تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

مُراد… جميلا علي

هوءَ اُن رات ڏاڍي خوش هئي، ائين محسوس ڪري رهي هئي ڄڻ دنيا جون سموريون خوشيون سندس جهوليءَ ۾ سجدو ڪري رهيون هجن، جڏهن ڊاڪٽرياڻي کيس ٻڌائي ٿي ته هو اُميد سان ٿي وئي آهي، ڊاڪٽرياڻي جي لفظن تي هو خوشي مان نه پئي ماپي. ساحل ، اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ جي ڪمري ٻاهران پريشان پريشان چڪر لڳائي رهيو هو، ثنا ڪمري کان ٻاهر نِڪري ٿي ته ساحل کيس ڏسندي ئي ڊوڙندي وٽس پهچي ٿو ، “منهنجي جان ثنا، ڏي خبر ڊاڪٽرياڻي ڇا ٿي چئي؟“ هوءَ ساحل ڏانهن مسڪرائي نِھارييندي خوشيءِ مان کيس چئي ٿي ته
”سائين دعائن رنگ لاتو آهي ۽ مان اُميد سان آهيان.“ ساحل حيران ٿي وڃي ٿو،
”هانءَ، ثنا اِهو سچ آهي!“ ثنا وڌيڪ خوش ٿيندي چوي ٿي،
”جي سائين! مان ويھن سالن کان پوءِ ماءُ بڻجڻ وار ي آهيان، اِهو سڀ ڪجهه توهان جي دعائن ۽ مُرادن پنڻ جو نتيجو آهي، جو توهان اولاد خاطر ڪا درگاهه نه ڇڏي. توکي ياد آهي ته تنهنجي مائٽن توکي طعنا ڏيندي چيو هو ته تنهنجي زال سُنڍ آهي، ڪڏهن به ٻار ڄڻي نه سگهندي. سُٺو اٿئي ٻي شادي ڪر، مرد ته چار چار شاديون ڪندا آهن، تو ڪئي ته ڇا ٿيندو. گهٽ ۾ گهٽ تنهنجو نسل ته ٿيندو. پر سائين! تو سڀني کي جواب ڏيندي سڀني کي واضع چيو ته آئون ثنا تي پَھاڄ نه آڻيندس، اولاد نصيب هوندو ته ملندو نه ته، نصيب کان ئي ڀائيندس. ساحل ساحل اڄ انهن سڀني ماڻهن جا وات ئي بند ٿي ويندا، جن تو کي طعنا ڏنا هئا.“ ساحل پاٻوهه مان مسڪرائي ثنا کي ڀاڪر ۾ ڀري ٿو، سندس اکين مان خوشي جا ڳوڙها اچي وڃن ٿا. گهر جي دروازي کان اندر داخل ٿيندي ئي ساحل ثنا جي هٿ ۾ هٿ ڏئي چئي ٿو ته،
” تون حڪم سمجهين يا عرض پر هاڻي تون نئين مهمان جي اچڻ تائين کٽ تان هيٺ لهي ڪم ڪار نه ڪندينءَ، هي غلام تنهنجي خدمت ڪندو.“ ثنا ٽهڪ ڏيندي ”آقا سائين! جيڪو توهان جو حڪم. پر پر “ ثنا ٽِھڪن ۾ ٻُڏي ويندي ”پر پر ڇا؟ تون ٽِھڪ ڇو پئي ڏين ائين.“ توهان کي ته چانهن به ٺاهڻ نه ايندي آهي سرتاج، ته…..“ ساحل به هلڪو ٽِھڪ ڏيندو،
”طنز پئي ڪرين ثنا، اِها تون ئي آهين جنھن منهنجون عادتون خراب ڪيون آهن، نه ته جڏهن پڙهندو ۽ نوڪري ڪندو هئس ته سڀ دوست ته منهنجي ماني جي تعريف ڪندا هئا، مان زبردست بورچي هوس.“ ثنا مُرڪندي، ”بس بس سائين! ماني جي ڳالهه ٻڌي بُک وڌي وئي، اچ ته گڏجي ماني کائون.“ ڏينهن پٺيان راتيون وقت تيزي سان گذرنديون رهيون، هڪ ڏينهن شام جو چانهه جي ڪپ تي، ساحل ثنا کي چيو، ”مون کي ڌيءَ گهرجي ٿي.“ ثنا ورندي ۾ چيو، ”نه نه مون کي ته پُٽ ٿو گهرجي.“ ثنا ساحل کي مخاطب ٿيندي وري چئي ٿي ته، ”ڌيءَ ڄائي ته نالو جنت ۽ جيڪڏهن پٽ ڄائو ته نالو روشن رکنداسين.“ ٻنهي ۾ ڪجهه دير تائين ٽهڪڙا ۽ بحث ٿيندو رهيو، اِن دوران دروازي تي بيل وڳي. ساحل اُٿي وڃي دروازو کوليو ته خير سان ماسي خيران پهچي وئي، هو ماسي کي کيڪاريندي کيس اندر اچڻ لاءِ چئي ٿو، ”ماسي ڪئين آهين؟ ڪافي وقت کانپوءِ ڀيرو ڪيو اٿئي؟“ ماسي خيران چيلهه تي هٿ رکندي، ”بس ابا زندگي جا خفا گهڻا آهن، ٻيو ته تو وٽ به ڪا اُميد، ٻچڙو هجي ته اُن بهاني سان اچان وڃان پر …“ ساحل کِلندي، ”ماسي! بس بس ڇو پئي مايوسي واريون ڳالهيون ڪرين.“ هو خوشي وچان ثنا کي سڏ ڪندي چوي ٿو ،
”ڏس ڪير آيو آهي.“ ثنا، خوشي مان ماسي کي ڀاڪر ڀري ڀليڪار ڪندي چوي ٿي، ”ماسي ڪافي ڏهاڙن کان پوءِ آئي آهين، صفا وساري ڇڏيو اٿئي.“ ثنا ماسي کي ويھاري جلدي ماکي مکڻ ماني کڻي آڻي سندس آڏو رکي ٿي، ”امان امان، ٻڌاءِ ڇا جي خوشي ۾، مکڻ ماکي ماني آڻي رکي اٿئي؟“ ثنا،
”ماسي پِھرين، مکڻ ماکي ماني کاءُ پوءِ مصري.“ ماسي حيرت وچان،،
”امان هاڻي کڻي ٻڌاءِ به! ڇو ٻئي پوڙهي زائفان کي ستائين.“ ثنا خوشيءَ وچان ”ماسي آئون ماءُ بڻجڻ واري آهيان، اُميد سان آهيان.“ ماسي خيران به خوشي ۾ ٻهڪي پئي ٿي،
”هانءَ سچ! امان شل خوشيون ماڻين، تنھنجا ته دشمن ئي سڙي ويندا هاڻي.“ خيران، ثنا جي ويجهو ٿيندي رازداري مان چوندي، ”امان ثنا! هاڻي کان ئي احتياط ڪر، کائڻ پيئڻ جو خيال رک، ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته مون کي گهرائي وٺجانءَ، آئون به ڀيرو ڪندي رهنديس.“ ماسي خيران ٻنهي زال مڙس کي هدايتون ڏيندي هلي وڃي ٿي.
صبح سوير ثنا، ساحل کي آفيس موڪلندي، ”سائين اڄ آفيس مان ٿورو جلدي اچجانءِ ، ڪجهه خريداري ڪرڻي آهي.“ ساحل، ”حاضر سرڪار ٻيو حڪم.“ ائين چئي هو روانو ٿي وڃي ٿو، ثنا پيار ۽ پاٻوهه مان انتظار ڪري ٿي، ۽ بار بار گهڙي ۾ نِھاريندي منٽ منٽ ڳڻي وقت گهاري ٿي، ۽ دل ئي دل ۾ خيال ڪندي رهي ٿي ته ساحل تي ڪم گهڻو آهي ڪٿي دير نه ڪري. اِن دوران گهنٽي وڄي ٿي ۽ هو ءَ دروازي تي پهچي در کوليندي ساحل جي مسڪرائي آجيان ڪري ٿي، ساحل، ”مون کي خبر هئي توکي بي صبري سان انتظار هوندو، ان ڪري ڪم به اڌ ۾ ڇڏي حاضر ٿيو آهيان، رڳوڪپڙا تبديل ڪيان ته هلون ٿا.“ ثنا ساحل کي پاڻي جو ڪلاس ڏيندي ”توهان، اڄ فل سوٽ ۾ وڌيڪ سهڻا پيا لڳو، ڇڏيو چينجنگ کي، هلو ته هلون“ ساحل ٽهڪ ڏيندي،
”مون کي توهان جي بي صبري جي خبر آهي، جيڪو حڪم .“ ائين هو ٻئي گاڏي ۾ مارڪيٽ لاءِ روانا ٿي وڃن ٿا، مارڪيٽ وٽ پھچندي ساحل، ثنا کي گاڏي مان لھڻ جو چوندي، ”ثنا لهه، مارڪيٽ اچي وئي، هاڻي دل کولي خريداري ڪجانءِ، اِتي رڳو ٻه منٽ ترس ته، گاڏي پارڪ ڪري اچان ٿو.“ ثنا مُرڪندي
”فڪر نه ڪريو ، پورو پرس خالي ٿيندو اڄ، آخر نئين مهمان جي به ته خريداري ڪرڻي آهي.“
گاڏي پارڪ ڪرڻ دوران ساحل جي مُنھن ۾ هڪڙو کدڙو فقير اچي وڃي ٿو، کدڙو فقير،
”صاحب او صاحب، ڪيڏو سھڻو پيو لڳين فل سوٽ ۾، صدقو وڃانءَ ، صدقو ته ڏيندو وڃ.“ ساحل کدڙي کي حقارت جي نظر سان ڏسندي کيس چئي ٿو، ”نڀاڳا موڊ ئي خراب ڪري ڇڏيئي.“ ساحل جو موڊ صفا خراب ٿي ويو. کدڙو فقيرتاڙي وڄائيندي، ”صاحب! مالڪ توکي چنڊ جهڙو اولاد ڏيندو، صدقو ته ڏي نه.“ تاڙي تي ساحل کي وڌيڪ ڪاوڙ اچي وئي،
”اڙي هل هل هتان، پنهنجو منحوس مُنهن کڻي آيو آهين، اوهان ته آهيو ئي زمين تي عذاب.“ کدڙو فقير سندس جملا ٻڌي ڏکارو ٿي ويو، سندس اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا، ”او صاحب! صدقو نه ٿو ڏين ته نه ڏي، پر دل آزاري ته نه ڪر، اسان کي به اُن پالڻهار پيدا ڪيو آهي، جنهن توکي هِن زمين تي آندو آهي.“ ائين کدڙي جو آواز ڳرو ٿي وڃي ٿو ۽ هو روئيندو پوئين پير هليو وڃي ٿو. ايتري ۾ ثنا جي فون اچي ٿي، ”ساحل ڪٿي رهجي وئين، جلدي اچ…مان هتي اڪيلي بيٺي آهيان.“
”ها ثنا، بس اِجهو آيس. هڪڙو منحوس مُنهن ۾ لڳي ويو.خير تنهنجي سامهون ئي آهيان، بس پهتس.“
کِل خوشي ۾ ڏينهن ڀرجي آيا، هڪ ڏهاڙي ثنا ساحل کي آفيس موڪليندي گذارش ڪري ٿي ته،
”سائين هاڻي خيال رکندو ڪر ۽ ڪوشش ڪري گهر جلد ايندو ڪر. منھنجا ڏينھن هاڻي ڀريل آهن، ڪھڙي مھل به ……“ هوءَ جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏي ٿي.
”ها ها ، بلڪل سمجهان ٿو ثنا، تون فڪر نه ڪر.“
ثنا گهر جي لان ۾ ايندڙ مهمان جي خريدارين، سندس آمد تي خوشيون ملهائڻ لاءِ پلان ٺاهيندي پسار ڪري ٿي، ته کيس سور محسوس ٿين ٿا، هو سورن تي خوشي محسوس ڪندي لان ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلي ٿي، تڪليف وڌڻ تي هو، ساحل کي فون ڪري پڇا ڪري ٿي ته توهان ڪهڙي وقت گهر ايندا، ساحل،
”ڇو خير ته آهي نه، ثنا!“ ثنا جواب ڏيندي،
”ها ها خير آهي پر دل چئي پئي تون اڄ جلدي اچ گهر، منھنجي طبيعت ڪجهه بھتر ناهي.“ ساحل، حاضر ڪري يڪدم آفيس مان موڪل وٺي گهر روانو ٿئي ٿو، گهنٽي وڃائي ٿو ته ثنا وڏي تڪليف وچان بيڊ کان در تائين پهچي ٿي، در کوليندي ثنا کي چڪر اچي وڃي ٿو ۽ هو ءَ ڍڙڪي پوي ٿي، ساحل يڪدم کيس سنڀالي، ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ٿو، کيس تڪڙ تڪڙ ۾ گاڏي ۾ کڻي، ڀر واري اسپتال پهچائي ٿو. ثنا کي يڪدم داخل ڪيو وڃي ٿو، ان دوران ساحل پريشان اسپتال جي ڪاريڊور ۾ ڦرندو رهي ٿو . ساحل کي خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن ليبر روم مان ٻار جي روئڻ جو آواز اچي ٿو. ايتري ۾ هڪ نرس ڊوڙندي وٽس اچي ٿي.
”مبارڪ هجيوَ سر، توهان کي ٻار ٿيو آهي.“ هوڏانهن ليبر روم ۾ ثنا، ڊاڪٽرياڻي کي مخاطب ٿيندي،
”ڊاڪٽر صاحبه، پُٽ ٿيو آهي نه؟“ ڊاڪٽرياڻي کيس ڪو به جواب نه ٿي ڏي، ٻار کڻي، ٻي ڪمري ۾ اچي ٿي، ساحل کي سڏائي ٻار سندس هٿن ۾ ڏئي ٿي، گول مٽول چهرو، ناسي رنگ جي وڏين اکين وارو ٻار ساحل کي ڏسي رهيو هو، ساحل ڊاڪٽرياڻي سان مخاطب ٿيندي کيس چئي ٿو ته ”ڊاڪٽر صاحبه! نياڻي جو اولاد ٿيو آهي نه مون کي؟“ ڊاڪٽرياڻي وڏو ساهه کڻندي، اکيون هيٺ ڪندي چوي ٿي،
”اولاد ته بس اولاد هوندو آهي سر، هي ٻار نه ڌي آهي نه پُٽ.“ ڊاڪٽرياڻي جا لفظ ٻُڌي، ساحل جي پيرن هيٺيان زمين نِڪري وڃي ٿي، سندس ڪنن ۾ مائٽن جا طعنا گونجڻ لڳن ٿا ئي پر کدڙي فقير جو چِھرو سامهون اچي وڃينس ٿو ، جيڪو سندس دڙڪن تي روئيندو هليو ويو هو. ساحل کي کدڙي فقير سان ڪيل جُهٺ جو شدت سان احساس ٿئي ٿو ۽ دل ئي دل ۾ ڏاڍو شرمسار ٿئي ٿو، سندس اکين ۾ بي بھا لڙڪ اچي وڃن ٿا، هو هڪ دفعو مٿي نِھاريندي، ڪجهه سوچي ٿو ۽ پوءِ هو مُرڪي ٻار کي چُميون ڏي ٿو. کدڙي فقير کان معافي وٺڻ ۽ پنهنجي ٻچي کي زمين تي بار سمجهڻ بدران کيس معاشري جو باڪردار ماڻهو بڻائڻ جو عزم ڪري ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *