تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

مهراڻ ندي … روشن داس

آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌو نديءَ مان ڪيتريون ئي شاخون پئي نڪتيون آهن ۽ بند ٿيون آهن. خود سنڌو ندي به پيئي وقت به وقت وهڪرا ڦيرائي. آر-جي- بئنر جي بھاولپور رياست کان وٺي (جتان هاڪڙو نديءَ جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو) کيرٿر جبلن جي قطار تائين 18 جاين تي سنڌونديءَ جي جهونن وهڪرن جا نشان معلوم ڪيا آهن. اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پُراڻ آهي. پراڻ لفظ جي معنيٰ آهي پراڻو درياءُ. ڪي چون ٿا ته سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ اڳي اُتان وهندي هئي.
سنسڪرت ۾ سنڌو معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ، اُن جو ڌاتو يا بنياد آهي ”سينڌ“، معنيٰ وهڻ. جنهن سنڌوءَ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جا سدائين پيئي وهي“. اهو سٿين يا تاتاري نالو آهي. سنسڪرت ۾ مهارڻو، مها =وڏو ۽ اَرڻو= جل. سمنڊ يا وڏو سمنڊ. سمنڊ جو پاڻي کارو ٿيندو آهي پر هن نديءَ جو پاڻي مٺو هو، جنهنڪري اُن کي مٺو مهراڻ ڪري چوندا هئا ۽ ڪڇ جي رڻ مان ٻيڙيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي رحمڪي بازار ۽ ٻلهياري (تعلقي ڏيپلي) وٽ اچي پڳهه هڻندا هئا، جنهنڪري اهي بندر هئا ۽ نديءَ جو پاڻي رڻ مان وهي لکپت تائين پهچندو هو ۽ لکپت جي ساريال پوک جو مدار ئي انهيءَ پاڻي تي هو. هن بابت ڪرنل جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته ”بکر کان اتر 7 ميل پنڌ تي سنڌو نديءَ مان هڪ شاخ نڪري لکپت جي ڀرسان سمنڊ ۾ پوي ٿي. اها سنڌ جي اوڀر پاسي ڀٽن جي ڀرسان وهي ٿي. هن کي مٺي ندي يا مٺو مهراڻ چون ٿا .انهيءَ ڪري اڄ تائين ڀٽن جي ڏاڍي زمين جي دنگ واري ٽڪر کي ”مهراڻو“ چوندا آهن. هيءَ ندي هاڪڙو شاخ بند ٿيڻ کان پوءِ وهندي هئي.
هينري ڪزنس لکي ٿو ته ”قديم زماني کان وٺي سنڌ ۾ ٻه وڏيون نديون وهنديون هيون، هڪڙي هاڻوڪي سنڌو ندي ۽ ٻي مهراڻ ندي. سن 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن سکر ۽ بکر وارا ٽڪر ٽوڙي ڇڏيا. انهيءَ زلزلي سبب الور وٽان مهراڻ رخ ڦيرايو ته پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب شهر ڦٽي ويو.“چوڻ ۾ اچي ٿو ته مهراڻ ندي وڳهه ڪوٽ جي ڀرسان وهندي هئي ۽ اڄ تائين وڳهه ڪوٽ جي ويجهو زمين مان پاڻيءَ جون ڳريل ڪاٺيون ۽ ٻيا اهڙا نشان ملندا آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو ته مهراڻ ندي ضرور اڳي اِتان ئي وهندي هئي.
( انسائڪلو پيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان )

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *