تازا ترين
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

منهنجا پيارا شناختي ڪارڊ… نجيب شر

منهنجا پيارا مونکي پڪ هوندي هئي ته مان جڏهن به ڪنهن روڊ حادثي ۾ مارجي ويندس يا ڪنهن اڻڄاڻن جي ديس مارجي ويندس ته تون منهنجي لاوارث لاش کي شناخت ڏيندين ۽ منهنجي باڊي وارثن حوالي ڪرڻ لاءِ مدد ڪندين پر جڏهن کان تون مونکان گم ٿي ويو آهين ته مان ڏاڍو حيران، پريشان، اڪيلو ۽ نامڪمل ٿو محسوس ڪريان. تون منهنجي جيب ۾ هوندو هئين ڄڻ مان اڪيلو نه هوندو هئس منهنجي سڃاڻپ مون سان گڏ هوندي هئي پر شايد هاڻي شهر ۾ رهي رهي ڳوٺ جو نالو به وسري وڃي پنهنجي ديس جي گلي نمبر به ڀلجي وڃان اهو ڊپ کان توکي ڳوليو آهي مون سان ٻيون مشڪلاتون به روز ٿين ٿيون جڏهن توکان سواءِ مان هڪ شهر کان ٻي شهر تائين سفر ڪريان ٿو ته چيڪ پوسٽن تي مقرر رينجرز جي وردي پوش انسان صفت مونکان تنهنجو پڇن ٿا ۽ شڪ جي بنياد تي مون کي پوري ميڙ کان پري ڪري منهنجو تماشو بڻائن ٿا ڄڻ منهنجي توکان سواءِ ڪائي ذاتي حيثيت ڪونهي ڪائي سڃاڻپ ڪونهي. منهنجا پيارا، تنهنجي وڇڙي وڃڻ کان پو۽ مون توکي هر هنڌ ائين ڳوليو هو جئين علي نواز ناز پنهنجي محبوبا بالي کي لاهور جي گهٽين ۾ ڳوليو هو، جيئن سسئي ٿرن ۽ برن ۾ پنهون کي ڳوليو هو، ها مان توکي ائين ئي ڳوليوآهي جيئن ڪو مومن پنهنجي خدا کي ڳوليندو آهي، پر تون نه ملين ۽ پو۽ آءُ نااميد هوندي تنهنجي ملڻ جي اوسئيڙي ۾ هر روز پوسٽ آفيس جا چڪر ڪاٽڻ لڳس پر تون اتان به نه ملي سگهين، مون کي شڪ آهي توکي شايد ڪنهن سئيپر ردي جي ٽوڪري جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي يا وري ڪنهن تڪليف ڪري توکي پوسٽ باڪس جي ڳريل ۽ سڙيل باڪس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جتان تون ان جي ڦٽل سوراخن مان هيٺ ڪري پيو هوندين يا وري ان باڪس جي زنگجي ويل تالي جي ڪري ان باڪس ۾ عمر قيد هوندين.توسان منهنجي شناخت وابسطه هئي، تونکان سوا۽ آءُ پنهنجي اها شناخت وڃائي چڪو آهيان، تنهنجي مسلسل نه ملڻ جي باوجود زماني سان هلڻ لاءِ مونکي شناخت گهربل هئي، آءُ نئون ڪارڊ ٺهرائڻ واسطي نادرا آفيس ويس، انهن ظالمن نئون ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ پهريان تو تي اين سي ڪٽرائڻ جو شرط رکيو، مون پهريان انڪار ڪيو ۽ ان شرط کان کين هٽائڻ جا ڪافي جتن ڪيا پر جڏهن منهنجي هڪ به نه هلي ته پيارا مونکي نه چاهيندي به تو تي اين سي ڪٽرائڻي پئي مان ايترو سست ۽ ڊڃڻو آهيان جو تو سواءِ ڪنهن ظالم تي به اين سي نه ڪرائي آهي.
ها پيارا جڏهن آءُ پوليس اسٽيشن پهتس ته پوليس وارن مونکان تنهنجو نمبر پڇيو، مونکي تنهنجو نمبر ائين ياد هيو جيئن ڪنهن عاشق کي پنهنجي محبوب جو موبائل نمبر ياد هوندو آهي، منهنجا پيارا مون کي معاف ڪجان، هڪ ته مان توکي سنڀالي نه سگهيس ۽ وري تو مٿان اين سي ڪٽرائي آيس، منهنجا پيارا مان تو تي ناراض ٿي اين سي نه ڪٽرائي، اصل ۾ اين سي ڪٽرائڻ منهنجي مجبوري هئي ۽ مون کي اميد آهي ته تون منهنجي مجبوري کي بخوبي سمجهي سگهين ٿو.
هاڻي سمارٽ ڪارڊ جو ٺهرايو اٿم ۽ جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ منهنجي زندگي جو حصو ٿي ويندو ۽ مان سمارٽ ٿي ويندس هاڻي مان ساڳ ديسي گيهھ چپڙن ڪون کانوان نه ئي دوستن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيان مونکي واڏا شهپر پٽڪو قميص شلوار ڪون وڻن ٿا. پينٽ شرٽ ۾ وڏائي محسوس ڪيان ٿو.. مونکي اميد آهي ته تون جتي به هوندين منهنجي ياد توکي ائين ئي ايندي هوندي جيئن مونکي تنهنجي پل پل اچي پئي ڇو ته تون منهنجو پهريون ڪارڊ هئين.مان هي خط هوائن جي حوالي ڪيان ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *