تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

موجوده سنڌي ناول جا فني مسئلا …اڪبر لغاري

پهرين سنڌي ناول، تعداد ۾ ته گھٽ هئا پر فني لحاظ کان ڪافي پختا هئا. اڪيهين صدي جي شروع ٿيڻ سان ناول لکجڻ ۾ تيزي اچي ويئي ۽ کوڙ سارا ناول مارڪيٽ ۾ اچي ويا. جتي هيترا ناول ڏسي خوشي ٿي، انهن کي پڙهڻ کان پوءِ اها مايوسي به ٿي ته ناول جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ  مقدار تي وڌيڪ ۽ معيار تي گھٽ توجهه ڏني وئي آهي. اڄڪلهه لکجندڙ، سنڌي ناول جا ڪجه مسئلا هن ريت آهن؛  
پروف ۽ ايڊيٽنگ:
ناول پڙهندڙ کي پهريون مسئلو اهو ٿو سامهون اچي ته، اڪثر ناولن ۾ پروف جون بيشمار چڪون هونديون آهن. ٻه چار چڪون ته در گذر ڪري سگهجن ٿيون پر چڪن جي ڀرمار پڙهڻ جو لطف غارت ڪري ڇڏيندي آهي. ساڳيو مسئلو ايڊيٽنگ سان به آهي. مونث مذڪر ۾ فرق نه ڪرڻ ۽ جملا گرامر مطابق نه لکڻ به جهڙوڪر معمول بڻجي ويو آهي. ڪيترن ئي مسودن ۾ ترتيب جو فقدان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو يعني ڪهڙي ڳالهه پهرين چئجي ۽ ڪهڙي ڳالھه پوءِ ۽ ڪهڙي ڳالهھ بلڪل لکجي ئي نه. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڳالهه نه لکڻ به فن هوندوآهي.ناول يا ڪهاڻي جو مسودو هڪ اهڙي ڇڪيل رسي وانگر هوندو آهي جنهن تي بازيگر ڪرتب ڏيکاريندو آهي. جيڪڏهن رسي مڪمل طور ڇڪيل نه هوندي ته بازيگر پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهندو. اسان جا ڪيترائي ناول انهيءَ ڪري به توازن  وڃائي ويهندا آهن جو انهن ۾ غير ضروري، معلومات، فاضل جملا ۽ لفظ ، ڇڪيل رسي ۾ جھول پيدا ڪري وجھندا آهن. اهڙا ناول شروع ڪرڻ مهل ئي سڄاڻ پاڙهو يا نقاد، سمجهي ويندو آهي ته ليکڪ، تڪڙ کان ڪم ورتو آهي. ناول نگارن کي گھرجي ته پهريون مسودو لکي، ان کي ڪجه وقت لاءِ  پال ۾ وجھي ڇڏين ۽  ان کي  ٻيهر پڙهڻ دوران غير ضروري ۽ بي تڪا تفصيل ڪڍي، مناسب ۽ ٺهڪندڙ جملا وجهي پوءِ  ان کي حتمي شڪل ڏين. هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي ذميداري پبلشر تي به عائد ٿئي ٿي.
جامد ۽ ڪمزور ڪردارنگاري:
ڪردار نگاري، ناول ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي. پراڻن قصن، ڏند ڪٿائن ۽ يوناني ڊرامن ۾ مک ڪردار هيرو هوندو هو. هيرو ۾ غير معمولي قوتون ۽ صلاحيتون ڏيکاريون وينديون هيون. ناول نگاري جي جديد فن ۾ اهو محسوس ڪيو ويو ته هيرو جهڙا ڪردار، صرف انسان جي تخيل جي پيداوار آهن جيڪي پڙهندڙن يا ڏسندڙن جي فئنٽيسي جي تسڪين لاءِ  هوندا آهن جن جو حقيقي دنيا سان ڪو واسطو نه هوندو آهي. اڄ به اهڙا ڪردار لکيا وڃن پيا پر اهي يا ته ٻارن لاءِ آهن يا صرف فئنٽيسي جي تسڪين لاءِ . سپر مئن، اسپائيڊر مئن، هيري پوٽر وغيره ان جا مثال آهن. حقيقي ادب لاءِ  اهو ضروري سمجهيو ويو ته اهڙا ڪردار تخليق ڪيا وڃن جيڪي حقيقي لڳن. اهي عام ماڻهو هجن ۽ انهن ۾ عام ماڻهن واريون خوبيون ۽ خاميون هجن. پر ان سان گڏ اهو به محسوس ڪيو ويو ته ناول جا مک ڪردار، عام ڪردارن کان ٿورو مختلف ۽ بهتر هجن. ناول جي مک ڪردار کي بي باڪ، باهمٿ، قابلِ اعتماد، بهادر، مضبوط وغيره هجڻ گھرجي.  ان  کان علاوه جيڪڏهن هو حسين، ڪنهن خاص صلاحيت جو مالڪ يعني عالم يا ماهر آهي ته اهي منجهس اضافي خوبيون چئبيون. انهن خوبين مان ڪا گھٽ وڌ به ٿي سگهي ٿي پر هڪ خوبي انتهائي ضروري آهي مک ڪردار ۾. هن کي متحرڪ هجڻ گھرجي. وقت  ۽ حالتن مطابق، هن ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت هجي.
بحثن جي ڪثرت:
مصنف پنهنجي مرڪزي نقطي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ، ڪردارن کان بحث ڪرائيندو آهي. ٿيڻ ته ائين گھرجي ته ناول ۾ بحث هجي ئي نه. ڇو ته آرٽ ۾ ڳالھ چئي ٻڌائڻ جي بجاءِ ، اهميت انهيءَ ۾ آهي ته اها ڳالھ ڪري ڏيکارجي. يعني ٻڌائڻ جي بجاءِ ڏيکارڻ گھرجي. ڪيترن ئي وڏن ناولن ۾ بحث نه هجڻ برابر هوندا آهن. انهن وٽ ڪهاڻي ۽ ان جا واقعا ايترا مربوط ۽ مضبوط آهن جو انهن ۾ ڪا وٿي ئي ڪانهي جنهن ۾ بحث داخل ڪري سگهجي. بحث کي اتي داخل ڪرڻ ضروري هوندو آهي جتي ڪا شئي ڪهاڻي جي ذريعي، ڪري ڏيکارڻ مشڪل هوندو آهي پر اهو گھٽ ۾ گھٽ هجي. مون ڪجهھ سنڌي ناول اهڙا پڙهيا آهن جن ۾ تاريخي، سياسي، سماجي ۽ ٻيا بحث، ناول ۾ تمام گھڻي جاءِ  والاريو ويٺا آهن. ڪجھ ڪردار، ڊرائنگ روم، ريسٽورنٽ، يا ڪنهن جاءِ  تي گڏ ٿين ٿا ۽ واري واري سان طويل ڊائلاگ ڳالهائين ٿا. جيڪڏهن ان مان به تسلي نٿي ٿئي، ته مصنف ڪو سيمينار ڪرائي، ڪردارن کان تقريرون ڪرائي ڇڏين ٿا ۽ رهيل ڪثر پوري ڪرڻ لاءِ ، خطن ۽ ايميلز جو سهارو وٺن ٿا. ائين هوسڄو سياسي، مذهبي، فڪري ۽ سماجي علم، انهن بحثن، ليڪچرن ۽ خطن ذريعي پڙهندڙ تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پڙهندڙ پريشان ٿي سوچي ٿو ته ناول ڪٿي گم ٿي ويو. ان کان علاوه ڪجه ناول نگار ڪردارن کي به وچان ڪڍيو ڇڏين،  گوگل ۽ ڪتابن تان معلومات کڻي، خود ئي معلومات ڏيڻ لڳن ٿا. ائين هو پنهنجي چڱي ناول کي به وڪي پيڊيا ۾ تبديل ڪريو ڇڏين.
ڪردارن جي گفتگو ۾ يڪسانيت:

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *