تازا ترين
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

مونا ليزا جي مرڪ ۽ انڪشاف … بيلا پنھور

ميڪ اپ جي شروعات انساني شعور کان ٿي.پراڻي دور کان وٺي عورت پاڻ کي سنوارڻ سينگارڻ جي حوالي سان گھڻو ڪم ڪيوآهي.پهرين راڻيون ۽ شهزاديون ئي سٺا ڪپڙا پهرينديون هيون ۽ تيار ٿينديون هيون.آهستي آهستي وقت بدليو ۽ هاڻي هر عورت کي اها سهولت ملي وئي آهي ته هو پاڻ کي سنواري ۽ سينگاري اهو هاڻي هنر ٿي ويو آهي ته ميڪ اپ ڪري ڪيئن پاڻکي خوبصورت بڻايو وڃي پر هاڻي ته ميڪ اپ جو ڪاروبار به بڻجي ويو آهي ۽ دنيا جي هر ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بيوٽي پارلر آهن.جتي عورتون عيدن ،شادين يا ڪنهن خاص تقريب لاءِ تيار ٿيڻ لاءِ وينديون آهن.
ميڪ اپ ۾ فائونڊيشن، لپسٽڪ، بلش آن ۽ هائلائٽر ضروري شيون آهن. انهن شيئن تي مسلسل پريڪٽس ڪري ڪير به هڪ پروفيشنل ميڪ اپ آرٽسٽ ٿي سگھي ٿو. اڄ ڪلهه سماجي رابطن جي ويب سائٽس تي بيوٽي بلوگرس جا گھڻا فالو ورس آهن.اهي بيوٽي بلاگر ميڪ اپ ڪرڻ جو طريقو پنهنجي وڊيو ۾ ٻڌائن ٿا ۽ ڊسڪرپشن ۾ انهن پروڊڪٽس جي حوالي سان سڄي معلومات پڻ لکي عوام کي ٻڌائن ٿا ته جيئن گھر ويٺي ڇوڪريون معياري ميڪ اپ ڪري سگھن.ميڪ اپ آرٽسٽ نه رڳو عورتون پر مرد به آهن جيئن پاڪستان جو مشهور ميڪ اپ آرٽسٽ ڪاشف اسلم عرف ڪاشي پنهنجي بيوٽي پارلر ۾ مشهور اداڪارائن جو ميڪ اپ ڪندو آهي. واجد خان، مصرت مصباح، عيني منصور، نتاشا خالد، مديحا ۽ مريم خواجه به شامل آهن.
ميڪ اپ جو استعمال نه رڳو عورتون پر مرد به ڪندا آهن.فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ ادارڪارن جا پهنجا ميڪ اپ آرٽسٽ هوندا آهن.ان هوندي به ميڪ اپ جو ذڪر ٿيندو آهي ته ماڻهن جو ذهن عورتن ڏي ويندو آهي.ان جو ڪارڻ اهو آهي ته عام توڙي خاص هر عورت وٽ هن وقت ميڪ اپ جو سامان هوندو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *