تازا ترين
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*
  • *گھارو ويجھو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پيرسن فوت *سيد فارم ھائوس تي پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب55 ورهين جو صفدر شاهه فوت ٿي ويو* پيرسن جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو*
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

موسمن تي اثرانداز ٿيندڙ ڪجھه جزا … حسام نظاماڻي

دنيا جي موسمن تي ڪيترين سببن جو اثر پوي ٿو، انھن مان ھيٺ ڏنل ڪجھه جُزن جو سڀ کان وڌيڪ دنيا جي آبھوا تي اثر پوي ٿو. سڀ کان پھرين ڳالھه ڪجي EL-NINO جيڪو لاطيني آمريڪا جي اولھه طرف هڪڙو ملڪ پيرو PERU نالي سان سامونڊي ڪناري تي موجود آهي. جنھن جي معيشت تقريبن مڇي ۽ ٻي سامونڊي جيوت جي حوالي مشھور آهي. بحرحال اسان جو موضوع ايل نائينو آ تنهنڪري ان طرف هلون ٿا. EL NINO اسپينش ٻولي جو لفظ آهيجنهن جي معنيٰ آهي ننڍي ڇوڪري. ايل نائنو جي ملڪ پيرو جي ڪوسٽ تي تقريبن پاڻي ٿڌو ھوندو آهي، پر ٻن کان ستن سالن اندر ھڪ موسمي عمل ٿيندو آهي. جنھن سبب پيرو جو ڪوسٽ گرم ٿي ويندو آهي. انڪري اتي تمام شديد برساتن جا سلسلا شروع ٿيندا آهن. سڄي آمريڪا کنڊ ۾ ان سان معاشي توڙي جاني نقصان ٿيندو آهي.
جڏھن ته ان سلسلن جو ٻين ملڪن تي به ھاڃيڪار اثر پوندو آهي ڇاڪاڻ ته عام ڏينھن ۾ پيرو ڪوسٽ ٿڌو ھوندو آهي، پر ايل نائينو دوران گرم ٿي ويندو آ جنھن جو Sea Surface Temperature سامونڊي مٿاڇري جو گرمي پد گرم ٿي ويندو آهي. جنھن سبب Moisture Wind نم ھوائون ڪڪر ٺاھڻ جو ڪم شروع ڪن ٿيون ۽ برساتون پون ٿيون. آمريڪا ۾ ان برسات جي اثر سان دنيا جي ٻئي حصي يعني آسٽريليا ۽ ايشيا کنڊ ۾ ڏڪر واري صورتحال پيدا ٿي پوندي آهي. جن ۾ ننڊي کنڊ جا ملڪ انڊيا پاڪستان شامل آھن. ھاڻ ڳالھه ڪجي ايل نائينا LA-NINA جي ھن عمل سان پيرو ڪوسٽ تان گرم پاڻي ڏکڻ پئيسفڪ وڏي سمنڊ تان خط استويٰ ۽ اتر آسٽريليا ۽ ڏکڻ ھندي وڏي سمنڊ تائين اچي ٿو ۽ سمنڊ جي مٿاڇري جو گرمي پد گرم ٿي وڃي ٿو ۽ موائسچر ونڊز آساني سان مضبوط Trade Winds جي صورت ۾ داخل ٿين ٿيون. جنھن سبب آسٽريليا ايشيا کنڊ ۾ سٺو مونسون اچي ٿو ۽ زبردست برساتون پون ٿيون جن ۾ ننڊو کنڊ پڻ شامل آهي.
ھڪ اھم ڳالھه ايل نائينو ۽ ايل نائينا وچ ۾ جيڪو چڪر لڳندو آهي ان چڪر کي Walker Cycle سڏجي ٿو. اھو ان ڪري جو ايل نائينو متعلق جنھن سائنسدان سڀ کان وڌيڪ تحقيق ڪئي ان جو نالو گلبرٽ واڪر ھو. ھاڻ ذڪر ڪجي IOD INDIAN DIPLE جو ان جزي سان انڊيا ۽ پاڪستان ۾ پوندڙ چئوماسي جي برساتن يعني مونسون تي وڏو اثر پوي ٿو.سومالي جي پاسي کليل ھندي سمنڊ جي اولھه طرف جڏھن سمنڊ اوڀر ھندي سمنڊ وڌيڪ گرم ٿئي ٿو، ته اھڙي صورتحال ٿيندي آهي جن کي IOD POSITIVE او ڊي پازيٽو سڏجي ٿو ۽ جڏھن اھو ننڍي کنڊ ۾ مونسون دوران معمول مطابق يا معمول کان وڌيڪ برساتون پونديون آھن.پر جڏھن اوڀر ھندي سمنڊ اولھه ھندي سمنڊ جي نسبت وڌيڪ گرم ٿئي ٿو ته ان عمل کيIOD NEGATIVE سڏيو وڃي ٿو ان فيڪٽرز سبب پاڪستان ۽ انڊيا ۾ معمول کان گھٽ برسات پوندي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *