تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

مون کي مرڻ جو شوق ناهي، ان ڪري پاڪستان نٿو اچان: ذوالفقار ڀٽو جونيئر .

(تازو آمريڪي رياست وسڪانسن جي هڪ يونيورسٽي ۾ ڏکڻ ايشيا بابت ڪانفرنس دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار جونيئر سان ڪيل ڳالهه ٻولهه).

جناب، “توهان جي هڪ ڊانس وڊيو پاڪستان ۾ اهڙو ته ڌمچر مچايو آهي جو نه پڇو. توهان بابت ٻه رايا جڙيا آهن، هڪ تنقيد وارو ۽ ٻيو ساراهه وارو، مون کي توهان ٻئي طبقي ۾ ئي سمجهو.
اڇا، “توهان ڏٺي آهي، اها وڊيو؟”
“جي، بلڪل”.
ڳالهه ٻولهه جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن اسين ڪانفرنس دوران کاڌي جي ميز تي گڏياسين. هاڻي، ڳالهه ٻولهه کان اڳ سندس حلئي بابت ٿورو ٻڌي وٺو، مٿي جا وار صفا چٽ، تازو بليڊ لڳايو هئس، شهپر سنهڙا ۽ تيز، پينٽ شرٽ ڍلي، آواز ۾ ملائمت جو رس، رنگ نه وڌيڪ ڳورو، نه ڪارو، وچولو رنگ.
جيئن مون پنهنجو تعارف ڪرايو، ته ڇرڪي پيو “ڇا توهان افسانا به لکيا آهن؟”
جي حضور، “هن ناچيز ان صنف ۾ هڪ، ٻه ڪتاب لکيا آهن.”
اڙي ته جيئن چئو نه “واٽ ول يو گو فار دس بيوٽي” توهان جو ڪتاب هو. مون کي فاطمه ڏنو هو ته هي پڙهي ڏس. توهان تمام سٺا افسانا لکو ٿا، انهن ۾ پنجاب تي بهتر سماجي ۽ نفسياتي ڪم ٿيل آهي. مون کي پسند آيو … هي وٺو، هي ڀاڄي تمام سٺي آهي … ان کانسواءِ ڪجهه ٻيو به لکيو؟”
“جي، پر اڃا تائين انگريزي ۾ نه آيو آهي، جيڪڏهن انگريزي ترجمو ٿي ويو ته توهان کي موڪليندس. هان، ايمازان تي هڪ ٻيو ڪتاب موجود آهي، ”شاهه محمد ڪا تانگه”.
“اڄ ئي ڳوليان ٿو”
اسان ماني کاڌي ۽ ڪافي پيتي، ڪجهه ڳاليهون ڪيون، منهنجي خواهش هئي ته جونيئر ڀٽو کي وڌيڪ ڏسان ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ته هو دنيا ۾ زندگيءَ جو ڪارونهوار ڪيئن ٿو هلائي. مون پڇيو “توهان پاڪستان ڇو نٿا اچو ۽ ڇو نٿا اچي پاڪستان جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچايو. ڇاڪاڻ ته ڀٽو جا اصل وارث ته توهان آهيو؟”
چوڻ لڳو، “ناطق صاحب، توهان ليکڪ آهيو، ڇا توهان کي خبر ناهي ته جن کي سياست ۾ قتل ۽ غارت جي عادت ناهي هوندي اهي قتل ٿي ويندا آهن؟ مون کي قتل ٿيڻ پسند ناهي ۽ اهڙي حالت ۾ جڏهن ان جي بدلي عوام جو ڀلو به نه ٿئي. ان ڪري مون کي يا ته دل ۽ ڪتابن جي دنيا جو ماڻهو ٿيڻو هو، يا جنگ ۽ جدل جو. مون کي دل جي وسندي سٺي لڳي ۽ ان ۾ هليو آيس”.
جونيئر ذوالفقار جي اها ڳالهه منهنجي دل ۾ گهر ڪري وئي. پيپلز پارٽي جي باني جو واحد پوٽو جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو منهنجي سامهون نهايت سادي ۽ معصوم انداز ۾ ايئن ويٺل هو ۽ ايترو صبر سان ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، ڄڻ صدين جو ڪرب ۽ زمانن جا داستان پنهنجي سيني ۾ سمائي ويٺو هجي.
اتي ٻن، چئن ماڻهن کانسواءِ سندس سڃاڻ وارا ڪي گهڻا نه هئا، ان ڪري موقعو ملي ويو ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون، جن مان اڪثر پاڪستان بابت هيون، عوام بابت هيون ۽ انهن بابت ۾ جيڪي عوام سان مسلسل کيڏندا رهيا آهن. اسين ڪافي پيئندا، ڳالهيون ڪندا رهياسين.
ان ڪانفرنس ۾ جونيئر ذوالفقار هڪ نمائندي طور شريڪ ٿيو هو، هن چيو “مون کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سببن تي ڪجهه ڳالهائڻو آهي، توهان ٻڌڻ اچجو نه، اڍائي وڳي، هن سامهون واري ڪمري ۾ آهي”.
جتي سندس پريزنٽيشن هئي، اتي 25-30 ماڻهو چوڦير ڪرسين تي ويٺل هئا، هن ڳالهه شروع ڪئي ۽ سلائيڊن جي مدد سان پنهنجو موقف پيش ڪندو ويو، جيڪي هو پاڻ ٺاهي کڻي آيو هو.
ڪي سلائيڊون گوريلا ويڙهه ڪندڙن جي پنهنجي هٿن سان ٺهيل هيون، انهن وٽ نوڪيلا پٿر هئا، ان کانپوءِ وارين سلائيڊن ۾ زمانو اڳتي نڪري چڪو هو، گوريلا ويڙهه ڪندڙن جي هٿن ۾ چاقو ۽ ڇريون هيون، سلائيڊون بدلجنديون ويون ۽ وقت به اڳتي وڌندو ويو، گوريلن جي هٿن ۾ هٿيار جديد ٿيندا ويا. سلائيڊون پهرين پٿرن تي هيون، پوءِ پنن تي، ان کانپوءِ ڪاغذن تي منتقل ٿيون، آخر ۾ اسڪول ۽ ڪاليج جي ڪتابن تي ٺهيون، هي دور ضياءَ جو دور هو.
اهي تصويرون ڪيئن ٺهيون، ڪنهن ٺاهيون ۽ افغانستان ۽ پاڪستان جي اسڪولن ۽ ڪتابن جي زينت ڪيئن بڻيون، اهو سڀ جونيئر ذوالفقار ڀٽو آهستي آهستي اسان کي ڏيکاريو ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن انهن ماڻهن جا نالا ۽ فوٽو به ڏيکاريا، جن اهي شهپارا تيار ڪيا هئا، اهي اسان جا “آقا” آمريڪي هئا.
پوءِ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو اهي دستاويز ڏيکارڻ شروع ڪيا، جيڪي خدا کي خبر ته هن وٽ ڪيئن پهتا، جن ۾ اسان جي ملن کان جرنيلن تائين، کي هدايتون ڏنل هيون. انهن ۾ ٽارگيٽ ۽ رقمون به بيان ٿيل هيون. پوءِ هي جنگ روس کان شيعه ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ منتقل ٿي ۽ ان تي هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، هن جيئن جي شيعت جو تعارف ڪرايو، ته مون کي سندس مطالعي ۽ تاريخ شناسي تي رشڪ اچڻ لڳو.
ان کانپوءِ اسامه بن لادن، ان جي ايجنٽن، آمريڪين ۽ جنرل ضياءَ جي ٽڪنڊي بابت ڳالهائڻ لڳو، هتي رقم ۽ هدايتون عربن جون هيون، تربيت سي آءِ اي جي هئي. يورپ ڪيئن ان ۾ پنهنجو حصو وڌو، اها سڄي ڪهاڻي انتهائي سهڻي نموني ٻڌائي حاضرين کان داد حاصل ڪيائين.
ذوالفقار جونيئر جي هڪ ڪلاڪ واري پريزنٽيشن ۾ مون کي اندازو ٿيو ته مسئلو مولوي يا ڪيپٽل ازم نه، فقط ڪجهه ماڻهن جي نظرين جي توسيع پسندي هئي، جن کي روس کان پوءِ هن پوري خطي تي نافذ ڪرڻو هو، اها ڪوشش اڄ به جاري آهي، پر ناڪام ڪوشش. جيتوڻيڪ، ان ڪوشش ۾ رت جا درياءَ ضرور وهيا آهن، خاص ڪري شيعن جا.
ان کانپوءِ اسين ٻيهر گڏياسين، مون چيو “توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن پاڪستان ۾ هجو ته اسان جي گهڻن بيوقوفن مان جان ڇٽي پوي”.
کلندي چيائين “اتي هجان ها ته اهي مون مان جلد جان ڇڏائي وٺن ها”.
پوءِ مون کانئس پڇيو “اڇا، اهو ته ٻڌايو هي جو هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمندا آهيو، رقص ڪندا آهيو ۽ ڪڏهن وار وڏا، ته ڪڏهن صفا گنج، ڪڏهن نچو، ته ڪڏهن گهمو، ڦرو، ڪڏهن مردن جيان، ته ڪڏهن عورتن جيان، ان پويان ڪهاڻي ڇا آهي؟”
چوڻ لڳو، “اسين آهيون مسافر، توهان شاعر آهيو، افسانه لکو ٿا، اهو ڪم اسان کان نه ٿي سگهيو، پوءِ ڪجهه ته ڪرڻو هو، بس جنهن شئي ۾ دل کي سڪون ملندو آهي، ان ويس ۾ اچي ويندو آهي، اڇا، هاڻ مون کي اجازت ڏيو، مون کي جلد شڪاگو وڃڻو آهي، شام واري فلائيٽ ۾”
آئون ڀٽي جي پوٽي سان ڀاڪر پائي مليس، سندس اگهاڙي مٿي تي چمي ڏني ۽ کيس رخصت ڪيو.
(علي اڪبر ناطق- انڊپيڊينٽ)

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *