تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

مونکي ڪڏهن به وڃڻ نه ڏجانءِ …اڪبر لغاري

نوبل انعام يافته ليکڪ، ڪازوئو اشيگرو جو هي ڊسٽوپيائي ناول (Never Let Me Go)  هڪ اهڙي نام نهاد مهذب دنيا متعلق آهي جنهن ۾ سفاڪيت ۽ غير انساني عمل کي خوبصورت تهذيبي لباس پارائي پنهنجي خاص مقصدن جي پورائي ڪئي ويندي آهي. جتي افاديت کي انسانيت مٿان ترجيح ڏني وڃي ٿي. انگلينڊ جي هڪ دور دراز علائقي ۾ هيلشئم نالي هڪ بورڊنگ اسڪول آهي جنهن ۾ ڏاڍا پيارا خوبصورت ۽ صحتمند ٻار پڙهن ۽ رهن پيا. اسڪول جو ماحول ڪافي سخت آهي. ٻار پڙهڻ کان پوءِ راند روند ڪن ٿا. ٽن ٻارن جي پاڻ ۾ گھري دوستي آهي، ٽامي، رٿ ۽ ڪيٿي. سندن عمر تيرهن سال آهي.ٽامي انتهائي حساس ڇوڪرو آهي جنهن سبب ٻيا ٻار کيس تنگ ڪندا آهن ۽ چيڙائيندا آهن. کيس ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان راند به نه کيڏائيندا آهن. هو ڪاوڙ ۽ بيوسي جي مليل جذبي تحت، پنهنجي منهن زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳندو آهي ته ڪيٿي کيس پرچائيندي آهي. جنهن سبب هو ڪيٿي جي موجودگي ۾ پرسڪون ۽ خوش رهي ٿو. ٻئي هڪٻئي لاءِ ، محبت جا جذبا رکن ٿا پر رٿ وچ ۾ اچي وڃي ٿي ۽ هو ٽامي جي ويجھو رهڻ لڳي ٿي.
هيلشئم ۾ شاگردن کي پينٽنگ ٺاهڻ تي گھڻو اتساهيو وڃي ٿو. وقفي وقفي سان، اتي هڪ مادام اچي ٿي جيڪا سندن پينٽنگز جي تعريف ڪندي چوي ٿي، ” هي ته صفا گيلري ۾ رکڻ جهڙيون آهن. هنن ۾ توهان جو روح ٿو نظر اچي“، جنهن تي شاگرد ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. مادام سندن ٺاهيل تصويرون پاڻ سان گڏ کڻي ويندي آهي. ٽامي سٺيون تصويرون نه ٺاهي سگهندو آهي، جنهن تي سڀ مٿس چٿرون ڪندي، چون ٿا ته تخليقيت نالي جي ته تو ۾ ڪا شئي ئي ناهي. سٺي چال چلت ۽ سٺين مارڪن جي عيوض، ٻارن کي ٽوڪن ملندا آهن جن سان هو خريداري ڪري سگھندا آهن. اها خريداري ڪنهن شهر مان نه پر اتي اسڪول ۾ ئي ڪندا آهن ۽ ان لاءِ  سامان ٻاهران ايندو آهي. شاگرد ننڍيون ننڍيون شيون خريد ڪري ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. ماحول ۾ هڪ خاص قسم جي پراسراريت آهي جنهن کي ناول پڙهندڙ شدت سان محسوس ڪري ٿو پر آهستي آهستي ڳالهه کلڻ لڳي ٿي ته، اتي پڙهندڙ سڀ ٻار، قدرتي طور نه پر سائنسي طريقي سان ڪلوننگ ذريعي، هڪ خاص مقصد لاءِ  پيدا ڪيا ويا آهن. اهي جڏهن جوان ٿيندا ته انهن کي عضوا ڏيندڙ (Donar) ٿيڻو پوندو ۽ اهي هڪ هڪ ڪري، پنهنجا چار عضوا عطيو ڪندي مڪمل (Complete) ٿيندا، يعني سندن موت ٿي ويندي.جوان ٿيڻ کان پوءِ ، ٽامي، رٿ ۽ ڪيٿي کي به ٻين وانگر، اسڪول کان ٻاهر، حقيقي دنيا ۾ هڪ ڪاٽيج ۾ رهايو ويندو آهي ته جيئن ضرورت وقت سندن عضوا ڪڍي سگهجن. ڪاٽيج ۾ ٽامي ۽ رٿ جنسي عمل ڪن ٿا جن جي کين ڪا جھل پل ناهي. کين ٺاهڻ وارن، انهيءَ ڳالهه جو خاص خيال رکيوهو ته هو ٻار پيدا ڪري نه سگھن.ڪيٿي دل ئي دل ۾ ٽامي سان محبت ڪندي هئي ۽ کيس رٿ سان جنسي عمل ڪندي ڏسي اداس ٿي وڃي ٿي. ڪاٽيج ۾ کين ٻڌڻ ۾ آيو ته جيڪي عضوا ڏيندڙ، هڪٻئي سان سچي محبت ڪن ٿا اهي جيڪڏهن درخواست ڏين ته ڪجهه عرصي تائين سندن آپريشن موخر ڪري سگهجن ٿا. پر اها درخواست ڪنهن کي ڏجي، ان جي ڪا خبر ناهي.
عضوا ڏيندڙن مان ڪجهه تيماردار (Carer) به ٿي سگهن ٿا، جيڪي عضوا ڏيندڙن جو خيال رکندا ۽ ڪجهه عرصي تائين انهن جا عضوا نه ورتا ويندا. ڪيٿي تيماردار بڻجي وڃي ٿي ۽ کيس هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين مسلسل سفر ڪرڻو پوي ٿو. ڏهاڪو کن سال گذري وڃن ٿا. هڪ ڏينهن ڪيٿي کي خبر پوي ٿي ته آپريشن کان پوءِ ، رٿ جي طبيعت خراب آهي. ڪيٿي ساڻس اسپتال ۾ ملي ٿي جتي کيس خبر ٿي پوي ته رٿ ۽ ٽامي ڪافي عرصو اڳ ئي الڳ ٿي ويا هئا. ڪيٿي، رٿ کي ساڻ ڪري، ٽامي سان ملڻ اچي ٿي جيڪو ٽي دفعا عضوا ڏيئي چڪو آهي. رٿ، اتي اعتراف ٿي ڪري ته کيس ننڍي هوندي کان، ڪيٿي سان ساڙ ٿيندو هو ۽ ٽامي ۽ ڪيٿي کي گڏ ڏسي نه سگهندي هئي. هو ٽامي جي ويجهو محبت سبب نه پر حسد سبب آئي هئي. رٿ، ٻنهي کي چوي ٿي ته توهان ٻنهي جي محبت سچي آهي تنهنڪري توهان ٻئي درخواست ڏيئي تاخير ڪرايو ۽ ڪجهه سال محبت سان گڏ گذاريو.  
رٿ کين مادام جي گهر جي ائڊريس ڏي ٿي. ٽامي معصوميت مان چوي ٿو ته انهن کي ڪيئن خبر پوندي ته اسان جي محبت سچي آهي؟ ڇو ته سچي محبت ته روح سان ٿيندي آهي ۽ روح پينٽنگز ۾ نظر ايندو آهي. منهنجيون پينٽنگز ته هيون ئي بي روح. پوءِ ٽامي ٻيهر، پينٽنگز ٺاهي ٿو ۽ هي ٻيئي مادام جي گھر اچن ٿا ۽  کيس چون ٿا ته سندن هي تصويرون ڏسي ۽ گيلري ۾ رکي ته جيئن ٽامي جو روح نظر اچي. ائين تاخيريت (Deferral) وٺي ڏيڻ ۾ سندن مدد ڪري. مادام هنن ڏانهن حيرت مان ڏسي کين ٻڌائي ٿي ته اهڙي ڪا گيلري نه هئي جتي سندن پينٽنگز رکبيون هيون. اهي ته سڀ سندس گهر ۾ ڍڳ لڳيون پيون آهن. ها، پينٽنگز ۾ روح نظر اچي ٿو پر ان جو تاخيريت سان ڪوتعلق ڪونهي، بلڪ تاخيريت  نالي ته ڪا شئي آهي ئي ڪانه. ٽامي ۽ ڪيٿي ٽٽل دل سان واپس اچن ٿا ۽ هڪ ويران رستي تي ٽامي گاڏي مان لهي، زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو ائين جيئن ڪاوڙ ۽ بيوسي وچان، هيلشئم ۾ ڪندو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ، ڪيٿي جي اکين جي اڳيان، آپريشن ٽيبل تي هڪ معصوم ۽ اداس مسڪراهٽ سان ٽامي جي تڪميل ٿئي ٿي ۽ ڪيٿي جي عضوا ڏيڻ جي شروعات.
هن ناول جي شروعاتي ستر اسي صفحن تائين ته خبر ئي نٿي پوي ته هي ناول ڇا جي باري ۾ آهي. بوريت به ٿيڻ لڳي ٿي پر آهستي آهستي ڪوهيڙو هٽڻ لڳي ٿو ۽ پڙهندڙ جي نڙي خشڪ ٿيڻ لڳي ٿي. اڳتي هو تجسس کان وڌيڪ دهشت جي زيرِاثر ناول پڙهي ٿو. پنهنجي تصور ۾، هڪ طرف ٻارن جي مظلوميت ۽  معصوميت جو جهان ته ٻئي طرف کيس ڪاتيون تکيون ٿيندي نظر اچن ٿيون. لرزاهٽ ٿي طاري ٿئي اهو سوچي ته هي ذهين، معصوم، خوبصورت ٻار انهيءَ ڪري پاليا پيا وڃن ته جيئن هنن جا گردا، جگر، ڦڦڙ، دل، اکيون ڪڍي، امير ماڻهن جون زندگيون طويل ڪري سگھجن!
پنهجي اسلوب ۽ فڪر ۾ هي ناول مونکي علامتي به لڳي ٿو ته وجودي به. جيئن ساراماگو شروعات ۾ پڙهندڙ جو گلو پڪڙي وٺي ٿو ۽ آخر تائين، پڙهندڙ، ان مان نٿو نڪري سگهي، تيئن اشيگرو، آهستي آهستي، غير محسوس طريقي سان، سيني ۾ خنجر کپائي ٿو ڇڏي ۽ خونِ جگر، پڙهندڙ جي اکين مان ڳوڙها بنجي ٽمڻ لڳي ٿو. پڙهندڙ کي زبردستي، پنهنجي رڙ کي گلي ۾ ئي گھٽڻو پوي ٿو. هي ناول هر حساس پڙهندڙ جي دماغ ۾ زلزلو ۽ دل جي دنيا کي ته بالا ڪرڻ جي سگھ رکي ٿو. هن ناول جي تباه ڪن اثرن کان آئون شايد، ڪافي عرصي تائين نڪري نه سگهان.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *