تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

مون کي پنهنجي بابا تي فخرآھي…. ابراهم لنڪن/ طفيل مگسي

ابراهم لنڪن جنهن جو بابا هڪ ڪاريگر انسان هو. هو جيڪو هاري به هو ته موچڪو ڪم پڻ ڪندو هو.هو جواني جي دوران اڪثر اميرن جي گهرن ۾ ويندو هو ۽ انهن جي خاندانن جا جوتا مرمت ڪندو هو.1861ع ۾ ابراهم لنڪن جڏھن امريڪا جو صدر بڻجي ويو ته ان وقت امريڪي سينيٽ ۾ جاگيردارن.واپارين.۽ صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن جو قبضو هو.جيڪي سينيٽ ۾ پنهنجي ڪميونٽي جي مفادن جي حفاظت ڪندا هئا.ابراهم لنڪن صدر بڻيو ته هن امريڪا ۾ غلامي جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ ھن هڪ فرمان ذريعي باغي رياستن جي غلامن کي آزاد ڪري فوج ۾ شامل ڪري ڇڏيو..امريڪا جا سڌارڪ پسند لنڪن جي سڌارن کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهيا هئا.جيتوڻيڪ اهي ماڻهو ابراهم لنڪن خلاف ٿي ويا جن نه صرف لنڪن جي شھرت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي بلڪ هن جي ڪردار خلاف به ڪو موقعو نه ڇڏيو .اهي ماڻھو سينيٽ جي اجلاس ۾ عمومن ابراهم.لنڪن تي ٺٺول ڪندا هئا پر لنڪن انهن جي ٺٺول تي ڪڏهن به ڏکارو نه ٿيو.هو چوندو هو ته مون جهڙي شخص جو امريڪا جو صدر بڻجي وڃڻ انهن سڀني ماڻھن جي هزارين لکين اعتراضن جو جواب آھي.ان ڪري مون کي جواب ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آھي.ابراهم لنڪن ڪنهن قدر مضبوط سوچ ۽ حوصلي جو مالڪ هو.اوهان ان جو اندازو هن واقعي کان لڳائي سگهو ٿا ته جڏھن هي پنهنجي پهرين صدارتي خطاب لاءِ سينيٽ ۾ داخل ٿيو ۽ صدارت واري سيٽ ڏانهن وڌي رهيو هو ته اوچتو هڪ سينيٽر پنهنجي سيٽ تان اٿيو ۽ ابراهم لنڪن سان مخاطب ٿي چيائين “لنڪن صدر ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪڏھن نه وسارجان ته تنهنجو بابا منهنجي خاندان جا جوتا ٺاهيندو هو“ اهو جملو ٻڌي سڄي سينيٽ ۾ ٽھڪڙو مچي ويو..
لنڪن مرڪيو ۽ ڊائس تي هليو ويو ۽ ان رئيس سينيٽر سان مخاطب ٿيندي چيائين “سر ؛ مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو بابا اوهان جي گهر ۾ اوهان جي خاندان جا جوتا ٺاھيندو هو ۽ توکان سواءِ ھن ھال ۾ موجود ٻين اميرن جا به جوتا ٺاهيندو هو پر اوهان ڪڏھن سوچيو ته امريڪا ۾ ھزارين موچي هئا پر اوهان جا بزرگ سدائين منهنجي بابا کان جوتا ٺھرائيندا هئا.ڇو؟ ان لاءِ ته سڄي امريڪا ۾ ڪو موچي منهنجي بابا کان وڌيڪ سٺا جوتا نه ٺاهي سگهندو هو.منهنجو بابا عظيم فنڪار هو.هن جا ٺاھيل جوتا محض جوتا نه هئا بلڪ انهن جوتن ۾ ھو پنهنجو روح وجهي ڇڏيندو هو.منهنجي بابا جي سڄي ڪيريئر ۾ ڪنهن ان جي ٺاھيل جو تي جي شڪايت نه ڪئي.اوهان کي اڄ به منهنجي بابا جو ٺاھيل جوتو تنگ ڪري ته مان حاضر آھيان..مان به جوتا ٺاھڻ ڄاڻان ٿو.مان اوهان کي پنهنجن هٿن سان نئون جوتو ٺاهي ڪري ڏيندس پر مون کي يقين آھي ته اوهان منجهان ڪوبه منهنجي بابا جي ڪم جي شڪايت نه ڪندو.ڇاڪاڻ ته سڄي امريڪا ۾ منهنجي بابا کان وڌيڪ ڪير به سٺا جوتا ٺاھڻ وارو نه هو..هو هڪ عظيم فنڪار.جينيس ۽ ھڪ عظيم ڪاريگر هو ۽ مون کي ان عظيم موچي جي پٽ ھئڻ تي فخر آھي.ابراهم.لنڪن تقرير ختم ڪئي ۽ صدارت جي ڪرسي تي ويهي رهيو.سڄي هال کي ڄڻ ناگ ڪکي ويو.لنڪن تي ٺٺول ڪرڻ واري شرمساري وچان پنهنجو ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو۽ ان کانپوءِ ڪنهن امريڪي سياستدان لنڪن کي موچي جو پٽ نه سڏيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *