تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

منهنجو ننڍپڻ … دودو چانڊيو

آسان به ننڍپڻ جون ڪيئي برساتون هيئن گذاريون، منهنجو ننڍپڻ پراڻ ۽ هاڪڙي جي وچ ۾ ٻيٽ نما ڳوٺ ڊهيٽي ۾ گذريو، اسان جي ڳوٺ کان اوڀر طرف اڌ ڪلوميٽر تي هاڪڙو ۽ اڌ ڪلو ميٽر تي اولھ طرف پراڻ هئي ۽ هاڻي به آهي ضلعن جي ورهاڱي سبب بدين، ٿر ۽ ميرپور خاص ضلعا منهنجي اباڻي ڳوٺ کان ايترو پري آهن جو ڏهن منٽن ۾ پنڌ هلي ٽنهي ضلعن ۾ قدم رکي موٽي اچي سگهجي ٿو، ايل بي او ڊي نڪرڻ کان اڳ هي علائقا ايترا خوشحال هئا جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي، اسان ننڍا ٻار هئاسين ته ايل بي او ڊي جون مشينون کاٽي پيون ڪنديون هيون، اسان جي ڳوٺ ويجهو علياڻين جي ڳوٺ ۾ وڏو پير پاڳارو آيو هو، پاڳاري الائي ڇا چيو پر چٽو ياد اٿم ته ڳوٺ جا بزرگ پاڻ ۾ چئي رهيا هئا ته “پاڳاري چيو هي جيڪي مشينون کوٽائي پيون ڪن اهي ته هن علائقي جا نصيب برباد ڪرڻ جون کوٽائي پيون ڪن ” واقعي ٿيو به ائين ئي آهي آيل بي او ڊي لاڙ جي پوڇڙ ۽ ٿر جي مهراڻي واري علائقي جا نصيب ئي ٻوڙي ڇڏيا، اسان جا مائٽ مسڪين ماڻهو هئا، هاڻي به مسڪين ئي آهن ڪچا گهر هوندا هئا، مينهن تيز وسندا هئا ته گهر ڇڏي مٿاون ڌڙن ۽ ڀٽن جي ڪنارن تي مال ڪاهي جهوپڙيون اڏي ويهندا هئا، مينهن ۾ مٿان ڪليون يا رليون ڏئي ٻارن کي سمهاري پاڻ جاڳندا هئا، امان اسان کي سمهاري مٿان ڪليون ڏئي، رليون وجهي پاڻ جاڳندي هئي، ڪالھ ڳوٺ وارن ٻڌايو ته امان بابا جنهن قبرستان ۾ آخري آرامي آهن اهو قبرستان ايل بي او ڊي جي گهاري سبب پاڻي هيٺ آهي پراڻ پلٽي آهي هاڪڙو ابتو پيو وهي، دل ڀرجي آئي، سوچيم انهن ئي پٽن تي امان اسان مٿان رليون وجهي پاڻ جاڳي سمهاريندي هئي، آئون ته وڃي اهيو به نه ٿو ڪري سگهان ته قبرستان کي بچائي سگهان، ڇو ته سمن سرڪار، جهڏي، ملڪاڻي کان وٺي نئون ڪوٽ تائين سڄو علائقو پاڻي هيٺ آهي جنهن ماڻهو بچپن ائين گذاريو هجي، زندگي جي 45 سال ۾ قدم رکيو هجي، اڄ به اتان جي صورتحال اڳ کان به بدتر هجي، اهو ماڻهو صحافي به هجي، حساس به هجي، ڪجهه ڪري به نه سگهي، ان تي ڇا گذرندي هوندي، ڪاش ، ڪو تورو ماپ هجي جيڪو هي درد، بي وسي ۽ ڪاوڙ ماپي سگهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *