تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ملڪ ڪير ٿو هلائي ؟

ڇا رڳو ڪراچي ڊويزن ٿي سنڌ جي باقي ڊويزنن ۽ ملڪ کي پالي ؟ بدين جو تيل، ٿر جو ڪوئلو، قادر پور گهوٽڪي جي گئس، قمبر مزاراڻي فيلڊ جي گئس ۽ تيل، جوهي مان نڪرندڙ تيل، ڄامشوري جي بجلي، چانورن جو فصل، ڦٽين جو فصل، مال متاع، دريا جو پاڻي، ڪينجهر جو پاڻي، روينيو جي اوڳاڙي جو حصو ڪيترو ٿيندو؟ ڪو معاشي ماهر ان اينگل کان تحقيق ڪري ۽ سنڌ جي سڀني ضلعن ۽ ڊويزنن جي الڳ الڳ آمدني جو ڪاٿو لڳائي ته خبر پوندي ته 70 سالن کان سنڌ جي هڪ شهر ڪراچي تي ڪيترو خرچ ٿيو آهي؟ ۽ باقي سنڌ جي شهرن جي ترقي تي ڪيترو خرچ ٿيو آهي؟ ان جو اندازو ٿي ويندو، اچو ته هن معاملي تي سوچون ته ايم ڪيو ايم، پي پي، فنڪشنل ۽ ٻين وفاقي پارٽين توڙي وفاقي ادارن ڪيئن سنڌ جي عوام سان دوکا ڪيا آهن. خوشحال سنڌ جو عوام بک ۽ بدحالي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، سڀئي ڌريون ڪرسي جي خاطر سنڌ سان ڌوکيبازي ڪندا رهن ٿا جنهن عمل کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سنڌين کي وسيع اتحاد ۽ ٻڌي جي ضرورت آهي. (حريف چانڊيو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *