تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

موچيءَ جي ڏاهپ!….عبدالغني شر

هڪ درد آھي جنهن جي پچاڻي ناهي ٿيندي، ٻيو سور آھي جنهن کي دل ۾ سمائي ڇڏبو آھي! هن جا چپ هر پل خاموشي جي روزي سان هوندا آھن، مايوسين بيوسين جي ماڪ جا ڦڙا هن جي اکين ۾ ٽمندا رهندا آھن! هو روز پنهنجي ڏڪندڙ  ھٿن سان سڄو ڏينهن بوٽ پالش ڪندي گذر سفر ڪندو آھي، هو رت جي رشتن جي روش جو ماريل هو! هو سورن کي ساهه ۾ لڪائي مرڪ جهڙي ماحول ۾ جيئندو رهندو آھي.
چند هفتا اڳ جڏھن هولي جو خوشين ڀريو تهوار ملهائجي رهيو هو، هر پاسي خوشين جو سمان هو، هڪٻئي تي رنگ هاريا پئي ويا، انهن خوشين ڀرين لمحن ۾ ھي ڪاڪو ڪيول  معمول موجب پنهنجي مزدوري ۾ مصروف هو. رنگن جو اهڙو سمورو لقاءُ ڏسي سندس ننڍڙو پڇڻ لڳو ته بابا اڄ خوشين جي ڏينهن تي به تون بوٽ پالش ڪري رهيو آھين…؟ 
ننڍڙي روي جو اهو سوال هن جي پريشانين ڳڻتين مٿان وڄ وانگي ڪڙڪي پيو. اکيون سانوڻي جي مينهن وانگي اوهيرا ڪري وسڻ لڳيون! هن جي اکين ۾ ڳوڙھن جو هڪ سمنڊ سمايل هو، پر هن جون اکيون اهڙا لڙڪن جا بادل ڪي ئي دفعا اڳ وسائي ويٺيون هيون! چند لمحن جي خاموشي کانپوءِ پنهنجي گهنجيل چهري تي ڪوڙي مسڪراهٽ آڻي چوڻ لڳو: ابا پاڻ غريب ڪهڙي عيد ملهايون؟ تڏھن هي پنهنجي ننڍڙي کي چوڻ لڳو ته ”ننڍي هوندي بابا اسان کي زوري اسڪول موڪليندو هو، پر اسانجي اسڪول ۾ پڙھائي سان دل بلڪل ڪونه لڳندي هئي مون پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي. بابا سان ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو هئس، پاڙي وارا بار بار مونکي سمجهائيندا هئا پڙھڻ جي تلقين ڪندا هئا، انهي مهل اهڙيون ڳالهيون منهنجي ذهن تي اثر ڪونه ڪنديون هيون. هارپو مزدوري ڪندي وقت گذرندي دير ئي نه ڪئي. گھڻو وقت گذرڻ کانپوءِ منهنجي اندر ۾ تعليم اهميت اجاڳر ٿي. انهي وقت دل ۾ پڪو  پهه ڪري ڇڏيم ته پنهنجي اولاد کي باقاعده پڙھائيندس، ان بعد طويل سڪ جي سفر کانپوءِ جڏھن تون هت آئين تڏھن اسان جي خوشي جي ڪا حد نه رهي غريبي حال هوندي به آئون اڪيلو توکي لاڏ ڪوڏ سان نپائيندو رهيس. وقت گذرڻ سان گڏ جڏھن تون اسڪول وڃڻ لڳو هئين تڏھن آئون ٻني جو ڪم ڪار ڇڏي هر روز پابندي سان توکي ڳوٺ واري اسڪول وٺي ويندو هئس، مسلسل توکي ٽائيم ڏيڻ جي ڪري منهنجي ٻني ٻاري جو ڪم متاثر ٿيڻ لڳو. انهي ڳالهه جي ڪري وڏيري جي ڪاوڙ وڌنڌي رهي پر منهنجي معمول ۾ ڪو به فرق نه آيو نيٺ وڏيري مونکي هارپي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڳوٺ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو!  تمام گهڻو پريشان ٿيندي گهر جا ٽين ٽپڙ ۽ مال متاع وڪڻي وڏيري کي قرض ڀري اتان لڏو کڻي شھر ۾ محنت سان مزدوري ڪرڻ لڳس ۽ توکي شھر جي اسڪول ۾ داخلا ڏياري پڙھائيندو رهيس. وقت جي رفتار سان وڌنڌڙ مهانگائي سان گڏ تنهنجي پڙھائي جا خرچ وڌنڌا رهيا، ڏکين حالتن هوندي به ڏينهن رات مزدوري ڪندو رهيس، انهي ڏينهن بي انتها خوشي محسوس ٿي جڏھن تون انٽر ٽيسٽ پاس ڪري لمس ۾ پڙھڻ وڃي رهيو ھئين انهن لمحن ۾ مونکي دنيا جا سڀ رنگ پرڪشش لڳڻ لڳا هئا! زندگي جي سفر جا  سڀ ٿڪ لهي ويا، اکين ۾  نوان خواب اڏجڻ لڳا هئا. پنهنجي مائٽن جي حسرتن ۽ خوابن کي دل ۾ سانڍي نئين منزل جي حاصلات پٺيان لڳو هئس. اڄ تون هڪ اهڙي اسڪول ۾ پڙھين پيو جتي امير ترين ماڻھن جا ٻار پڙھندا آھن، تون ڳوٺ جي زندگي کان ايترو واقف ناهين ڇاڪاڻ ته تون گهڻو تڻو شھر جي اونچين عمارتن ۾ رهيو آھين، جتي هر پل خوشيون تنهنجا چپ چمنديون رهن ٿيون، جتي هر پل هر گهڙي تنهنجي محنت ڏسي تنهنجي بهترين مستقبل لاءِ رقص ڪندي رهي ٿي!“
ڪيول ڏس سامهون هي همراهه اڄ ڪيترو خوش لڳي رهيو آھي، هن جي پٺيان ايندڙ ٻار جو معصوم چهرو به ڪيئن نه ٻهڪي رهيو آهي، پر هن جون اهڙيون اميدون سخت محنت ڪري ئي پوريون ٿينديون!! ڇاڪاڻ جو هن جو پيءُ ”کن پل جي خوشي جهڙو رانديڪو آھي“ هن جو والد هڪ موالي آھي جيڪو صبح شام نشي ۾ ڌتُ هوندو آھي ،انهي ننڍڙي معصوم کي ڪهڙي ڪل ته هن جو والد هن جي مستقبل سان ويساهه گهاتي ڪري رهيو آھي. روي! تون هاڻي وڏو ٿي ويو آھين سڀ شيون سمجهين ٿو، ڇا هن وقت هن ننڍڙي جو والد ڪجهه رانديڪا خريد ڪري ڏي پيو اهو ڇا پنهنجي اولاد جي خوشي لاءِ ڪافي آھي؟ آئون توکي پنج سال جي عمر تائين رانديڪا ئي وٺي ڏيان ها ته اُھي اڄ تو لاءِ حقيقي خوشي ۽ سڦلتا ماڻي ڏين ها؟؟ ائين بلڪل ناهي پنهنجي اولاد کي هميشه وقت سان وڌندڙ عمر کي ڏسي ڪري ئي پيار ڏيڻ کپي. اڄ تون سمجهين ٿو ته سموري دنيا خوشيون ملهائي رهي آھي آئون هت بوٽ پالش ڪري رهيو آھيان اها منهنجي مجبوري بيوسي لاچاري آھي؟؟
منهنجا پُٽ ائين نه آھي، آئون هن وقت بوٽ پاليش ڪندي هر پل خوشي مسرت سان رقص ڪندي گذاريان پيو، ڇاڪاڻ جو منهنجو مقصد هو توکي ڪنهن وڏي اداري ۾ پڙھائڻ اهو مقصد منهنجو اڄ مڪمل ٿيندي نظر اچي رهيو آھي، اها منهنجي لاءِ هن پوري ڪائنات کان وڏي خوشي آھي، انسان کي هميشه مقصد پٺيان زندگي گذارڻ گهرجي. اهڙو مقصد هر والدين جيڪڏھن پنهنجي اولاد لاءِ رکي ته شايد عارضي خوشين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سموري زندگي خوشين سان ڀرجي وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *