تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

مون کي اڄ به سچي خوشي ۽ راحت ڪتاب پڙهڻ سان ملي ٿي : شهناز شورو………ڳالهه ٻولهه

شهناز شورو سنڌ جي هڪ بهادر ۽ پڙهيل لکيل نياڻي آهي. هو جديد لاڙن سان گڏ هلڻ ۽ انهن پٽاندڙ زندگي گذارڻ جي قائل آهي. هڪ بهترين افسانا نگار آهي. هو هڪ آزاد معاشري ۾ رهڻ جي خواهشمند هئڻ ڪري هن وقت ملڪ کان ٻاهر آهي پر هن جي خواهش آهي ته اسان جي سماج ۾ اها تبديلي اچي جو هن جي اولاد کي هڪ آزاد زندگي گذارڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر رهڻ جي ضرورت نه پوي. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ اوهان به اسان سان شريڪ ٿيو.
“ منهنجو تعلق ٿرپارڪر جي هڪ زميندار گهراڻي سان آهي. اباجي اهڙا ئي رواجي وڏيرا هئا جيئن ٻيا هوندا آهن. کين وراثت ۾ زمينون مليون ۽ هنن سڄي زندگي زمينداري ئي ڪئي، ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيو.
امي جو جيسيتائين تعلق آهي ته هو هندوستان جي علائقي پٽيالا کان هيون. نانا بابا ورهاڱي جي وقت پوليس ۾ هئا. اهڙي ريت آئون ٻن ثقافتن جو ميلاپ آهيان”.
“ منهنجو تعلق هڪ اهڙي سماج سان آهي جتي ڪنهن ڇوڪري يا عورت جي تعريف ڪئي به ويندي آهي ته چيو ويندو آهي ته“ هي ڌي نه پر پٽ آهي”.
بيشمار ناخدائن جي ٺاهيل اڻ ڳڻپ محاذن تي پير پڪا ڪري بيٺل ننڍن خدائن سان وڙهندڙ ڪا عورت، معاشرتي حوالي سان ڪٿي ڪا ڪاميابي حاصل ڪندي آهي يا پنهنجن صلاحيتن کي مڃرائيندي آهي ته به تعريف ٻڌڻ لاءِ کيس پنهنجي زناني وجود جو انڪار ئي ٻڌڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته پدري سماج ۾ ڪاميابي، اعليٰ مقام، با عزت سماجي مرتبي جو تصور رڳو مرد سان جڙيل آهي.ڪاميابي جا حقدار رڳو مرد ۽ پُٽ ئي سمجها ويندا آهن.
“ منهنجي اردو ۾ لکڻ جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته گهر ۽ اسڪول ۾ اردو ڳالهائڻ جي سبب سنڌي سٺي ناهي. منهنجا والد صاحب سنڌي هئا ۽ منهنجي والده پنجابي ڳالهائيندڙ. جنهن اسڪول ۾ پڙهيس اهو به اردو ميڊيم. گهر جو ماحول به ڪجهه ائين هو جو اباجي گهڻو ڪري زمينن جي سار سنڀال جي لاءِ زمينن تي هوندا هئا ته پويان گهر ۾ امان سان گڏ ناني امان هوندي هئي. امان کي اردو ڳالهائڻ ايندي هئي سو گهر ۾ اردو هلندي هئي.
اردو پڙهندڙن کان ملندڙ مڃتا جي حوالي سان شهناز شورو جو چوڻ آهي ته“ آئون تقريبن 25 سالن کان اردو ۾ لکان پئي. اردو پڙهندڙ جتي به آهن، پوءِ اهوآمريڪا هجي يا يورپ، يا پوءِ انڊيا ۽ پاڪستان. جيڪو به اردو ادب جو سنجيده پڙهندڙ آهي ان تائين منهنجون لکڻيون ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پهچن ٿيون ۽ هو مون کي سڃاڻين ٿا. مون کي فغر آهي ته سمورا سنجيده پڙهندڙ مون کي مڃتا ڏين ٿا. هو منهنجي لکڻ جي انداز کي پسند ڪن ٿا”.
اردو سنڌي اديب جي وچ ۾ ويڇن جي باري ۾ڳالهائيندي هن چيو ته“ اردو ۽ سنڌي اديبن کي پنهنجن دلين مان نفرتون ڪڍي، ايمانداري سان هڪ ٻئي کي ٻڌڻو پوندو. هڪ ٻئي جي تحريرن کي مان ڏيڻو پوندو. زبان جي بنياد تي نه پر انسانيت جي بنياد تي ڪم ڪندا تڏهن ئي اهي ويڇا ختم ٿي سگهندا”.
عالمي ادب سان هتي جي ادب جي ڀيٽ ڪندي شهناز چيو ته“ آمريڪا، اسپين، برطانيا، جرمني، فرانس ۾، ۽ لاطيني آمريڪا ۾ لا محدود ادب تخليق ٿئي ٿو. جيڪي لکندڙ آهن انهن ۾ ايترا ته رنگ آهن جو آئون ساڳئي برش سان سڀني کي پينٽ نٿي ڪري سگهان. اهو سڄو ادب پهرين انهن جي مادري ٻولين ۾ لکيو وڃي ٿو پوءِ انگريزي ۾ ترجمو ٿئي ٿو. اسان وٽ ترجمو ٿيل محدود ادب پهچي ٿو. انڪري اها ڀيٽ ڪرڻ صحيح ناهي. اسان وٽ به لکيو وڃي پيو پر ڪجهه مشاهدي ۽ مطالعي جي کوٽ محسوس ٿيندي آهي.
سنڌي عورت جي مسئلن جي حوالي سان شهناز جي راءِ آهي ته سنڌي سماج جو هڪ وڏو حصو ڳوٺاڻو آهي ۽ اهو قبيلائي سماج آهي. جتي جي عورت مختلف مسئلن جي ور چڙهيل آهي.
“ جيڪڏهن آئون پنهنجي حوالي سان ڳالهه ڪريان ته هن وقت جيڪا اظهار جي آزادي ۽ پنهنجي مرضي سان رهڻ جي آزادي، هي جيڪي خوفناڪ زهريليون اکيون آهن، انهن کان پري رهڻ جي جيڪا آزادي آهي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي پئي، پر اسان ان آزادي کي ماڻڻ لاءِ پنهنجو ملڪ ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي ٻاهر هليا ٿا اچون ته اهي شيون اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ حاصل هجن.آئون خوش آهيان ته مون اها آزادي حاصل ڪري ورتي پر آئون چاهيان ٿي ته اسان جي ايندڙ نسلن کي اها آزادي اسان جي ملڪ ۾ حاصل هجي ۽ انهن کي ان لاءِ ملڪ ڇڏڻو نه پوي.
آئون جيڪو لکان ٿي ان ۾ اهو ئي پيغام آهي ته بنيادي طور تي عورت ۽ مرد ٻئي انسان آهن ۽ برابر آهن. مون جيئن ته اردو ۾ لکيو آهي. هينئر منهنجو هڪ ڪتاب ڊاڪٽر شير مهراڻوي صاحب سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي جيڪو جلد پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندو ۽ ظاهر آهي ته منهنجون اهي ڪهاڻيون عورتون به پڙهنديون ته انهن ۾ مون پنهنجي اها ئي مخصوص سوچ رکي آهي ته مرد ۽ عورت ٻئي انسان آهن ۽ انسان هئڻ جي حيثيت ۾ انهن کي هڪجهڙا اختيار، هڪجهڙي آزادي ۽ سماج ۾ هڪجهڙو رويو ملڻ گهرجي. پر آئون ڄاڻان ٿي ته پاڪستان جهڙي معاشري ۾ اهو ممڪن ڪونهي”.پي ايڇ ڊي جي ٿيسز کي سنڌي ۾ آڻڻ جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته“ بلڪل اچڻ گهرجي. اردو ۾ ان جي ترجمي لاءِ مون سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ ڪم شروع به ٿي ويو آهي، پر مون کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي، جيڪڏهن اهو سنڌي ۾ ترجمو ٿئي ۽ عام سنڌي ماڻهن تائين پهچي ۽ منهنجي راءِ آهي ته اهو ترجمو اچڻ کپي. جيڪڏهن ڪنهن رابطو ڪيو ته آئون ويلڪم چونديس.
نوجوان لکندڙن جي حوالي سان ڳالهائيندي شهناز چيو ته“ هر لکندڙ کي اهو حق حاصل آهي ته جيڪو هو لکڻ چاهي ٿو اهو لکي سگهي. اوهان ڪنهن به لکندڙ کي پابند نٿا بڻائي سگهو ته هي لک ۽ هي نه لک. هر ڪو پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي حصاب سان لکندو آهي. باقي اهو ضرور آهي ته اوهان جيتري گهرائي سان لکندا اوتري ئي اوهان جي ڳالهه اثر رکندي.
سنڌي ادب ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽن بابت شهناز جو خيال آهي ته ان ۾سڀ کان وڏي رڪاٽ آهي محدود مطالعو. باقي ثقافت ڪا بيٺل جامد شئي ناهي، اها تمام گهڻي لچڪ رکندڙ شئي آهي. ٿقافت متحرڪ ۽ سدا حيات رهڻ واري شئي آهي. ان کي آزاد ڇڏي ڏيڻ گهرجي جيئن هو پنهنجي شڪل جوڙيندي رهي.
سندس زندگي جو ساٿي پڻ هڪ اعليٰ ليکڪ، تنقيدنگاربهترين انسان آهي. هو هن وقت هڪ اعليٰ سرڪاري عهدي تي آهن ۽ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان سندن وڏيون خدمتون آهن.
“ اڪبر لغاري صاحب هڪ تمام زبردست قسم جا تنقيدنگار آهن. آئون ان ڳالهه کي سارهايان ٿي ته هڪ تنقيدنگار جي حيثيت ۾ انهن جي نظر تمام گهري ۽ خوبصورت آهي. سٺا ليکڪ آهن ۽ پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ به بهترين آهن، پر منهنجي زندگي، رڳو هڪ خوبصورت انسان سان گذري ٿي. اسان جڏهن گڏ هوندا آهيون ته اسان بهترين دوست هوندا آهيون. آئون ان ڳالهه تي يقين ٿي رکان ته منهنجي زندگي ۾ قدرت جي طرفان جيڪا سڀ کان وڏي نعمت مون کي مليل آهي اُها اِها آهي ته هو منهنجي زندگي ۾ هڪ دوست جيئن شامل آهن. اسان جڏهن گڏجندا آهيون ته اسان دنيا جي هر موضوع ۽ هر قسم جي ادب تي ڳالهائيندا آهيون”.
ماضي جي لمحن کي ساريندي پنهنجي جيون ساٿي جي چونڊ بابت مرڪندي هن ٻڌايو ته“ يقين ڪريو جڏهن مون کين پهريون ڀيرو ڏٺو ته منهنجي ذهن ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته هو تمام زبردست قسم جو ماڻهو آهي. هڪ ٻن ملاقاتن ۽ ڪچهرين کانپوءِ منهنجو اهو يقين وڌيڪ پختو ٿي ويو ته هو هڪ سچو هيرو آهي”.
پنهنجي پهرين ملاقات جالمحا اسان سان ونڊيندي هن چيو ته“ اسان جي پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ ٿي. پر ان وقت اهو اندازو نه هو ته ڳالهه ايتري اڳتي وڌندي ۽ ائين ٿيندو، پر اها ڳالهه ضرور آهي ته پهرين ئي ملاقات ۾ اسان ٻنهي وٽ هڪٻئي لاءِ پسنديدگي جا جذبا پيدا ٿيا هئا”. شهناز بيحد سرهائي مان ٻڌايو ته“ مون کيئن پروپوز ڪيو ته مون سان شادي ڪريو، پر هنن ان کي مزاق سمجهندي چيو ته نه نه آئون اوهان سان شادي نٿو ڪري سگهان. مون کي ان وقت انهن جو اهو جواب نه وڻيو پر ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن هنن منهنجي پيشڪش تي سنجيدگي سان غور ڪيو ته پوءِ چيائون ته ٺيڪ آهي”.
“ انکانپوءِ مون کي جتي به ٻاهرين يونيورسٽيز ۾ ليڪچر ڏيڻ جو موقعو مليو آهي ته مون نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي چيو آهي ته جڏهن به اوهان ڪنهن کي ڏسو ۽ اهو محسوس ڪريو ته ان انسان سان ئي اوهان جي زندگي سٺي گذرندي ته وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ وڃو ۽ ان کي چئو ته ڇا اوهان مون سان شادي ڪري سگهو ٿا يا ٿي. ڇاڪاڻ ته آئون سمجهان ٿي يا ٿو ته اسان هڪ سٺو جوڙو ثابت ٿينداسين”.
ذاتي خواهش تي تبصرو ڪندي هن چيو ته“ ذاتي طور شهناز شورو جي حيثيت ۾ مون زندگي ۾ ڪي وڏيون خواهشون رکيون ئي ناهن. مون هڪ تمام سادي زندگي کي ترجيح ڏني آهي. آئون تمام گهڻي خوش آهيان ته گهمڻ ڦرڻ جي حوالي سان مون الاهي دنيا ڏٺي آهي. خوبصورت ماڻهن سان ملي آهيان. جيترو ادب پڙهڻ چاهيندي هئيس پڙهيم. جيترين يونيورسٽيز ۾ وڃڻ چاهيم پئي، آئون اتي ويس. آئون قدرت جي ٿورائتي آهيان ته منهنجي هر خواهش پوري ٿي آهي.هاڻي بس هڪڙي خواهش آهي ته منهنجا ٻار تمام گهڻا خوبصورت ۽ تهذيب وارا انسان ٿين.
سنڌ کا پري رهڻ جي حوالي سان پنهنجا ويچار ونڊيندي شهناز جو چوڻ هو ته“ منهنجو اڌ وجود هتي آهي ۽ اڌ سنڌ ۾ آهي انڪري اڌ ماڻهو جي جيڪازندگي ٿي سگهي ٿي اها منهنجي به آهي. باقي اها حقيقت آهي ته پرديس ۾ اچي شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو پنهنجي ديس کي ياد نه ڪندو هجي. ان جي تڪليف محسوس نه ڪندو هجي”.
” آئون هتي جن به ماڻهن سان ملان ٿي اهي هميشه ماضي ۾ رهن ٿا. هو پنهنجي پس منظر کي هميشه ساريندا رهن ٿا. سٺيون خراب، جيڪي به اتي جو شيون آهن انهن تي ڳالهائيندا رهن ٿا. وقت هڪ عجيب و غريب مرهم آهي اهو آهستي آهستي انهن جي ذهن تان جيڪي خراب تجربا هوندا آهن اهي هٽائي ڇڏيندو آهي ۽ جيڪي سٺيون شيون هونديون آهن بس اهي ياد رهجي وينديون آهن ته ان سان ملڪ جي محبت اڃان به وڌندي آهي”.
زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي تي ڳالهائيندي شهناز چيو ته“ مون کي اڄ به جيڪڏهن خوشي ملي ٿي يا وڌ کان وڌ راحت ملي ٿي ته اها ڪتاب پڙهڻ سان ملي ٿي. آئون ڪو افسانو تخليق ڪري وٺان ٿي ته منهنجي لاءِ اهو بهترين وقت هوندو آهي. منهنجي لاءِ زندگي جي خوبصورتي اها ئي آهي. ماڻهن وٽ خواهشون هونديون آهن ته اسان وٽ هي هجي يا هو هجي. منهنجو ان ڳالهه ۾ پختو يقين آهي ته ماڻهو کي سڀ ڪجهه اتي هن دنيا ۾ ئي ڇڏي وڃڻو آهي. زندگي ۾ خوبصورت ماڻهن سان ملڻ، تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ ماڻهن سان ملڻ سان مون کي خوشي ۽ راحت ملندي آهي”.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.