تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

مونکي انصاف کپي … سڪندر هاڙهو

ڪجهه پراڻي ڳالهه آهي آئون ھڪ ڏينهن پوليس ٿاڻي شناختي ڪارڊ گم ٿيڻ جي اين سي ڪٽرائڻ ويو ھئس اھو ڏينهن ڇنڇر جو ڏينهن ھو ته سانوري نالي ھڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري عمر اٽڪل 20 سال ھيس جيڪا پاڻ تي ٿيل تشدد جي فرياد درج ڪرائڻ لاءِ روئيندي ان وقت پوليس ٿاڻي پھتي هئي اصل ۾ سانوري جو ھن دنيا ۾ ننڍڙي ڀاءُ کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه ھو جنهن جي ڪري سانوري سڄو ڏينهن ماڻهن جي گهرن ۾ بطور نوڪرياڻي جي ڪم ڪندي ھئي ۽ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ جي محنت مزدوري ڪري پالنا ڪندي ھئي پر سانوري کي روئڻ واري حالت ۾ ڏسي ٿاڻي تي موجود روشن نالي وڏي منشي پڇو، ڇوڪر ڪير آھين.? ۽ ڇو روئي رھي آھين.? سانوري وراڻيو..ڊي ايس پي صاحب آهي.?منشي..ڪھڙو ڪم آهي صاحب ۾ تنهنجو؟؟.سانوري..نه مان توھان کي ڪو نه ٻڌائيندم مان صرف ڊي ايس پي صاحب کي ئي ٻڌائيندم…ته منشي روشن روبدار آواز ۾ چيو.. ٺيڪ آ ٺيڪ آ، صاحب جھٽ سوا ۾ اچڻ وارو آهي .ٻڌائجانس پنهنجي رام ڪھاڻي.
بس ايتري ۾ ڊي ايس پي صاحب به ٿاڻي پھچي ويو ته ھڪ نظر سانوري تي پيس منشي روشن کان پڇا ڪيائين ھي ڇوڪر ڪير آهي..?منشي وراڻيو. صاحب ھن ڇوڪري کان پڇڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيم پئي پر چيائين مان اوھان کي ڪو نه ٻڌائيندم صرف ڊي ايس پي صاحب کي ئي ٻڌائيندم..ڊي ايس پي..چڳو چڳو ٺيڪ آ اندر موڪلينس..منشي روشن اچي سانوري کي چيو ..سانوري منشي جي چوڻ مطابق ڊي ايس پي صاحب جي ڪمري اندر داخل ٿيندئي چوڻ لڳي.آخر ھن سماج ۾ اسان غريب عورتن جو ڪھڙو ڏوھه آهي جو ھڪ پاسي اغوا ڪري شراب جي نشي ۾ ڌت منهنجي عزت سان کيڏڻ لڳو ..ته.. ٻئي پاسي اسان جي دانهن وارائڻ وارا اي سي واري ڪمري ۾ ويھي اسان جي دانهن کي اڻ ٻڌو ٿا ڪري ڇڏين، ان وحشي دردن سان منهنجي عزت جو سودو پيو ڪري.مونکي انصاف کپي صاحب مونکي انصاف کپي.
سانوري جا اھي جملا ٻڌي ڊي ايس پي ڪرسي تان اٿي ھڪ نياڻي جيئان سانوري کي آٿت ڏيندي چوڻ لڳو..اھو ڪير آهي..؟ جيڪو توکي اغوا ڪري تنهنجي عزت سان کيڏي پيو ۽ بعد ۾ تنهنجي دانهن ورائڻ تي انهن ظالمن سان سودو پيو ڪري..مونکي ٻڌاءِ مان انهن کي ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏياريندم..
سانوري، وري ڊي ايس پي صاحب کان انصاف جي پڪ وٺندي چوڻ لڳي..اوھان به ان ظالم جو نالو ٻڌي منهنجي عزت جو سودو ته نه ڪندو نه..! ڊي ايس پي صاحب پڪ ڏياريندي سانوري کي چوڻ لڳو..مونکي صرف نالو ٻڌاءِ سانوري ڊي ايس پي جي اھڙي پڪ تي سانوري چوڻ لڳي..ڊي ايس پي صاحب اھو ڪو به ناھي اسان جي رئيس جو پٽ آهي ۽ ان ظالم سان منهنجي عزت جو سودو ڪرڻ وارو ھن شھر جو ايس ايڇ او آهي..بس سانوري روئندي رھي ۽ چوندي رھي صاحب مونکي انصاف کپي مونکي انصاف کپي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *