تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

مليريا … ڊاڪٽر شمائله ميمڻ

گرمين جي ايندي ئي مڇر به ڪنڊن پاسن کان نڪري ايندا آهن ۽ نه صرف راتين جون ننڊون ۽ سڪون حرام ڪندا آهن پر مليريا جهڙي مهلڪ بيماري جو به ڪارڻ بڻجندا آهن۔ هي بيماري ڪنهن به موسم ۾ ٿي سگهي ٿي پرعام طور تي آگسٽ کان ڊسمبرجو عرصو نهايت خطرناڪ سمجهيو وڃي ٿو۔ اسان سڀني کي هن بيماري بابت بنيادي ڄاڻ رکڻ گهرجي ته جيئن احتياطي قدم کڻي هن جان ليوا بيماري کان پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي بچائي سگهجي۔ دنيا ۾ هر سال تقريبن 30 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو مليريا جو شڪارٿيندا آهن ۔ جن مان 15 لک کان 27 لک پنهنجي جان کان به محروم ٿي ويندا آهن۔ پاڪستان ۾ هر سال 50 هزار اهڙا ڪيس سامهون اچن ٿا۔ مليريا جي بيماري جي شدت ۽ مهلڪ هئڻ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته صحت واري عالمي اداري (world Health Organization) پنهنجي قائم ٿيڻ بعد فوري طور تي مليريا جي خلاف جدوجهد کي پنهنجن بنيادي اصولن ۾ شامل ڪري ڇڏيوهو۔
مليريا ڇا آهي۔۔؟​
مليريا (Malaria) ٻن لفظن Mal يعني خراب، ۽ Aria يعني هوا جو مرڪب آهي۔ قديم دور ۾ خيال ڪيو ويندو هو ته هي بيماري دٻن ۽ بيٺل پاڻي جي آبي بخارن يا خراب هوا مان لڳي ٿي۔ ڪافي عرصي بعد فرانس جي هڪ طبيب ليوران 1880ع ۾ اهو دريافت ڪيو ته هن بيماري جو اصل ڪارڻ هڪ پيراسائيٽ پلازموڊيم آهي۔ 9 سالن جي تحقيق کانپوءِ هن اهو به معلوم ڪري ورتو ته اهي جراثيم مڇرن جي چڪ پائڻ سان انساني جسم ۾ منتقل ٿين ٿا. مادي مڇر بيٺل پاڻي ۾ بيضا ڏيندي آهي، انهن مان لاروا نڪرندا آهن جيڪي پيوپا ٺهي ويندا آهن۔ پيوپا وري بالغ ٿي مڪمل مڇر بڻجي ويندا آهن۔ لاروا ۽ پيوپا پاڻي ۾ رهندا آهن جڏهن ته مڇر پاڻي مان اُڏري انساني رت چوسيندا آهن ۽ بيماريون ڦهلائيندا آهن بيٺل پاڻي کي مڇرن جي نرسري چئجي ته غلط ڪو نه ٿيندو۔ ان ڪري دٻن يا بيٺل پاڻي جي آبي بخارن کي هن بيماري جو ڪارڻ سمجهندڙ قديم دور جا ماڻهو حقيقت جي ڪافي ويجهو هئا۔ 
مليريا جا چا قسم آهن۔​
01-پلازموڊيم مليري (Plasmodium malariae)
02-پلازموڊيم او ويل (Plasmodium ovale)
03-پلازموڊيم وائي ويڪس (Plasmodium vivax)
04-پلازموڊيم فيلسي پيرم (Plasmodium falciparum)
اصل دشمن مادي مڇر (Anopheles mosquito)آهي۔ ياد رهي ته مليريا هر مڇر جي چڪ پائڻ سان نه ٿيندي آهي پر مڇرن جي هڪ خاص نسل (Anopheles mosquito) هن بيماري کي انساني جسم ۾ داخل ڪري ٿي۔ اينافليز(Anopheles) هڪ يوناني لفظ آهي جنهن جي معنى آهي نقصانڪار، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مڇرن جي غذا صرف انساني رت آهي جڏهن ته پلازموڊيم مڇرن مان پنهنجي غذا حاصل ڪري ٿو۔ اهڙي طرح هن مرض جو جراثيم ٻن مرحلن ۾ انساني جسم ۾ داخل ٿئي ٿو۔ جڏهن مادي مڇر (Anopheles mosquito) انسان کي چڪ پائي ٿي ته ان جا اسپوروزوئاٽس (sporozoites) انساني رت ۾ شامل ٿي وڃن ٿا ۽ رت جي گردش جي ذريعي جگر تائين پهچن ٿا۔ جگر ۾ اهي اسپوروزوئاٽس (sporozoites) بالغ ٿي رت جي ڳاڙهن جزن (Red Blood Cells) کي متاثر ڪن ٿا ۽ اهي اسپوروزوئاٽس تبديل ٿي گيميٽوسائيٽ (Gametocyte) پڻ بڻجي وڃن ٿا. جڏهن ته ڪا ٻي مادي مڇر ان ماڻهو کي چڪ پائيندي آهي ته رت پيئڻ سان گڏ اهي جراثيم به مڇر جي معدي ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ ان مادي مڇر جي ٿُڪ ٺاهيندڙ غدودن ۾ وڃي رهڻ لڳن ٿا۔ اهڙي طرح اها مادي مڇر جنهن کي به چڪ پائيندي ته مليريا جا جراثيم (sporozoites) به ان جي جسم ۾ داخل ڪريوڇڏي جنهن سان اهو انسان مليريا جو شڪار ٿي وڃي ٿو۔
مليريا جو علامتون۔۔
مليريا هڪ موسمي بخار آهي جنهن ۾ انسان کي تيز بخار وقفي وقفي سان ٿئي ٿو يعني گهٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي۔​ مريض کي سخت سردي ۽ ڏڪڻي ٿيندي آهي۔ ڏند وڄندا آهن۔ ڏڪڻي ۽ بخار کانپوءِ مريض کي گرمي لڳندي آهي ۽ ان جو بخار 104 يا 105 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچيو وڃي۔ مٿي ۾ سور، دل خراب ۽ الٽيون ٿينديون آهن۔ مريض کي پگهر اچڻ کانپوءِ بخار لهندو آهي۔
ٻيون علامتون : نزلو، زڪام، سڄي جسم ۾ سور، کنگهه، دست
پلازموڊيم فيلسي پيرم جراثيم سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي۔ ان جي موجودگي سان جسم جي مختلف حصن مان رت جاري ٿي سگهي ٿو، جگر ۽ گردا به خراب ٿي ويندا آهن۔ هي جراثيم سڀ کان شديد حملو دماغ تي ڪندو آهي۔ دماغي تڪليف ۾ انسان ڪوما ( تمام گهري ننڊ، بيهوشي) ۾ وڃي سگهي ٿو۔ مليريا جي ڪري جسم جو رت ٽٽڻ لڳندو آهي جنهن ڪري مختلف انفيڪشن لڳي ويندا آهن ۽ انسان جي زندگي کي خطرو لاحق ٿيو وڃي ۽ وقت سر علاج نه ٿئي ته انسان فوت به ٿي سگهي ٿو، مريض ۾ مليريا جي مخصوص علامتن جو هجڻ ۽ سندس رهائش به اهڙي علائقي ۾ هجي جتي بيٺل پاڻي جا تلاءُ موجود هجن ته مليريا جي بيماري جو امڪان وڌي وڃي ٿو۔ ڊاڪٽر اڪثر ڪري ان تفصيل مان ئي مليريا جي سُڃاڻپ ڪري وٺندا آهن۔ ان کان علاوه هر علائقي ۾ ڪو هڪ مخصوص قسم جو جراثيم (پلازموڊيم) حملو ڪندو آهي، ان جي ڄاڻ به ان علائقي جي ڊاڪٽر کي هوندي آهي تنهن ڪري مليريا جي ٽيسٽ ڪرائڻ هر ڪيس لاءِ ضروري نه آهي ۽ ان کان بنا به مليريا جو علاج شروع ڪري سگهجي ٿو۔ پر ڊاڪٽر کي شڪ هجي ته پوءِ ٽيسٽون ڪرائڻ ضروري آهن۔​
ترقي يافته ملڪن ۾ مليريا جي سُڃاڻپ لا هيٺيون ٽيسٽون ڪرايون وڃن ٿيون۔
01-آر ڊي ٽي (Rapid Diagnostic Test)
02-پي سي آر (Polymerase Chain Reaction)
03-بلڊ سميئر ايم پي (Blood smear MP)​
ترقي پذير ملڪن ۾ آر ڊي ٽي ۽ پي سي آر ٽيسٽون مهانگيون هجڻ ڪري تمام گهٽ ڪرايون وڃن ٿيون۔ بلڊ سميئر ٽيسٽ مان پلازموڊيم جي موجودگي جي پڪ ٿي ويندي آهي۔ هي مشڪل ٽيسٽ به نه آهي پر ان جي درست رزلٽ جو دارومدار سلائيڊون ٺاهيندڙ ۽ ان جو معائنو ڪندڙ ٽيڪنيشن آهي مليريا جي بيماري اينافليز مڇر جي چڪ پائڻ جي فورن بعد نه ٿيندي آهي۔ جسم ۾ جراثيم داخل ٿيڻ کان وٺي علامتون ظاهر ٿيڻ وارو عرصو اڪثر ڪري 7 ڏينهن کان 21 ڏينهن تائين ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته بيماري ظاهر ٿيڻ ۾ سال به لڳي ويندا آهن۔​
مليريا جو علاج: مليريا جي علاج لاءِ ٽن ڳالهين جو خاص طور تي خيال رکيو ويندو آهي۔​
پلازموڊيم جو قسم: مريض جي ڄاڻ مثال طور: ٻار ، پوڙهو ، عورت (حامله آهي يا نه)
درست دوا جي چونڊ: ڊاڪٽر پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ مطابق دوا جي چونڊ ڪندو آهي۔ پلازموڊيم جي قسم ۽ ان علائقي جي جاگرافيائي گهرج مطابق دوا ڏني ويندي آهي۔ خاص طور تي پلازموڊيم فيلسي پيرم ۾ بنا دير جي دوا شروع ڪرڻ گهرجي۔ ڪڏهن ڪڏهن ته انجيڪشنن جي به ضرورت پوندي آهي۔ مليريا جون دوائون انساني جسم لاءِ تمام گهڻيون نقصانڪار به ٿي سگهن ٿيون انڪري پنهنجي مرضي سان يا ڪنهن عطائي معالج جي تجويز ڪيل دوا کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔​ مليريا جون دوائون حامله عورت ۽ ٻارن لاءِ خاص طور تي خطرناڪ آهن۔ انهن جي غير ضروري استعمال سان ٻار جي ضايع ٿيڻ يا پيدائشي نقص ٿيڻ جو امڪان وڌي وڃي ٿو۔​
دنيا ۾ هر سال اٽڪل 10 کان 20 لک ٻار مليريا جي ڪري فوت ٿي وڃن ٿا۔ جيڪي حامله عورتون مليريا جي وبا وارن علائقن جو سفر ڪن، انهن لاءِ سخت ضروري آهي ته اهي ڪنهن مستند ڊاڪٽر کان مليريا جي بچاءُ جون هدايتون ۽ دوائون وٺي پوءِ ان علائقي جو سفر ڪن۔
مليريا کان بچاءُ جون حفاظتي تدبيرون:
گهر جي گندگي ۽ پاڻي جي نڪاسي جي درست نظام کانسواءِ مليريا کان بچڻ ممڪن نه آهي۔ ان کان علاوه هيٺين حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪرڻ سان پاڻ کي ۽ پنهنجي آس پاس رهندڙ پنهنجن پيارن کي مليريا جهڙي موذي مرض کان محفوظ رکي سگهجي ٿو۔ گهر ۽ پنهنجي علائقي جي آسپاس پاڻي جمع ٿيڻ نه ڏيو۔ڪنهن کڏ ۾ جيڪڏهن پاڻي جمع ٿي ويو آهي ته ان مٿان گاسليٽ هاري مٽي وغيره سان ڍڪي ڇڏيو۔ گهر جي اندر خاص طور تي بورچي خاني ۾گندگي جا ڍير جمع نه ڪريو، پنهنجي گهر کي هميشه صاف سٿرو رکڻ گهرجي۔ صبح جو سوير ۽ شام جي وقت مڇر گهرن ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ ان وقت تمام گهڻي احتياط جي ضرورت آهي۔ جيڪڏهن ممڪن هجي ته گهر جي سڀني در ۽ درين تي ڄاريون لڳرائي ڇڏيو۔ مڇر دانين جو استعمال ، جسم جي کليل حصن تي مڇر مار لوشن جو استعمال ۽ ڪمري ۾ مختلف ماسڪيٽو اسپري به فائيديمند آهن۔ مليريا ۽ مڇرن جي موسم ۾ اهڙي لباس جو استعمال ڪريو جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ جسم ظاهر ٿئي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *