تازا ترين
  • *ميهڙ ۾ ٽن ڏينهن کان نوجوان گُم: وارثن کي اغوا جو شڪ*
  • *روهڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جيڪب آباد واسي ڪُهي قتل*

مير صوبدار سعيد گھڻ رخي صلاحيتن واري شخصيت……حبدار جاگيراڻي

خيرپور، خاص ڪري ميرن وارو دور، علم، ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ هميشه زرخيز رهيو آهي. رياست جي دور کان وٺي جديد سنڌ جي اڏجڻ تائين، خيرپور جو ادبي آڳر سدا سڳنڌ ڀريو رهيو آهي. تنوير عباسي ، نسيم کرل، عطا محمد حامي، سليم ڳاڙهوي، اميد خيرپوري کان وٺي موجوده دور ۾ جي مختيار ملڪ، ڊاڪٽر اعجاز سمون ۽ ابراهيم کرل تائين خيرپور اڻ ڳڻيون علمي ۽ ادبي شخصيتون پيدا ڪيون آهن. انهن ئي گوهرن منجهان مير صوبدار سعيد به گذريل اڌ صديءَ کان علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ سدابهار ۽ ممتاز شخصيت آهي. هو هڪ ئي وقت پرمقصد مزاح نگار، شاعر، صداڪار، اداڪار، ريڊيو پرفارمر ۽ ڪمپيئر آهي. جنهن جا سموري سنڌ ۾ لکين چاهيندڙ۽ مداح آهن. هو جڏهن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڊراما شوٽنگ تي وڃي ٿو ته سندس چاهيندڙن جو گھيرو وڌي وڃي ٿو. “محبت ورهايو نه ته مٿو چٿيندو سانو” جهڙو جملو سندس گفتگو ۾ ور ور پيو ورجائبو رهبو آهي.
انسانيت کي پنهنجو مذهب ۽ دين ڌرم سڏيندڙ مير صوبدار سعيد 64 ورهين جي ڄمار ماڻي چڪو آهي، ادبي گروهه بندين کان پري رهندڙ هن شخص خاموشيءَ سان پنهنجو ادبي ۽ اداڪاري (پرفارمنگ آرٽس) جو ڪم ڪيو آهي. خيرپور سميت اتر سنڌ جي ادبي مشاعرن جي جان مير صوبدار“لڙڪ، مرڪ ۽ سنسار” جي نالي سان شعري مجموعو تخليق ڪيو آهي، جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل شاعراڻو وکر اڃان به ٻن ٽن ڪتابن جيترو آهي.
1976ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين. جنهن جو سبب هو مجازي عشق ٻڌائي ٿو ۽ محبوب جي حسن تي مبالغو ڪندي چوي ٿو ته هو چانڊوڪين ۾کير جو لوٽو ڍڪ ڍڪ ڪري خالي ڪندا هئا. شعر و ادب سان سندس وابستگي ڊاڪٽر تنوير عباسي، حامي، نديم انصاري، خادم رفيقي، رحيم بخش حليم سنڌي، اميد خيرپوري ۽ اعظم نئير جي صحبتن طفيل پڪي پختي ٿي. 10 ورهين جي عمر کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. درد، ڏک، سماجي ڏاڍ خلاف مزاحمت سميت ڪڌين رسمن، ڪارو ڪاري، طبقاتي سماج خلاف سندس تخليقي جوت ڪڏهن به گھٽجندي نه ڏٺي آهي.
مير صوبدار ڏک منجهان ٻڌائيندو رهي ٿو ته هن حليم بروهي، جھرلو جھمٽ پوري جهڙن مزاح نگارن کان متاثر ٿي مزاح نگاري لکڻ شروع ڪيو پر سنڌ ۾ هن سميت ڪنهن جو به قدر ناهي ڪيو ويو. اڄ به سنڌ جي علمي ادارن ۾ سليم ڳاڙهوي، ولي محمد نديم انصاري جهڙن اڪابر شاعرن جو ڪلام رُلي رهيو آهي پر اهي ادارا انهن جو ڪلام شايع ڪرڻ جي تڪليف به گوارا نه پيا ڪن. هن کي ادبي سنگت جي گروهه بنديءَ تي پڻ افسوس آهي ته ذاتي انائن سبب سنڌ جي مضبوط ادبي مورچي کي تباهه ڪيو ويو آهي. سيکڙاٽ اديبن جي تربيت جي اڪيلي پليٽ فارم ادبي سنگت کي گروهه بندين مان نڪري نوجوان اديبن جي تربيت ڪرڻ گهرجي. مزاحيه ادب جي هونئن ته سموري سنڌ ۾ کوٽ آهي پر خيرپور ۾ جتي محمود سومرو ۽ ٻيا دوست مزاحيه شعر چوندا هئا، اهي به هاڻ خاموش ٿي ويا آهن. جڏهن ته خيرپور ۾ سنجيده شاعري ڪندڙن ۾ مختيار ملڪ، برڪت بلوچ، ڪوثر ٻرڙو، استاد شاهن ۽ ڪجهه ٻيا دوست سٺو لکن پيا. مير صوبدار سعيد نجي چينلز تي سوين سولو پليز ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي، کيس مزاحيه اداڪاري تي خاص دسترس حاصل آهي. ريڊيو پاڪستان خيرپور جڏهن پهريون ڀيرو 1986ع ۾ خيرپور جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال مان نشر ٿيو ته مير صوبدار سعيد، ناليواري براڊڪاسٽر جهانگير قريشي جي اجازت سان ڪمپيئرنگ جي شروعات ڪئي ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ صداڪار ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو. جتي هن 200 کان وڌيڪ مزاحيه خاڪا لکيا ۽ سوين ريڊيو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. ريڊيو خيرپور جي مشهور پروگرام “سهڻي ڌرتي”۾ شروع کان وٺي اڄ تائين چاچي صوبڻ جي نالي سان زراعت ۽ ٻين موضوعن تي سندس ڪچهري مائيدار ٻوليءَ ۽ پرمقصد گفتگو جو نمونو آهي. ريڊيو تي سندس ڪلام “جفائن جي بدلي ڪيوسين وفائون”، “هر گل گلاب ناهي هر ڪم ثواب ناهي” تمام گھڻو مشهور ٿيا.
سندس پسنديده فنڪار عابده پروين ۽ غلام شبير سمون آهن. اڄ جو دورجيتوڻيڪ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي پر تنهن هوندي به اسٽيج ڊرامه جي پنهنجي حيثيت آهي. مير صوبدار سعيد اسٽيج ڊارمه جي اداڪاريءَ ۾ پڻ تمام گھڻو نالو ڪمايو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته پرفارمنگ آرٽ ۾ اسٽيج ڊرامو ڏسندڙ تي گهرو ۽ تڪڙو اثر ڪري ٿو. جتي ڏسندڙ هڪ وقت بي اختيار ٽهڪ ڏيئي ٿو ته وري ساڳي وقت پنهنجي اکين جي ڳوڙهن جا بند به ٽوڙي وجهي ٿو. مير صوبدار موجب 1980ع کان خيرپور ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪيو آهي، هاڻ به خيرپور آرٽس ڪائونسل اسٽيج ڊرامي جي حوالي سان عملي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
هو ٻڌائي ٿو ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سنڌي چينلن جي اچڻ بعد سنڌ جي پرفارمنگ آرٽ جي لڪل ٽيلينٽ کي ظاهر ٿيڻ جا ڀرپور موقعا مليا ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نوان اداڪار ۽ فن موسيقي جا لڪل اثاثا نه صرف ظاهر ٿيا پر انهن کي ڀرپور سڃاڻپ ۽ پذيرائي پڻ ملي. اداڪاريءَ جي شعبي ۾ مير صوبدار سعيد کي اسد قريشي، شبيران چنه، ماما لالو، نثار شاهه، احمد ميمڻ تمام گھڻو متاثر ڪيو جن سان گڏ ڪم ڪندي هن ڪيترائي مزاحيه ۽ ڏکوئيندڙ ڪردار پڻ ادا ڪيا. مير صوبدار سعيد ان ڳالهه تي به سخت ڏکويل آهي ته دنيا جا اداڪار، ليکڪ ۽ فنڪار ڪروڙ پتي نه بلڪه ارب پتي بڻجي ويا آهن پر سنڌ جا اداڪار، ليکڪ ۽ فنڪار اڄ به ڪسمپرسيءَ واري حياتي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ تڙپي تڙپي پنهنجا حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا گذاري رهيا آهن. مير صوبدار ٻڌايو ته هندستان ۽ دبئي ۾ اردو مشاعرا ڪرايا وڃن ٿا جتي شاعرن کي 10 کان 15 لک معاوضو ڏنو وڃي ٿو جڏهن ته هتي پئسن جو عذر ڄاڻائي صوفي بزرگن جي سالياني عرس جي ادبي ڪانفرنس مان مشاعري جي تقريب کي نيڪالي ڏني وڃي ٿي. جيستائين علم ادب آرٽ ۽ ثقافت کي سرڪاري سرپرستي نه ملندي تيستائين هتان جو اداڪار، ليکڪ، شاعر مايوسيءَ واري حياتي گھاريندو ۽ مايوس ادب تخليق ڪندو رهندو، جنهن سان بيمار سماج ئي جڙندو ۽ سلهه جي مريض جيان پيو ساهه کڻندو رهندو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *