تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

موجوده وقت جو دراوڙي قبيلو! … ليکراج ميگهواڙ

قديم هجري (پٿر واري زماني کان پوءِ برف گهٽ پوڻ لڳي ۽ ڌرتيءَ جون حالتون ڦريون. ماڻهو ڌڻ ڌارڻ، کيتي ڪرڻ، باهه ٻارڻ ۽ ٿانءَ ٿپا جوڙڻ سکيا. ڌاتن مان سون کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڌاتوءَ جي اڃان سڌُ ڪا نه هئي. اڳي اڻ گهڙيل پٿر ڪم آڻيندا هئا، پر هن زماني ۾ پٿر گهڙڻ سکيا، ته ڪپ، ڏاٽا ۽ ٻيا اوزار پٿر جا ٺاهي سگهيا ٿي. اهو ”نئين پٿر وارو زمانو“(Neolithic or New Stone Age) سڏجي ٿو، جو اڄ کان اٽڪل پندرهن هزار کن ورهيه اڳ شروع ٿيو هو. ڪيترا عالم ائين وسهن ٿا ته جانورن جي هڏن جي لساڻ يا لسائيءَ مان ان وقت جي ماڻهن کي پٿر گهڙڻ جو خيال آيو، جنهن ڪري اڻ گهڙيل پٿرن بدران گهڙيل پٿر ڪم آڻڻ لڳا. حقيقت ڪيئن به هجي، پر ايترو چئبو، ته آڳاٽن ڪولن ۽ سنٿالن کان هن زماني جا ماڻهو وڌيڪ سڌريل هئا، جنهن ڪري هيءُ تهذيب جي ترقيءَ جو ٻيو دؤر ليکجي ٿو.
نئين پٿر واري زماني جي سڀيتا جو بنياد وجهندڙ دراوڙ لوڪ چوڻ ۾ اچن ٿا. هنن بابت عالمن کوجنائون ڪري ڄاڻايو آهي ته ڪولن ۽ سنٿالن مٿان اهي لوڪ ڪاهي آيا ۽ منجهائن ڪيترن کي وچ هندستان ڏي لوڌي ڪڍيائون ۽ پاڻ اتر هندستان جا والي ٿي ويٺا، مهن جي دڙي مان ڪن ڪولن ۽ سنٿالن جي کوپڙين سان گڏ ڪن دراوڙن جون به کوپڙيون لڌيون آهن. هن مان سمجهي سگهجي ٿو ته دراوڙن جي اچڻ کان پوءِ به ڪي ڪول ۽ سنٿال ساڻن گڏ رهيا پيا هئا. اهي پوءِ آرين سان به لهه وچڙ ۾ آيا هئا، تنهنڪري سنسڪرت ساهت ۾ انهن ٻنهي قومن جو ذڪر آهي.
سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ”اوڏ“ آهن، سي اصل دراوڙن جي ڪل مان آهن. اهي اصل ڏکڻ هندستان ۾ هئا، اتر هندستان ڏي اچڻ کان اڳ واٽ تي جيڪو هنڌ اول وسائي ويٺا، سو هنڌ سندن نالي پٺيان اوڏر ديش سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار پوءِ ڦري اوڙيسا (Orissa) ٿيو. بمبئيءَ کاتي جي ذاتين جو ذڪر ڪندي، هيءَ حقيقت اينٿوون صاحب ڄاڻائي آهي. انهن اوڏن مان پوءِ ڪي مارواڙ ويا، جتان پوءِ سنڌ ۾ آيا پر ٻولي اڄ تائين مارواڙين جهڙي ڳالهائيندا آهن، اهي اصل هندو آهن پر اڪثر مسلمانن جهڙي شڪل اٿن ۽ ڪپڙا به اهڙا ڍڪيندا آهن. سندن پير رامڏيو آهي. جنهن جو ميلو سال بسال لڳندو آهي. ”اوڏ“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي اڏيندڙ؛ اهي اڄ تائين ڀتين جون اوساريون کڻندا آهن.
ڪاڪي ڀيرو مل قديم سنڌ ۾ وڌيڪ لکيو آھي ته ”سنڌ ۾ هن وقت ٻيا ”ماڱر“ يا ماڃر (Maanjnir) ذات جا مهاڻا آهن. اُهي سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن، يا پوءِ ڏکڻ هندستان کان آيا سا پڪ ڪانهي ايتري ڄاڻ ملي ٿي ته ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا ملبار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتيءَ، ڪڇ ڀڄ ۽ گجرات طرف جا ميربحر دنگيون هاڪاري، ملبار طرف پيا وڃن. ماڱر (Maangnir) ذات جا مهاڻا ملبار ۾ به گهڻا آهن، جنهنڪري چئبو ته ملبار ڪناري وارن سان لهه وچڙ هئڻ ڪري اهي سنڌ ۾ آيا هجن ته عجب ڪونهي.“درواڙ قبيلي جي تحقيق گهڻ طرفي ٿيڻ گهرجي ۽ هن ۾ ڪافي تحقيق جي گنجائش موجود آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *