تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

“مغوي”…سرمد عباسي

“ھي ڇا آھي؟” فون تي نيوز ڊيسڪ انچارج جي دانھَن ٻُڌي،ھٿَ ۾ جھليل موبائل سوڌو نُمائندو پاڻَ به لُڏِي ويو.
“ڇا ٿيو سر؟”ھنَ ڳڻتيءَ وچان پڇيو.
“ٻه خبرون موڪليون اٿئي.ھڪَ اسپتال ۾ ڪُجهه مريضن سان ٿيلَ جُٺ جي،ٻي اغوا بابت.”انچارج چيو.
“جي سَر.”نمائندي وراڻيو.
“تصويرون رڳو بي حال مريضن جون آھن.اغوا ٿيلَ جي تصوير ڪٿي آھي ادا؟” انچارج ڪُجهه ڪاوڙ وچان چيو.”
“سر ٽي تصويرون موڪليون اٿم.”نمائندي چَيو.
“ھا ٽن بي حال پوڙھن جون آھن.رب نواز، صلاح الدين ۽ محمد بخش.مغوي جي تصوير ڇو ناھي. مذاق ڇو ٿو ڪرين يار”انچارج جِي ڳالهه ٻڌي نمائندو مرڪي پيو.
“خبر ورائي پڙھو سر.”ھن چيو.”پنجھٺ ورھين جو پيرسن محمد بخش مريض ناھي.اھو ئي ته اغوا ٿيو آھي.
عورتاڻي آواز تي ھرکجي سر.”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *