تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

منهنجي صاحب جي ڌيءُ … دريا خان شنباڻي

ملير ڪينٽ جي هڪ عاليشان بنگلي ۾ مان بورچي آھيان. منهنجو صاحب پنج سال پهريان ايڪويهين گريڊ جي نوڪري تان رٽائر ڪري ان ئي بنگلي ۾ پنهنجن ٻن شادي شده پٽن، هڪ جوان ڌي ۽ پنهنجي خوبصورت زال سان رهندو آھي. هن عاليشان بنگلي جا ٻيا به ملازم آھن، هڪڙو ته مان جيڪو بورچي آھيان، هڪ ڊرائيور ۽ ٻه چوڪيدار به آھن ۽ اسان ملازمن جي رهائش به بنگلي جي اندرين پاسي آھي. جڏھن ته منهنجو ڪمرو ته بنگلي جي مين ڪمرن، ڊائننگ هال يا ڊرائنگ روم جي قريب قريب آھي باقي ملازم به ائين پنهنجي سهولت جي حساب سان رهندا آھن. مان هن بنگلي وارن جو خانداني بورچي آھيان. هينئر جنهن ننڍڙي ڪمري ۾ مان رهان ٿو ان ۾ منهنجا ماءُ پي به ڪيترائي سال رهي ويا آھن منهنجو بابا به هڪ ناليوارو بورچي هو ۽ هنن ڏينهن ۾ بابا ۽ امان پنهنجي ٻئي اولاد سان گڏ ڳوٺ ۾ رهن ٿا ۽ مان هتي چڱي چوکي پگهار تي بورچائپ ڪندو آھيان. منهنجي صاحب جي ڌي جويريه مون کان ڪجهھ سال وڏي آھي جيڪا ڪراچي جي مهانگي گرامر ڪاليج ۾ پڙھي ٿي. هو پنهنجي مزاج ۾ الڳ ٿلڳ رهندڙ ڇوڪري آھي ۽ ڏاڍي سياڻي سيبتي ۽ ملندڙ جلندڙ آھي. هو مون سان به ڪافي فرينڪ آھي ۽ پنهنجي پسند جو کاڌو پچائڻ لاءِ فرمائشون ڪندي رهندي آھي ۽ مون کي هن جون فرمائشون پوريون ڪندي خوشي ٿيندي آھي. هو ڪڏھن ڪڏھن منجهند وقت منهنجي ڪمري ۾ اچي ڳالهيون ٻوليون به ڪندي آھي ۽ ڳالهائيندي ۽ مرڪندي سٺي لڳندي آھي. پر ٿوري ئي دير کان پوءِ بيگم صاحبه اچي هن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندي آھي. بيگم صاحبه جي چهري تي ڪاوڙ ظاهر هوندي آھي پر ڪُڇي صفا نه سگهندي آھي. بس ڪڏھن ڪڏھن هن جو هڪ جملو ٻڌڻ ۾ ايندو آھي جيڪو جملو هو پنهنجي ڇوڪري کي چوندي آھي ته “بيٽا! ٿورو ڪلاس جي فرق کي محسوس ڪندي ڪر”
جويريه هلي ويندي آھي ۽ سندس ڳالهيون اڌوريون رهجي وينديون آھن. مان وري به مائينڊ ڪونه ڪندو آھيان ته سندس والده هن کي ڇو وٺي وئي ۽ نه ئي ان ڳالھه کي سنجيده ئي وٺندو آھيان. مان پنهنجي ڪم ۾ هر طرح سچو ۽ حلال ڪري کائڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. منهنجو صاحب به ڪڏھن ڪڏھن ڪمري مان نڪري ٽهلندو آھي نه ته اڪثر ڪري هو ٽي وي لائونچ ۾ ڪجهھ وقت ويٺي نيوز ٻڌندو آھي يا پنهنجي پرسنل ڪمري ۾ ڪو ڪتاب رسالو پڙھندو آھي. مان هن لاءِ ٽي وقت چانهھ به تيار ڪندو آھيان، صبح، منجهند ۽ شام. گهٽ ڳالهائيندو آھي پر سٺو ڳالهائيندو آھي. کيس اولاد سان محبت ته آھي ئي آھي پر بيگم صاحبه کي حد کان وڌيڪ ڀائيندو آھي ۽ ان جي هر ڳالهھ وٺندو به آھي. صاحب پنهنجن ملازمن تي به مهربان رهندو آھي. سال جي ٻنهي عيد وارن ڏينهن ۾ نه صرف ملازمن پر ملازمن جي گهرڀاتين لاءِ به ڪپڙا وٺي ڏيندو آھي ۽ عام ملازمن جي پگهار کان به وڌيڪ اسان جون پگهارون چڱيون هونديون آھن.
تنهن ڏينهن مان سموري خاندان لاءِ ڪوفته پچائي رهيو هيس ته بيگم صاحبه آئي ۽ مون کان بابا ۽ امان جي خير خيريت لاءِ پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته “بيگم صاحبه! بابا ته اڃان طبيعت ۾ ڀڙ آھي باقي امان ڪافي ڪمزور ٿي چڪي آھي، گهڻو گهمي ڦري نه ٿي سگهي.” تڏھن بيگم صاحبه چيو ته “پنهنجي بابا کي فون ڪري منهنجي ۽ صاحب پاران به پڇجان ۽ کيس چئو ته هفتي ڏيڍ ۾ هتي اچي ته اسان کي خوشي ٿيندي ۽ ننڍڙو ڪم به آھي.” “جي ضرور” مون چيو ۽ بيگم صاحبه هلي وئي ۽ مون کي سوچون ورائي ويون ته آخر اهڙي ڪهڙي ضرورت پئي آھي جو بيگم صاحبه بابا کي هتي اچڻ لاءِ چيو آھي” مون بابا کي فون ڪئي ۽ بيگم صاحبه جو نياپو ڏنم ته بابا ڪافي خوش ٿيو ۽ پنجن ڏينهن ۾ ڳوٺان ڪراچي پهچڻ لاءِ چيائين. بابا جي هڪ ڏينهن پهچڻ کان پهريان رات جو اڍائي ٽين وڳي منهنجي ڪمري جو دروازو کڙڪيو ۽ مسلسل کڙڪڻ لڳو ۽ مون اٿي دروازو کوليو ته منهنجي سامهون جويريه بيٺي هئي ۽ سندس نيڻ خماريل ۽ اندر ۾ بيچيني هئي. ان بيچيني کي مون ڀانپي ورتو ۽ جويريه کي اندر وٺي آيس پر اهو به خوف ته متان بيگم صاحبه نه اچي وڃي پر جويريه صفا بي خوف لڳي پئي هئي.
“امان سان مان هڪڙي ڳالهھ ٿي ڪريان ته هو ٻي ٿي ڪري” جويريه ويهڻ سان ئي بيگم صاحبه جي شڪايت ڪئي. مان هن جي سامهون ويهي رهيس ۽ هو ڳالهائي رهي هئي. “ڏسجان هاڻ به هو ايندي ۽ مون کي وٺي وڃي گهسيل پٽيل ليڪچر ڏيڻ شروع ڪندي ته ڪلاس جي فرق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، اها سٺي ڳالھه ناهي، جيئن تون ڪري رهي آھين يا چئي رهي آھين” جويريه ڳالهائي رهي هئي.”تون ٻڌاءِ نه مان ڇا ڪريان?” جويريه منهنجي سٿر کي ڌڪ هڻندي پڇيو ته منهنجي لونء ڪانڊارجڻ لڳي “ڇا ٿيو هان ڇا ٿيو?” جويريه مرڪندي پڇيو”ڪجھ به نه, بس ٻيو ڪجهھ نه سڀاڻي منهنجو بابا اچي رهيو آھي”
“ڇو?” جويريه پڇيو “مون کي ڪابه خبر ناهي، بيگم صاحبه جو حڪم آھي” مون چيو. “حڪم حڪم…..” جويريه چڙندي چيو “بس سڄي عمر حڪم ئي ته ڏنائون, ڪڏھن ڪنهن جي ٻڌي به اٿائون!”۽ پوءِ جويريه پيار منجهان چيو “بس هن دنيا ۾ تون ئي ته آھين جو مون کي ٻڌندو آھين” جويريه ائين چيو ته مون کي خوشي ٿي ۽ چيم “تون جو هيترو پنڌ ڪري مون ڏي ايندي آھين ته توکي ٻڌان به نه ڇا?!”
“ها پر….” جويريه ائين چئي خاموش ٿي ۽ ڄڻ مون لاءِ سوال ڇڏيائين پر مون ڪوبه سوال نه پڇيو ۽ پاڻ ئي چيائين “دل سان ته تون به ڪونه ٻڌندو آھين”پوءِ هو وڌيڪ سري آئي ۽ منهنجي سيني جي کاٻي پاسي پنهنجو مٿو رکندي چيائين “ڏسان ته سهي دل به اٿئي يا نه” سڀ کان پهريان جويريه جي وارن جي خوشبو محسوس ڪيم ۽ ڄڻ مون مٿان مدهوشي طاري ٿي وئي ۽ هن پنهجو مٿو نه هٽايو ۽ پنهنجون ٻانهون هن جي چوڌاري ڦيرائي پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڇڪيم ۽ هو منهنجي سيني ۾ صفا سمائجي وئي ۽ اهڙو ته سمائي جو ڪي پهر گذري ويا. نه ته بيگم صاحبه جي اچڻ جو خوف ۽ نه وقت گذرڻ جي خبر. ان وقت صبح جي روشني ڦھلجڻ تي هئي جو جويريه منهنجي ڪمري مان نڪري وئي.
ٻئي ڏينهن بابا به آيو ۽ ڪجهھ وقت ته منهنجي ڪمري ۾ آرام ڪيائين ۽ پوءِ شام جي وقت اندر هليو ويو صاحبن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ مون کي شدت سان انتظار ته آخر معاملو ڇا آھي جو بيگم صاحبه نياپو ڪيو. بابا ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ واپس آيو. ان وقت مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هيس. بابا به اچي ويٺو ۽ ويهڻ سان چيائين “اسان هن گهر جو سالن کان نيمڪ کاڌو آھي ۽ اڄ تائين کائيندا اچون”پوءِ بابا خاموش ٿيو ۽ ڪجهھ لمحن کان پوءِ چيائين “مون کي بيگم صاحبه ٻڌايو ته اسان مجاهد مان ڏاڍا خوش ۽ مطمئن آھيون ۽ مجاهد پٽ ائين ڪيترائي سال اڳ صاحب وارا به مون مان ائين ئي مطمئن هوندا هيا, توسان هنن جي تمام گهڻي محبت آھي ۽ چون ٿا ته……” بابا ائين چيو ته منهنجي اندر ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي پر بابا ڳالھه مٽيندي چيو “توکي خبر آھي ته جويريه تنهنجي ڇا ٿئي?”
مان جويريه جو نالو ۽ بابا جو اهو سوال ٻڌو ته ڪجھه پريشان ٿيس ۽ بابا چيو “هونئن به ڀلا صاحبن جا ٻچا ته پنهنجا ٻچا هوندا آھن, اسان کان به زندگي ۾ ڪي غلطيون ٿيون هونديون پر گهڻو ڪري بچندا رهياسين, سو توکي سمجهي وڃڻ گهرجي ته جويريه تنهنجي…….” بابا اڃان اڳتي ڪجهھ ڪُڇڻ وارو ئي هيو جو مون سندس جملو ڪٽيو ۽ ڄڻ بابا کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ مون کي اهو خيال ته ٿي سگهي بابا جا بيگم صاحبه سان ڪي تعلقات رهيا هجن شايد تڏھن پيو چئي….. مان اڃان ان ئي سوچ ۾ هيس ته بابا چيو “تون جيڪو ڪجهھ سوچي رهيو آھين سو ٺيڪ آھي يا غلط، اها ڳالهھ توتي منحصر آھي پر…….” بابا خاموش ٿيو ۽ پوءِ ڄڻ يادن جي غفائن ۾ گُم ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين “مان ۽ تنهنجي ماءُ هن ئي ڪمري ۾ ڏھه سال رهيا آھيون ۽ تون اڃان پيدا به ڪونه ٿيو هئين، هتي ڪراچي ۾ تنهنجي ماءُ ٻه ٻار به ڄڻيا، هڪ تنهنجي ڀيڻ ۽ پوءِ تون به هتي ئي پيدا ٿئين…. مان گهڻي وضاحت ۾ ڪونه پيو وڃان سو مون چيو نه ته جويريه تنهنجي ڀيڻ ٿئي”
“بابا مان سمجهي ويس اوهان بار بار اها ڳالهھ ڇو پيا دهرايو?!”
“ان ڪري جو” هن دفعي مون کي پڪ ٿي سو بابا کي چيم “سمجهي ويس بابا اوهان جا بيگم صاحبه سان ناجائز……” مون ائين چيو ته بابا جون اکيون ڦوٽارجي ويون پر پوءِ هڪ ٿڏو شوڪارو ڀريندي چيائين “ڪيڏو نه اُٻهرو آھين، پهريان ٻڌ پوءِ سمجھه. توکان جيڪا وڏي ڀيڻ ثمينه آھي نه، ان کان پوءِ تون نه پر هي جويريه آھي جنهن جي ڪنهن به ٻئي بني بشر کي خبر ئي ناهي سواءِ صاحب، بيگم صاحبه، ماڻھين ۽ منهنجي پر توکي هاڻي ٿو ٻڌايان ته جويريه تنهنجي سڳي ڀيڻ آھي”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to منهنجي صاحب جي ڌيءُ … دريا خان شنباڻي

  1. Kaleemullah Shambani says:

    بهترين ليک

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *