تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

منٽو …مظھر الاسلام/ همير گاد

منٽو ڪڏهن فوت ٿي ويو؟ فوت ٿي ويو ڇا؟ ها 18 جنوري 1955ع تي. هي منٽو هيو ڪير؟ هڪ بي رحم افسانه نگار هڪ مڪمل انسان جيڪو پئسن ئي نه زندگي جي باري ۾ به ڪافي فضول خرچ هو. هن پنهنجي زندگي به تمام جلد خرچ ڪري ڇڏي، پهريون ڀيرو ڪنهن ميلي ۾ آيل ڳوٺاڻي جي کيسي ۾ موجود پئسن وانگر. توکي ڪنهن ٻڌايو ته هو گذاري ويو؟ ماڻهو ٿا چون. ۽ تو اعتبار ڪيو.؟ چون ٿا هن ٻين جون بيماريون ۽ غم پاڻ کي لڳائي ڇڏيا ها.
ٻڌو آ هو وڏو ظالم هو.؟ ها هو ماڻھن جي برائين تي تير هلائيندو هو. چون ٿا منٽو ڏاڍو گناهگار هو.؟ ها هن جا افسانه هن جا گناھ ئي ته هيا. مون ٻڌو آ هو طوائفن جي باري ۾ ڪهاڻيون لکندو هو.؟ مون به اهو ئي ٻڌو آ، هو طوائف جي زندگي ۾ ڏکن کي معاشري جو جرم تصور ڪندو هو. چون ٿا هو فحش نگار هو.؟ ها، هو انسان کي ان جي اصل تصوير ڏيکارڻ چاهيندو هو، جنسي بک ۽ پيٽ جي بک هن جا اهم موضوع هئا. ته ڇا اهي سچايون ناهن.؟ پر سچائي سان ڪيترا ماڻھو محبت ڪندا آھن. پر شيرو ٽانگهي وارو ته چوي ٿو ته منٽو اڃان تائين فوت ناهي ٿيو.؟ هڪ ڏينهن پهريان ئي ته هن جي ٽانگهي ۾ ويهي آيو آھي. ها ٻيا به ماڻھو آھن جيڪي هن جي شاهدي ٿا ڏين. هو ته موت کي زندگي جي ابتدا چوندو هو. اصل ڪهاڻي ته هن هاڻي لکڻ شروع ڪئي. اهڙي ڪهاڻي جيڪا قيامت کان پوء به جاري رهندي.
چون ٿا هن اردو افساني کي هڪ نئين زندگي ڏني.؟ ها، هن پنهنجي سموري زندگي پنهنجي ڪردارن ۽ افسانن ۾ ورهائي ڇڏي. هو انسانن سان محبت ڪندو هو. هن کي ذلت ۽ گندگي ۾ پيل ماڻھن سان پيار هو. چون ٿا هو پنهنجي افسانن ۾ گاريون ڏيندو هو. اهي گاريون هيون-؟ ته اهي توکي ڇونه لڳيون.؟ هو ته نقص ڪڍڻ جي اجازت گهرندو هو. هن جا لفظ ۽ اکيون باھه سان ڀريل ها.
پوء ڇا ٿيو.؟
باھه اهڙي ٻري جو ماڻھن هن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو.
ته ڇا هو مري ويو.؟
چون ٿا مري ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *