تازا ترين
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *

منزل عظيم هجي ته پوءِ راهن ۾ تڪليفن جي ڪهڙي پرواهه … ڊاڪٽرسجاد منگي

چوندا آهن ته تبديلي ۽ ترقيءَ جو توهان جي زندگيءَ ۾ هجڻ ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته توهان زنده آهيو. جيڪي ماڻهو زندگيءَ ۾ اڳتي نه وڌي سگهندا آهن، اهي هميشه پنهنجي تقدير ۽ مقدر کي قصوروار سمجهندا آهن. جڏهن ته انهن پنهنجي زندگيءَ کي ڪڏهن به تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي هوندي. زندگي هر انسان کي اڳتي نڪرڻ جو موقعو ضرور ڏيندي آهي. ان موقعي مان فائدو وٺڻ يا ان کي ضايع ڪرڻ اسان جي پنهنجي هٿ ۾ هوندو آهي. انسان جو وجود هن ڌرتيءَ تي خدا جي بهترين تخليق جو هڪ عاليشان مثال آهي. اهو انسان ئي آهي جيڪو ڪائنات جي حسن و جمال کي پرکي ۽ سمجهي ٿو. انسان کي حيوان تي برتري فقط ان لاءِ آهي ته انسان ۾ سوچڻ، سمجهڻ، لکڻ، پڙهڻ، حيا، شرم، صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. الله پاڪ قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته آئون ان قوم جي حالت تيستائين نٿو بدلايان،جيستائين اها قوم پنهنجي حالت پاڻ نٿي بدلائي. ان ڳالهه مان اهو درس ملي ٿو ته حالتون پنهنجوپاڻ تبديل نٿيون ٿين. انهيءَ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. عالمي انقلابن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته ثابت ٿئي ٿو ته حالتون تبديل ڪرڻ لاءِ گهڻيون قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون. اهي قربانيون ڪڏهن جاني، مالي ۽ ڪڏهن وري وقت ۽ رشتن جي صورت ۾ ڏيڻيون پون ٿيون. ساڳئي طرح جيڪڏهن اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي ضرور ڪجهه قربانيون ڏيڻيون پونديون. پر اهو پڪو يقين رکو ته اهي قربانيون ڪڏهن به ضايع نه ٿينديون. زندگي اهو سائنسي ۽ سماجي عنصر آهي جنهن کي وقت جي پئماني ۾ ئي ماپي سگهجي ٿو ۽ وقت اهو گهوڙو آهي جنهن جو لغام توهان جي هٿ ۾ آهي. جنهن سواريءَ جو لغام توهان وٽ هجي ته پوءِ ان جي منزل ۽ رستي جي سليڪشن به توهان جي هٿ ۾ هوندي آهي. مڃون ٿا ته ڪڏهن اسان وقتي طور تي حقيقي راهه کان ڀٽڪي ويندا آهيون ته وري ڪڏهن زندگي جي ريگستان ۾ رلي ويندا آهيون. پر حالتون ڪيتريون به ناساز هجن، اسان کي انهن آڏو ڪڏهن به گوڏن ڀر جهڪڻوناهي. دراصل، انهن تڪليفن ۽ مشڪلاتن مان گذرڻ سان توهان جي اندر مضبوطي ۽ خودعتمادي پيدا ٿيندي آهي. اها حقيقت آهي ته سفر آسان هجي يا مشڪل نيٺ گذري ئي ويندو آهي. ان سفر ۾ ڪڏهن زندگي سٺا نظارا ڪرائيندي آهي ته ڪڏهن وري دردن ڀريو منظر نظر ايندو آهي. تڏهن ته لطيف سائين فرمايو آهي،
ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لک لڳن
آڱر، آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن
ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه پائيان.
انساني تاريخ جا ورق اٿلائجن ٿا ته خبر پوي ٿي ته انسان کي عظيم ان جو پنهنجو ڪردار بڻائيندو آهي. تاريخ جي عظيم شاعرن، مفڪرن ۽ سائنسدانن اهو درس ڏنو آهي ته منزل عظيم هجڻ گهرجي، ڀلي رستي ۾ ڪيتريون به مشڪلاتون ۽ تڪليفون ڇو نه هجن پر ڪڏهن به همت ۽ حوصلو هارڻ نه گهرجي. ڪڏهن توهان ان ڳالهه تي غور ۽ ويچار ڪيو آهي ته دنيا جا عظيم ليڊر ڪئين ۽ ڪهڙين حالتن ۾ پيدا ٿيا. حقيقت ۾ ڏک، تڪليفون ۽ مشڪلاتون ئي توهان جي عظم هجڻ جو سبب بڻجن ٿا. زندگي ۾ ڪيڏيون به مشڪلاتون اچن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ذهني ۽ جسماني توانائي استعمال ڪجي ۽ انهن حالتن ۾ به توهان لاءِ هڪ سبق آهي. ڪوشش آخري ساهه تائين ڪرڻ گهرجي پوءِ منزل ملي يا تجربو، شيون ٻئي ناياب آهن. ڇا ڪاڻ ته زندگي مسلسل تبديل ٿيڻ جو نالو آهي. شايد ئي ڪڏهن ڪنهن ان ڳالهه تي غور ڪيو هجي ته اسين عظيم ۽ ڪامياب ماڻهن سان ڇو ملڻ چاهيندا آهيون. اسين پاڻ ان قابل ڇو نه ٿيڻ چاهيندا آهيون ته جئين ماڻهو اسان سان ملڻ ۽ ڏسڻ ۾ خوشي محسوس ڪن. حضرت علي عليه سلام جو فرمان آهي ته زندگي ائين گذاريو ته جيئن ماڻهو اوهان سان ملڻ لاءِ سڪن ۽ جڏهن هن دنيا مان گذاري وڃو ته ماڻهو اوهان لاءَ روئن. بهرحال، قدرت واري هر انسان ۾ هڪ خاص ٽئلنٽ رکيو آهي پر ان ٽئلنٽ کي پرکڻ اوهان جو پنهنجو ڪم آهي. ڪڏهن اهوٽئلنٽ وقت ۽ حالت مطابق ظاهر ٿيندو آهي ته ڪڏهن وري اهو ٽئلنٽ لڪيل ئي رهجي وڃي ٿو. درحقيقت اسان پنهنجي پاڻ کي سمجهڻ بجاءِ اسين پوري دنيا جي ماڻهن کي پرکڻ، سمجهڻ ۽ خاميون ڪڍڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهيون ۽ پنهنجي اصل زندگي جي سموري توانائي ضايع ڪري ڇڏيندا آهيون. بهرحال هر انسان جي منزل پنهنجي سوچ مطابق ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن حالت ۽ واقعا به اسان جي منزل جو تعين ڪن ٿا آخر ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو صحيح وقت زندگيءَ جي مشڪل گهڙين ۾ لڪيل آهي. ان ڪري زندگيءَ جي مشڪل کان ڪڏهن به پريشان ۽ دل شڪستا نه ٿيڻ گهرجي. زندگي تمام حسين ۽ خوبصورت آهي. ان جي هر پل کي جيئڻ گهرجي. هميشه اهو ياد رکو ته زندگيءَ جو مقصد عظيم هجڻ گهرجي پوءِ ڀلي منزل تي پهچندي ڪيترو به وقت لڳي وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *