تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

ملڪ ۾ ڪروناوائرس ـ لاڪ ڊائون ۽ متاثر خاندانن ۾ رليف ڏيڻ وارو سوال؟ …سڪندرھاڙھو

ڪوروناوائرس نه رڳو چين کي متاثر ڪيو آهي پر ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو آهي پر ڏٺو وڃي ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪوروناوائرس ھي پھريو ڀيرو ملڪن ۾ داخل نه ٿيو آهي پر هوميوپيٿڪ ڊاڪٽرن بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪوروناوائرس اول به 1960ع ۾ ظاهر ٿيو هو.جنهن جي نشاندھي ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايو ويو ھو ته ڪوروناوائرس جا ڪيئي قسم ھوندا آهن. هي وائرس کوڙ سارن ماڻهن جي زندگي ۾ هڪ دفعو انفيڪشن سان رهندو آهي ۽ پنھنجو پاڻ ختم به ٿي ويندو آهي، خبر به نه پوندي آهي ته ڪو اسين اُن جو شِڪار ٿيا هئاسين.ڪورونا وائرس جا هي قسم، سيويئر اَڪيوٽ ريسپائرٽي سينڊروم، ۽مِڊل ايسٽ ريسپارٽي سينڊروم ماضي ۾ وڏو هنگامو برپا ڪري چڪا آهن جيڪي جانور خاص ڪري اُٺ،ڪوئي يا چمڙي مان پکڙيا. هن ڪورونا وائرس لاءِ خدشو ڏيکاريو وڃي ٿو ته اهو چمڙي نانگ يا وري بايو ويپنس مان پکڙيو آهي ان لاءِ اِهو به چيو وڃي ٿو ته چائنا جي شھر ووهان ۾ بايو هٿيارن ۽ بارود ٺاهڻ جو تمام وڏو ڪارخانو آهي، هي وائرس ان ڪارخاني جي ليبارٽري مان به ليڪ ٿي سگهي ٿو. هن وائرس جو نالو 2019 نوول ڪورونا وائرس آهي جنھن کي شارٽ فارم ۾ (2019-NCOV) يا (COVID 19) لکيو پيو وڃي.
هن وائرس جو اثرانداز ٿي بيماري ظاهر ڪرڻ وارو وقت جيڪو 2 کان 14 ڏينھن آهي پر هي وائرس ماڻهو ۾ اثر انداز ٿيڻ کان اڳ به ٻين تائين پکڙجي ۽ وچڙي ٿو. هڪ ڳالهه ضروري جيڪا چوڻ چاهيندس ته نفسيات موجب گهٻرائڻ واري حالت ماڻهو کي وڌيڪ متاثر ڪندي آهي مطلب گهٻراهٽ ۾ ماڻهو جي قوت مدافيت گهٽجي ويندي آهي. گهٻراهٽ ۾ ڪجهه به نه هجڻ، گهڻو ڪجهه هجڻ محسوس ٿيندو آهي، زڪام ڇڪون هروڀرون ڪورونا جو انفيڪشن ٿي نه ٿيون سگهن. سو اجايو گهڻو ڊڄڻ يا گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، هي وائرس گهڻو اثر انداز انهن ماڻهن تي ٿي سگهي ٿو جيڪي اڳم ئي ڪنھن بيماري ۾ مبتلا آهن، مثلن دل جا مريض، گردن جي بيمارين جا مريض پر گهڻو ڪري ساھه جي بيمارين يا دم جا مريض يا وري جن جي قوت مدافيت گهٽ آهي مطلب ٻار ۽ پوڙها، هڪ صحت مند ۽ مواڙ متارو ماڻهو ان جو شڪار گهٽ ٿئي ٿو. ها پر احتياط تمام ضروري آهي جيڪو تنھائي ۽ اڪيلائي آهي، پنھنجو پاڻ کي صاف رکڻ ۽ هٿ وغيره ڌوئڻ ۽ ماسڪ پائڻ آهي. هن وائرس جي اثر انداز ٿيڻ جون ڪي خاص ۽ واضع نشانيون آهن، جن ۾ خاص نمونيا آهي، مطلب هن وائرس جو انفيڪشن جڏهن چوٽ چڙهندو آهي ته نمونيا وارو روپ اختيار ڪندو آهي. يا وري انفلونزا واريون نشانيون ظاهر ٿينديون آهن. اهي ٻئي حالتون گهڻو ڪري ٿڌ سان لاڳاپيل هونديون آهن. انڪري ڪا به بي چيني يا ماڻهن ۾ خوف يا افراتفري پکيڙڻ کان بھتر آهي ته ماڻهن کي آگاهي ڏيو ته هو ڪوشش ڪري گهڻي ميڙ يا مجموعي کان پاسيرو رهن،
ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ جي موسم ڪنھن به ريت ڪورونا جي واڌ ويجهه يا پکڙجڻ لاءِ سازگار نه رهندي ۽ پنھنجو پاڻ ان وائرس جو اجل اچي ويندو.هوميوپيٿڪ ۾ ڪورونا جي انفيڪشن يا ان کان اڳواٽ بچاءُ لاءِ ڪجهه دوائون يقينن ٿي سگهن ٿيون پر مان نه ٿو سمجهان ته انهن جي به ضرورت آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت هڪ بهترين فيصلو ڪيو ته لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيندڙ پورهيت ۽ مزدور طبقي ۾ لکين راشن بيگ ورهايا ويندا. هي وقت جي ضرورت آهي ۽ هن قسم جو ڪردار نه صرف حڪومت کي ادا ڪرڻو آهي، پر اسان سڀني کي ادا ڪرڻو آهي. ضروري آهي ته ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت به قدم وڌائي ڪورونا وائرس سبب ڪاروبار بند رهڻ ڪري متاثر ٿيندڙ خاندانن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ به اربن رپين جو تڪڙو رليف پئڪيج ڏنو وڃي ته صورتحال کي بهتر نموني مُنهن ڏئي سگهجي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *