تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

منھنجي تنھنجي ڪھاڻي … حيدر دريا

ياد اٿئي سانوڻ فقير جي ميلي ۾ پاڻ ٻئِي ميرا ڪپڙا پائي، خود کي ٻوڏ ستايل سڏائي، ميسڻو منھن ڪري ماڻھن کان ايئن پيسا پي گھريا جيئن 90ع واري ڏھاڪي ۾ حيدرآباد ٽاور مارڪيٽ ۾ خود کي ڪاڇي جا رھاڪو سڏائي، ڀاڙي کُٽي وڃڻ جي بھاني پيسا پنندا ھئاسين. پر لاڙي ماڻھو خود ڪنگال ھئڻ سبب اڪثر روڪڙا پيسا ڪون ڏيئن، البت سرندي وارا سيڌو سامان وٺي ٿا ڏيئن. پاڻ کي به ميلي تان واپسي ۾ ھڪ نيڪ مرد پاڻ تي رحم کائيندي گولاڙچي شھرمان سيڌو سامان وٺي ڏنو ھو، جنھن ۾ ڪڻڪ جو اٽو، کنڊ چانهھ، کاڄرو تيل ڪجھه دال ھئي. جيڪو ٿوري دير کانپوءِ پاڻ ساڳئين دڪاندار کي منٿون ڪري سستي اگهھ ۾ وڪڻي روڪڙا پيسا ورتا ھئا ۽ انھن پيسن مان مون ڪجهھ نسوار ۽ سگريٽ ورتا ھئا ۽ تو ڳاڙھي ناس ورتي ھئي. باقي ڪجهھ پيسا بچائي واپس پنھنجي ڳوٺ اچڻ خاطر ھاڻ سجاول واري سواري جي پڇا پي ڪئيسون ته ايتري ۾ جنھن نيڪ مرد پاڻ کي سامان وٺي ڏنو ھو، ان پاڻ ٻنھي کي اسٽاپ تي پڪڙي سرعام خوار ڪري باقي بچيل پيسن سان گڏ جيڪي پنھنجا پيسا ھئا سي به ڦري ورتا ھئا ۽ ھاڻي پاڻ وٽ سچ به ڀاڙو ڪون بچيو ھو. پر الله ڀلو ڪري وين واري ڪنڊيڪٽر جو جنھن پاڻ کي بنا ڀاڙي سجاول پھچائيدي چيو ھو. ” آئون اوھان کي ان آسري کڻي آيس جو آئيندي بدين روڊ تي جنھن به شھر ۾ پنندا، ان مان مونکي به حصو پتِي پيا ڏيندا ته آئون اوھان کي بنا ڀاڙي پيو کڻدس!”
تڏھن تو مونکي چيو ھو ” حيف آھي تنھنجي حال تي پڙھيو لکيو ھوندي توکي ته ھن ڪنڊيڪٽر جيترو به عقل ڪونھي جو ڏھاڪو کن فقيرن سان اھڙي ڀائيواري ڳنڍي مونکي پيرِي ۾ رلائڻ کان بچائين ھا” بس اڄ به تنھنجي اھا ٿُڪ لعنت ياد ايندي آھي!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *