيٺ گلي ۽ محمد صديق مڱڻھار هڪ ڏينهن هوٽل جي ڀر واري باغ ۾ ٿيل اسٽيج ڊرامي واري فنڪشن ۾ زوري اسٽيج تي چاڙھي ڇڏيو.
“پوءِ لائوڊ تي پهريون ڀيرو پکين جون ٻوليون ٻڌائڻ تي مون کي 3 رپيا انعام مليو“
اهو هن لاءِ عيد جي خوشي جهڙي ڏينهن سان گڏ فن جي دنيا ۾ پير پائڻ وارو پهريون قدم پڻ ثابت ٿيو، جنهن کان پوءِ ملائيشيا کان ويندي ماسڪو ۽ نيو يارڪ کان ويندي لنڊن تائين، قادر بخش مٺو لاءِ هڪ اهڙي دنيا جو در کلي ويو جنهن جو وٽس ڪوبه تصور ڪونه هو. استادن ۽ وڏن فنڪارن جو سامان ڍوئڻ تي ڪوبه آر محسوس نه ڪندڙ قادر بخش مٺو کان حيدرآباد جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ ٿيل اهو شو ڪڏھن به نٿو وسري جنهن ۾ سندس مشڪرين تي کلي کلي کيرا ٿي پيل ماڻھن آڏو آخر ۾ تمام وڏي ڪاميڊين معين اختر کي پرفارمنس لاءِ سڏيو ويو ته هن قادر بخش مٺو کي ٻانهن مان جهلي چيو، “اس ڪمبخت قادر بخش ني تو مجهي ڪهين ڪا نهين ڇوڙا، اس ني ڇوڙا ڪيا هي جو اب مين آپ ڪو هنسا سڪون!“
مهدي حسن ۽ غلام علي جهڙن عظيم فنڪارن سان گڏ مختلف شوز ۾ فن جو مظاهرو ڪندڙ قادربخش پنهنجي گهڻي تڻي ڪاميابي جو ڪارڻ پنهنجي ڳوٺائي ۽ مائٽ عبدالڪريم بلوچ کي سمجهي ٿو، جنهن نه فقط پي ٽي وي تي پر هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي کيس پروموٽ ڪيو.
قادربخش پي ٽي وي تي پهرين انٽري کان اڳ انتظار ۾ سڄي رات سمهي نه سگهيو هو، صبح جو گيٽ ڀرسان پارڪ ۾ کيس ننڊ ورائي وئي، سندس بڇڙا حال ڏسي ڪجهه ماڻھو لاوارث فقير سمجهي ڀر ۾ خيرات ۾ ڪجهه پئسا به رکي ويا هئا. “گهر جو پير چلهه جو مارنگ” وارو پهاڪو ٻڌائيندي قادر بخش چيو ته مراڪش، عمان ۽ مسقط کان ويندي ماسڪو تائين، منهنجا پرستار موجود آهن پر ڪوٽڙي ۾ منهنجو قدر ڪونهي. تازو سندس گهر اڳيان ٻڌل ڇيلو چور ڪاهي ويا پر پوليس چورن کي پڪڙي نه سگهي. قادر بخش مٺو ڪوٽڙي جي پراڻن يارن کي سارڻ سان گڏ گهر جي اڱڻ تي بيٺل گيدوڙي جي وڻ کي به ساري ٿو جنهن کي سندس ڪنبي جي آبادي وڌڻ سبب وڍڻو پئجي ويو. 4 سال اڳ ڪئنيڊا وڃڻ کان 4 ڏينهن اڳ سندس ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جنهن ۾ سندس ٻئي ٽنگون ڀڄي پيون، هلڻ سان گڏ هاڻ سندس ٻڌڻ جي رفتار به گهٽجي وئي آهي پر قادر بخش مٺو جو من اڃان ماٺو ٿي نه سگهيو آهي.
ماما لالو، سهراب سومري ۽ علي گل ملاح جي تعريف ڪرڻ سان گڏ نٿو ڪهيري، استاد بيگو خان، استاد پلپلي سميت ڪيئي پراڻن فنڪارن کي ساريندڙ قادر بخش مڃي فقط پنهنجي استاد محمد مسخري کي ٿو ۽ عقيدت منجهان سندس فوٽو ڪوٽنگ ڪري کيسي ۾ وجهي هلي ٿو. کيس پهرين شادي مان هڪ پٽ ٿيو پر زال کانپوءِ هن جو پٽ به فوت ٿي ويو، ٻي شادي به هن پنهنجي مائٽياڻي سان ڪئي جنهن مان کيس 4 پٽ ۽ 4 نياڻيون آهن، 2 نياڻيون ۽ هڪ پٽ اولادي اٿس. ثقافت جو وزير سيد سردار شاهه سندس قدردان آهي، پر هن جي پٽ کي نوڪري وارو مطالبو اڃان ڪنهن به نه مڃيو آهي. طوطي جون ٻوليون ٻوليندڙ قادر بخش مٺو کان جنهن وقت ويجهن دوستن بابت پڇيم ته هن اداس ٿي چيو، “هن شهر ۾ چوڻ لاءِ ته منهنجا سڀ دوست آهن پر حقيقت ۾ منهنجو ڪوئي دوست ڪونهي”. ٿوري دير ماٺ ڪرڻ کانپوءِ هن ڀولڙي جهڙو منهن ٺاهيو ۽ چيو، “هن شهر جا ڪانگ ۽ سرڻيون منهنجا دوست اٿئي!”
مون کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، سندس گهر جي آڳنڌ تان وڍجي ويل گيدوڙي واري جاءِ ڏانهن چتائي ڏٺم ۽ سوچيم، ڇا پکين جون ٻوليون ٻوليندڙ قادر بخش جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل به ماڻھو بدران ڪنهن پکي جي آهي؟

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *