تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

مليريا جي بيماري، علاج ۽ تدبيرون … عامر جوڻيجو

صحت جي عالمي اداري ۽ ٻين سروي ڪندڙ ادارن جي رپورٽ موجب مليريا هڪ اهڙي خطرناڪ بيماري آهي جنهن ۾ هر سال 30 ڪروڙ ماڻهو مبتلا ٿين ٿا، جڏهن ته 6 لک ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا. واضح رهي ته مليريا جي بيماري مڇر جي چڪڻ سان رت ذريعي پکڙجي ٿي جيڪا سڄي جسم ۾ ٿيندڙ رت جي دوري تي ڪنٽرول ڪري وٺي ٿي ۽ وقت سر مليريا جو علاج نه ٿئي ته اُها موتمار به ثابت ٿي سگهي ٿي، اوائلي زماني ۾ ته مليريا جي سڃاڻ ئي ڪونه ٿيندي هئي ۽ ماڻهو مري به ويندا هئا پر اُن جي خبر نه پوندي هئي ته اهو ڪهڙي مرض ڪري فوت ٿي ويو، پر ويجهي ماضيءَ ۾ مليريا بيماري جي سڃاڻ ڪئي وئي آهي، هن وقت ته مليريا جي چڪاس سولي ٿي وئي آهي تنهن هوندي به ماڻهو سنهي ٿلهي بخار ۾ مبتلا ٿيڻ شرط ئي بنا ڪنهن تشخيص Diagnose جي وڃي عطائي ڊاڪٽرن جي پِڙ پون ٿا. ٻڌو ويو آهي ته مليريا بيماري جو Parasite ٿئي ٿو جنهن جي چڪاس Test به MP يعني مليريا پيراسائيٽ Malaria Parasite جي هوندي آهي ۽ جنهن مريض کي مليريا هوندي آهي اُن جي MP، هاڪاري Positive جنهن کي اها بيماري نه هوندي آهي اُن جي ٽيسٽ ۾ ناڪاري MP Negative اچي ٿو. طبي تحقيق ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته مليريا بيماري ۾ مبتلا ٿيندڙ مريض کي جيڪڏهن عطائي ڊاڪٽرن پاران ڌُڪي تي ئي مليريا جو وزن Doze ملي وڃي ته اها بيماري يعني مليريا پيراسائيٽ دوا کائڻ جي 24 ڪلاڪن اندر چڪاس ڪرائڻ دوران ظاهر ئي ناهي ٿيندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو بيماري جي تشخيص ڪرائڻ کانسواءِ ئي علاج شروع ڪرائي ڏين ٿا، ٻهراڙي ۾ ته ڊاڪٽرن يا هٿ ٺوڪين ڪمپائونڊرن جن پنهنجون ڪلينڪون کولي ڇڏيون آهن اُهي مريض جي بيماري تشخيص ڪرائڻ کان اڳ ئي پڇڻ شروع ڪن ٿا ته بخار سيءَ سان آهي يا نه؟ جيڪڏهن سيءَ سان ته پوءِ اهو مليريا آهي انهن ڌڪاڙي ڊاڪٽرن ۽ ڪمپائونڊرن يا سرڪاري اسپتالن ۾ ويٺل ڊاڪٽرن کان به پڇڻ وارو ڪونه آهي ته اُهي بنا سڃاڻ جي مريضن جو علاج ڪهڙي نموني ۽ ڪهڙي قانون تحت شروع ڪري ڏين ٿا.
مليريا هڪ خطرناڪ بيماري آهي جيڪا هڪ مڇر جي چڪ پائڻ ڪري ٿيندي آهي. اِها هڪ جراثيم واري جيوڙي پلازموڊيا جي انساني رت ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، ڏينهن ۽ هفتن جي عرصي کانپوءِ جگر ۾ داخل ٿيندي آهي جنهن کان پوءِ وڃي ظاهر ٿيندي آهي جيڪا بخار جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندي آهي جيڪو هڪ کان ٻن ڏينهن تائين موجود هوندي آهي ۽ پوءِ غائب ٿي ويندي آهي.جيڪو ٻيهر ٻن کان ٽن ڏينهن کان پوءِ وري اِهو ظاهر ٿيندو آهي جيڪڏهن اِن جو علاج نه ڪبو ته اِهو بخار ڪيترن ئي سالن تائين ايندو ويندو رهندو آهي جيڪو بخار موت جو سبب به بڻجي ويندو آهي يا ته انسان کي معذور بڻائي ڇڏيندي آهي مليريا کي هونئن ته عام بخار جي طور تي سمجهيو ويندو آهي ۽ اسان جا فزيشن به ڏاڍو آرام سان مليريا جو علاج لکي ڏيندا آهن اڪثر ته هر بخار کي پهريون مليريا بخار ئي سمجهيو ويندو آهي ۽ مليريا جون گوريون عام شين وانگر ڏنيون وينديون آهن پر ڪڏهن ڪڏهن اِهو بخار وقت سر نه ڏٺو ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ گڙدن جي خرابي جو سبب بڻبو آهي اِن بخار جي پيچيدگيءَ ۾ خون جو ڇڊو ٿي وڃڻ به شامل آهي. جسم ۾ سوڄ ٿي ويندي آهي، ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي. اِهو جيوڙو جنهن کي پلازموڊيا چئبو آهي ڪڏهن ڪڏهن بُڪين جي مٿان هڪ غدود Adrenal gland هوندو آهي جيڪو مختلف رتوبتون پيدا ڪندو آهي ۽ گردن کي متاثر ڪندو آهي جنهن جي Algid Malaria چئبو آهي. هِن ۾ ماڻهو جو بلڊ پريشر گهٽجي ويندو نبض ڪمزور ٿي ويندي آهي، پيٽ ۾ سور، دست، جسم ٿڌو شل ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهو جيوڙو دماغ ۾ گهڙي ويندو آهي ۽ مريض کي جهٽڪا ٿي پوندا آهن هُو بيهوش ٿي ويندو آهي. اِن مرض کي جاچڻ لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي جنهن کي مليريل پيراسائيٽ (MP) سميئرٽيسٽ چئبو آهي.
مليريا کان بچڻ جو هڪ طريقو اُهو آهي ته بيمارين کان بچاءَ جا ٽُڪا، صفائي، مڇر ۽ مکين کان پاڪ فضا، صاف ۽ متوازن کاڌو ۽ ترت علاج ڪرڻ آهي، پر سنڀال نه ڪرڻ مليريا جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، جڏهن ته مليريا جي ڦهلجڻ جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن جن ۾ جسم ۾ مٺاڻ جي ڪمي به واقع ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته جگر متاثر ٿيندو آهي اهو گلوڪوز ٺاهڻ وارو ڪم نه ڪري سگهندو آهي ۽ جسم ۾ گلوڪوز جي ڪمي ٿي ويندي آهي ۽ مليريا جي ڪري خون ۾ ڪيترائي جراشيم ملي ويندا آهن ۽ نتيجي ۾ ڳاڙها جزا Red Cells پڻ سخت متاثر ٿي ويندا آهن ۽ رت جا ڳاڙها جزا متاثر ٿيڻ ڪري انسان ڪمزور ٿي ويندو آهي انسان ڪمزور ٿيڻ ڪري سندس حياتي خطري ۾ پئجي ويندي آهي ۽ سنڀال نه ڪرڻ سبب هو موت جي ور چڙهي ويندو آهي، مطلب ته مليريا هن وقت خطرناڪ بيماري ٿي وئي آهي جنهن ۾ هر سال ڪيتريون ئي انساني زندگيون ضايع ٿين ٿيون.
صحت کاتي جي ذميواري بڻجي ٿي ته مليريا جي خاتمي لاءِ ڪي جوڳا بندوبست ڪيا وڃن ۽ مڇر مار اسپري ڪرايا وڃن ته جيئن مليريا جي موذي مرض تي ڪنٽرول ٿي سگھي پر صحت کاتي جون اهي سموريون ذميواريون ناڪام نظر اچي رهيون آهن هر سال مليريا جي خاتمي لاءِ وڏي بجيٽ رکي ويندي آهي پر سمجھه ۾ نٿو اچي ته اها بجيٽ ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿئي ٿي. مليريا جو مرض ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي پر ان جي خاتمي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ٿا ورتا وڃن جنهنڪري غريب ۽ مسڪين ماروئڙا سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته مليريا جي وڌندڙ مرض تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جوڳا بندوبست ڪري مليريا ۾ مبتلا رهواسين جو علاج ڪرايو وڃي ۽ علائقن ۾ مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ته جيئن مليريا جي مرض جو خاتمو ٿيڻ سان گڏ رهواسي بيمارين سان گڏ پريشانين کان به بچي سگھن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *