تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

منگول شھنشاهت جو عروج ۽ زوال … محي الدين جوکيو

جنهن شهنشاھه “شھ هوانگ تي”(Shih huang ti) چين جي ڪجهھ رياستن کي متحد ڪيو هو تنهن جي اُتر ۾ اهڙا ڦورو خانه بدوش رهندا هئا جيڪي وقت به وقت ڏکڻ جي رياستن تي حملا آور ٿي ڦرلُٽ ڪري ويندا هئا. اهو دور 221 قبل مسيح وارو هو. انهيءَ دور جي شھنشاھه “هئانگ تي” حڪومتي رياستن جي ڇيڙي تي “سوشينهي ڪان” کان “چيا ڪيوسين” تائين عظيم الشان ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي 2694.4 ڪلوميٽرن تي مشتمل حفاظتي ڀت تعمير ڪرائي ورتي جيڪا ديوار چين (Great Wall of China) جي نالي سان مشهور آھي. انهيءَ ديوار جي اُتر ۾ هڪ رياست آھي جنهن کي منگوليا چيو وڃي ٿو ۽ اُتي رهندڙ قبيلن کي منگول قبيلا چيو وڃي ٿو. خانه بدوش زندگيءَ ۾ به منگولن جي ثقافت ڪنهن قدر مهذب هئي. انهن جي ثقافت ۾ چين جي تبت ۽ روس کان ٻڌمت جو گهرو اثر هو پر قديم زماني کان سندن مذھب Tengrism هو. جنهن ۾ هو هڪ خدا تي يقين رکندا هئا پر سندن ڪجهھ فرقن ۾ گهڻ خدائي تصور به شامل هو. انهن ۾ هيرن جي پوڄا جو تصور به عام هو جيڪو تبت کان ٻڌمت جي اثر هيٺ پروان چڙھيو هو.
منگول شهنشاهت جي باني هُئڻ جو اعزار منگول شهنشاهه چنگيز خان کي حاصل ٿيو. چنگيز خان سندس لقب هو جڏھن ته سندس اصل نالو تيموجن هو. سندس ٽي سڳا ڀائر هئا ۽ هڪ سڳي ڀيڻ ۽ ٻه سوتيلا ڀائر هُيس. ڪجهھ مورخن جو خيال آھي ته چنگيز خان هڪ اهڙي سردار جو غلام هو جنهن کي اُتر چين جا چن شهنشاهه اترين علائقن جي ويڙھاڪ ماڻھن مان مکيه ماڻھو ڪري ليکيندا هئا. انهن مطابق هن ڪافي خونريز ويڙهن کان پوءِ پاڻ کي انهن آسپاس جي علائقن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. جلد ئي هو هڪ اهڙو سردار بڻجي ويو جيڪو جنگجو قبيلن کي متحد ڪري پئي سگهيو. جڏھن ته ڪجھه مورخن جو خيال آھي ته چنگيز خان جو پيءُ پاڻ هڪ سردار جي حيثيت رکندو هو.هڪ دفعو چنگيز خان جي پيءُ هڪ تاتاري جيڪو شڪاري هو تنهن جو قتل ڪري ڇڏيو. تنهن تي تاتارين دوکي ۾ کيس گُهرائي زهر وارو کاڌو کارائي قتل ڪري ڇڏيو. اُن ڏينهن کان ئي چنگيز خان پنهنجي پيءُ واري حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي.چنگيز خان ۽ سندس ڀاءُ قيصر ملي ڀگت سان پنهنجي سوتيلي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هو پڻ قبيلي جي سرداريءَ جو خواب ڏسي رهيو هو. انهيءَ جدوجهد دوران 1177ء ۾ ڪجهھ دشمنن تيموجن چنگيز کي گرفتار ڪري غلام بڻائي ڇڏيو پر تيموجن جي چاچي جلد هن کي بازياب ڪرائي کيس قبيلي جي سرداري وارو حق ڏياري ڇڏيو. جيئن ئي چنگيز خان کي طاقت ملي ته هن پنهنجي اُن خيرخواھه چاچي جو ئي قتل ڪرائي ڇڏيو جنهن ايڏو مان ۽ مرتبو ڏيارڻ ۾ هن جو ايمانداري سان ساٿ نڀايو.چنگيز خان پنهنجي حياتي ۾ چار ڪروڙ انسانن جو قتل ڪيو ۽ انساني خوپڙين جامينار ٺاهيا.
1206 ۾ تيموجن چنگيز خان کي سمورن منگول قبيلن پنهنجو اڳواڻ چونڊيو. اتي ئي هن چنگيز خان جو لقب اختيار ڪيو.
ڪجھه ئي وقت ۾ هو پامير جبلن ۽ اوڪس نديءَ ڏانهن وڌندو ڪاراختائي جي وڏي بادشاهت تي به قبضو ڪري ويو. اڳتي وڌندي هن وسيع ايراضي ۾ پکڙيل خوارزمي شهنشاھت به فتح ڪري ورتي. سمرقنڌ ۽ بخارا جا عظيم اسلامي ثقافتي مرڪز به هن جي شھنشاھت جا شهر بڻجي ويا. هو اڳتي وڌندو جارجيا، ڪريميا ۽ يوڪرين تي به فتحياب ٿيو. ٽي هزار ميل پري اوڀرندي پاسي منچوريا ۽ ڪوريا به هن جي شهنشاهت ۾ شامل ٿي ويو.جتي هو ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ڏهڪاءُ جي علامت هو، اتي هن جي شخصيت جا ڪجهھ مثبت پهلو به هئا. هو آزاد خيال ۽ لبرل سوچ جو مالڪ هو. جن جن علائقن تي قبضا ڪيائين اُتي مذھبي ۽ سماجي آزادي ڏنائين. فڪري طور تي روحانيت تي يقين رکندو هو. هو دشمن لاءِ بي رحم هو پر دوستن سان وفادار هو. هو قابليت جي بنياد تي ماڻھن کي حڪومت ۾ وڏا وڏا عهدا ڏيندو هو. پنهنجن ماڻھن جي نظر ۾ چنگيز خان انصاف پسند ۽ عقل جو ڀنڊار ڪري ليکبو هو.منگول شھنشاهت جو هي باني 1162ء ۾ ڄائو ۽ 1227ء ۾ 65 سالن جي ڄمار ۾ مري ويو. اٺ صديون گذرڻ کان پوءِ اڄ به هو منگوليا جو قومي هيرو ۽ باني طور مڃيو وڃي ٿو. دنيا کي فتح ڪندڙ منگول شهنشاهه چنگيز خان جي موت کان پوءِ جيڪي هن جي گادي تي ويٺا سي ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري سگهيا. سواءِ هڪ مونگڪي خان ۽ قبلائي خان جي. مونگڪي خان جنهن جي دور شهنشاهت ۾ سندس ڀاءُ هلاڪو خان بغداد ۾ جيڪو ظلم ڪري ڏهڪاءُ پکيڙيو تنهن جو مثال شايد ئي دنيا ۾ ڪو ٻيو ملي سگهي. 1257ء ۾ مونگڪي خان عراق، شام ۽ ايران کي فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو ڪم هن پنهنجي ڀاءُ هلاڪو خان جي زمه رکيو. گڏوگڏ هن عباسي خلافت کي به مڪمل ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن اهو به حڪم جاري ڪيو ته جيڪڏهن خليفو پنهنجي خلافت تان دستبردار ٿيڻ کان انڪار ڪري ته بغداد کي مڪمل تباهه و برباد ڪيو وڃي. عباسي خلافت جي مرڪز تي حملي لاءِ هلاڪو خان هڪ لک پنجاھه هزار سپاهين تي مشتمل مضبوط فوج تيار ڪئي، جنهن ۾ هن چالاڪيءَ سان عباسي خلافت جا پراڻا رقيب به گڏ ڪيا ته جيئن اهي پنهنجا پراڻا پلاند وٺي سگهن. هلاڪو خان پنهنجي فوج ۾ عيسائي سپاهي، فرانسيسي، جارجيا جي فوج ۽ آرمينيا جو بادشاھه ۽ سندس فوج به گڏ کنئي ته جيئن عباسي خلافت کي زبردست شڪست ڏيئي هميشه لاءِ زوال پزير ڪري ڇڏجي. جڏھن منگولن عباسي خليفي کي بغداد تان دستبردار ٿي وڃڻ جو پيغام ڏنو ته عباسين هن کي ڪا خاص اهميت نه ڏني. تنهن تي منگول ويتر ڀڀلجي پيا ۽ 1258ء ۾ هلاڪو خان جي اڳواڻي ۾ بغداد ۾ اچي ڪاهي پيا ۽ پوءِ سموري بغداد جي اوج کي نيست و نابود ڪري ڇڏيائون. اهو ئي سال اسلام جي سنهري دور جو اختتامي سال بڻجي ويو.
بغداد جي وڏي ۾ وڏي لائبريري جنهن ۾ لاتعداد ناياب دستاويز، ڪتاب ۽ علم موجود هو تنهن کي مڪمل تباهه برباد ڪري ان علم جي زخيري کي دجله درياءُ ۾ اڇلايو ويو. هٿ اکرن سان لکيل ڪتابن جي ايڏي ڪثير تعداد درياءُ جي رنگ کي ڪتابي مس سان ڪارو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ منگولن ايڏي خونريزي ڪئي جو بغداد ۾ انساني رت جون نديون وهڻ لڳيون. ايڏي ڏاڍ ۽ ظلم کان پوءِ 1259ء ۾ مونگڪي خان ته مري ويو پر اها هلاڪو خان جي بدقسمتي چئبي جو هن کي اقتدار پوءِ به نه مليو ۽ وسيع سلطنت جي اقتدار جون واڳون وري هن جي ٻئي ڀاءُ قبلائي خان جي هٿ ۾ آيون. قبلائي کي شهنشاهت ته 1260ء ۾ ئي ملي چڪي هئي پر سندس ننڍو ڀاءُ آرڪ بوڪ به تخت تي ويهڻ لاءِ مقابلي ۾ اٿي بيٺو. قبلائي خان کي چار سال انهيءَ گهرو ويڙھ ۾ لڳي ويا. آخرڪار 1264ء ۾ هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.قبلائي خان چنگيز خان جو ننڍو پوٽو هو ۽ شڪل صورت ۾ سڀني کان نرالو هو. مشھور سياح مارڪوپولو جيڪو هن جي حڪومت ۾ نوڪري ڪندو هو سو پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ قبلائي خان جي شڪل صورت متعلق ڪجهھ هن ريت لکي ٿو. “هو سٺي ۽ ٺاهوڪي هاٺي رکندڙ هو. هن جو رنگ صاف ۽ گلابي هو. اکيون ڪاريون ۽ سهڻيون ۽ نڪ جي بيهڪ سندس منهن سان ٺهڪندڙ هئي”.
اڃان قبلائي خان جي شھنشاهت فقط منگوليا ۽ چين جي ڪجهھ رياستن تي مشتمل هئي ۽ الخانان ڊويزن (Ilkhanate division) ۾ هن جو وڌيڪ اثر رسوخ موجود هو. ان وقت ان ذويزن ۾ اڄوڪي ايران، آرمينيا، آذربائيجان، جورجيا، ترڪمانستان، تُرڪي جڏھن ته ڪجهھ حصو افغانستان جو ۽ ڪجھه حصو موجوده پاڪستان جو به شامل هو. 1271ء ۾ قبلائي خان پنهنجي شهنشاهت جو نالو يوان گهراڻو اختيار ڪيو. جنهن ۾ اڄوڪو منگوليا، چين، ڪوريا، ۽ ڪجهھ پسگردائي وارا علائقا پڻ شامل هئا. قبلائي چين جو حاڪم ته بڻجي ويو پر اڃان سنگ گهراڻو ۽ ان جي بغاوت هن جي اک جو ڪنڊو بڻيل هئي. سنگ گهراڻي هن جي شهنشاهت کي قبولڻ کان بنهھ ٺپ انڪار ڪيو. قبلائي خان کي اها بغاوت ختم ڪرڻ ۾ پورا اٺ سال لڳي ويا. (هتي اهو واضح ڪرڻ به ضروري آھي ته منگول شهنشاهت کان پوءِ چين جو اقتدار وري به سنگ گهراڻي جي هٿن ۾ آيو). آخرڪار 1279ء ۾ ھو چين جو پهريون غير مقامي مڪمل حاڪم بڻجي ويو. ان کان پوءِ 1294ء پنهنجي موت تائين هن چين تي حڪومت ڪئي ۽ ناقابل يقين حد تائين ترقياتي ڪم ڪيائين. هن جي حڪومت گهڻ قومي حڪومت هئي جنهن ۾ پوري دنيا جا ماهر پيشاور نوڪريون ڪندا هئا. تقريبا دنيا جا سڀئي وڏا مذھب هن جي شهنشاهت دوران چين ۾ موجود هئا. جن ۾ ٻڌ ڌرم، تاءُ ڌرم، زردشتي ڌرم، عيسائي ڌرم ۽ دين اسلام شامل هئا. چين جو هي غير مقامي شھنشاهه جنهن خان اعظم جو لقب اختيار ڪيو سو 79 سالن جي ڄمار ۾ مري ويو.
منگول شھنشاهت جي زوال جي ڳالهھ ڪجي ته اهو داستان به جلد ئي شروع ٿيو. منگول شهنشاهت جي باني چنگيز خان جي موت کان پوءِ جلد ئي شھنشاهت ۾ غير اتفاقي ۽ غير اتحادي وارو ماحول پيدا ٿي ويو. هن جي پٽن ۽ پوٽن ۾ اقتدار لاءِ اختلاف پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا. قبلائي خان خود پنهنجي ڀائرن خلاف گهرو ويڙھ وڙهيو. جنهن چنگيز خان وڏي محنت سان منگول قبيلن کي متحد ڪيو هو تنهن جي موت کان پوءِ جلد ئي اهو اتحاد ڀرڻ ۽ جهرڻ لڳو. فارس کان وچ ايشيا تائين جيڪا يوان شھنشاهت قائم ٿي هئي تنهن ۾ منگولن جي سستي، پستي ۽ نااهلي ثابت ٿيڻ لڳي. چوڏھين صدي عيسويءَ جي وچ واري عرصي يعني 1368ء دوران چين ۾ هارين جي منگولن خلاف زبردست بغاوت شروع ٿي وئي ۽ اها بغاوت ايڏو ته زور وٺي وئي جو انهن باغين منگولن کي ديوار چين جي ٻئي پاسي ڌڪي ڇڏيو. توڻي جو تيمور لنگ جي دنيا فتح ڪرڻ سان منگولن جي زوال جو مفهوم ڪجهھ ڪمزور ٿو لڳي پر اصل منگوليا جا منگول جن اڌ کا وڌيڪ دنيا کي ٿورڙي عرصي اندر فتح ڪيو هو تن، جو زوال اچي چڪو هو.جڏھن ته چوڏهين صدي عيسويءَ کان نئين تاريخ سرجڻ لڳي. جيڪا هئي ترڪيءَ جي عثماني گهراڻي جي تاريخ. جينيات جي ماهرن جو خيال آھي ته ترڪ قبيلن جو اصل نسل پڻ منگولن مان آهي گڏوگڏ هندوستان جي مغل بادشاهت جو اصل نسل پڻ انهيءَ خانه بدوش قوم سان آھي. جڏھن ته ترڪَ ان ڳالھه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪاري آھن.. منگولن جي تاريخ ۾ زبردست تبديلي تڏھن آئي جڏھن سندن هڪ خان 1295ء ۾ اسلام قبول ڪيو هو. اهو خان محمد غزن هو جيڪو 1271ء ۾ ڄائو ۽ 1304ء ۾ مري ويو. هي منگولن جو ستون خان هو.
جيڪا منگول سلطنت منگوليا کان 1206ء ۾ شروع ٿي سا وڃي تُرڪيءَ جي عثماني گهراڻي ۾ منتقل ٿي. ان جي تاريخ هندوستاني مغل حڪمرانن تي پڻ اچي بيهي ٿي. دراصل مغل مغول-مگوليا، منگول جي ٻي صورت آھي. مغل سلطنت جو بنياد رکندڙ بابر فاتح عالم تيمور لنگ جو پڙپوٽو هو. اها شهنشاهت هلندي هلندي آخري مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر تي 1857ء ۾ اختتام پزير ٿي يا کڻي هيئن چئجي ته زوال پزير ٿي. ائين منگولن جي عروج جو 651 سالا دور پورو ٿيو ۽ عروج و زوال ۽ نشيب و فراز جو داستاد مڪمل ٿيو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *