تازا ترين
  • *ميهڙ ۾ ٽن ڏينهن کان نوجوان گُم: وارثن کي اغوا جو شڪ*
  • *روهڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جيڪب آباد واسي ڪُهي قتل*

مغل محلن ۾ عورتن جا ڪم جي حساب سان نالا رکيا ويندا هئا…..ڊاڪٽر مبارڪ علي

مغل بادشاهن ۽ انهن جي وزيرن وٽ ملازمن جو وڏو تعداد عورتن جو هوندو هو. انهن عورتن لاءِ مختلف ڪمن جي چونڊ ڪري سندن خدمتون ورتيون وينديون هيون، جيڪي شاهي حرم ۾ ئي خدمتون سرانجام ڏينديون هيون.
انهن عورتن جا مرد وري حرم کان ٻاهر ڪم ڪندا هئا. مغل شاهي خاندان ۾ انهن عورتن جو تمام گهڻو احترام ڪيو ويندو هو، جيڪي بادشاهن ۽ شهزادن جو “رضائي مائرون” هونديون هيون، انهن کي “انگلا” ۽ سندن خاندانن کي ڪل تاش سڏيو ويندو هو. اهي ڪٽنب هڪ لحاذ کان مغل خاندان جو حصو بڻجي ويندا هئا. اڪبر پنهنجي رضائي ڀاءُ عزيز خان ڪوڪا جو تمام گهڻو خيال ڪندو هو، ان جي هر گستاخيءَ کي اهو چئي رد ڪندو هو ته هن ۽ منهنجي وچ ۾ کير جي هڪ ندي وهي رهي آهي. ابوالفضل اڪبر نامي ۾ ماهم انا ۽ جيجي انگا جو به ذڪر ڪيو آهي.
اهي ملازم عورتون پنهنجي مخصوص ڪمن جي حوالي سان سڃاتيون وينديون هيون، مثال طور.
اصيلون: هي اهي ملازم عورتون هونديون هيون، جيڪي نسل در نسل شاهي خاندان ۾ خدمتون سرانجام ڏينديون رهيون هيون.
مامائون: اهي عورتون فقط کاڌو پچائڻ جو ڪم ڪنديون هيون.
مغلاڻيون: اهي سبڻ ۽ پروئڻ جو ڪم ڪنديون هيون، ۽ محل جي نوجوان ڇوڪرين کي سکيا ڏينديون هيون.
خاصائون: هي عورتون ذاتي خدمتن تي مقرر هيون.
جيسولڻيون: اهي عورتون شاهي محل ۾ خير خبر پهچائينديون هيون.
بانديون، لونڊيون ۽ ڪنيزون
اهي زر خريد نوڪرياڻيون هونديون هيون، جن کي غريب ماڻهو غلامن جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن وٽ وڪرو ڪندا هئا، جيڪي وري کين آڻي بادشاهن جي حرم ۾ وڪرو ڪندا هئا، اهي ملازمائون پوري زندگي حرم سرا ۾ رهي خدمتون سرانجام ڏينديون هيون، انهن کي خدمتن عيوض وقت به وقت تحفا به ڏنا ويندا هئا.
قلمقاڻيون: شاهي محل ۾ قلمقاڻين جي تمام گهڻي اهميت هوندي هئي، اهي مسلح دستي جي صورت ۾ حرم جي حفاظت ڪنديون هيون. شاهجهان جڏهن قيد هو ته هن اورنگزيب سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، اورنگزيب وڃڻ لاءِ تيار هو پر کيس مخبرن خبر ڏني ته هن جي خلاف سازش ڪئي وئي آهي، محل ۾ داخل ٿيڻ وقت کيس قلمقاڻين ذريعي قتل ڪرايو ويندو، ان تي اورنگزيب ملاقات رد ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي پيءُ پٽ ۾ ڪڏهن به ملاقات نه ٿي سگهي.
نادر شاهه جڏهن دهلي تي حملو ڪيو ته چنڊو خاني مان ڪنهن اهو افواهه پکيڙيو ته محمد شاهه محل جي قلمقاڻين ذريعي نادر شاهه کي قتل ڪرائي ڇڏيو آهي. ان خبر تي پهرين دهلي جي ماڻهن نادر شاهه جي فوجين کي مارڻ شروع ڪيو، ان تي نادر شاهه وري فوجين کي ماڻهو مارڻ جو حڪم ڏنو، نتيجي ۾ وڏي خونريزي ٿي.
مغل خاندان ۾ ملازم عورتن جا فرض ۽ خدمتون آخري مغل بادشاهه تائين جاري رهيون. منشي فيض احمد پنهنجي ڪتاب “بزم آخر” ۾ انهن ملازم عورتن ۽ سندن فرضن جو وڏي خوبصورتي سان احوال لکيو آهي.
مغل خاندان جي اها روايت ٻين رياستن ۾ به جاري رهي. مثال طور، اوڌ جي حرم ۾ عورتن جو وڏو تعداد هو، جن ۾ بيگمن کان سواءِ رقاصائون، موسيقار ۽ شاعر عورتون به هيون، واجد علي شاهه پنهنجي ڪتاب “پري خانه” ۾ انهن بيگمن جو ذڪر ڪيو آهي.
1856ع ۾ جڏهن اوڌ جي سلطنت جو خاتمو ٿيو ته حرم جون 80 هزار ملازمائون بيروزگار ٿي پيون، انهن مان وڏي انگ لاءِ ڪا ملازمت حاصل ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويو. 1857ع ۾ جڏهن انگريزن خلاف هنگامو برپا ٿيو ته دهلي تي قبضي کانپوءِ مغل خاندان جو به خاتمو ٿي ويو ۽ محل جون عورتون بي سهارا ٿي رهجي ويون.
1856ع ۽ 1857ع کانپوءِ اوڌ ۽ دهلي ۾ جيڪا سماجي تبديلي آئي، ان ملازم عورتن جي زندگي به بدلائي ڇڏي. ان کانپوءِ اهي اشرافيه جي گهرن ۾ ملازمت ڪرڻ لڳيون پر انهن کي جيڪي مراعتون شاهي خاندان ۾ ملنديون هيون، انهن جو خاتمو اچي ويو.
جڏهن انگريز خاندان مستقل طور اچي هندستان ۾ رهڻ لڳا ته انهن جي گهرن ۾ “آيا” جي اهميت تمام گهڻي هوندي هئي، اهي عورتون سندن ٻارن جي سار سنڀال ڪنديون هيون. وچولي طبقي وٽ ملازم عورتون کاڌو پچائڻ ،صفائي ڪرڻ ۽ ڪپڙا وغيره ڌوئڻ جو ڪم ڪنديون هيون. پر تبديل ٿيندي ماحول ۾ انهن جو سماجي مرتبو ڪري چڪو هو ۽ شاهي ملازمت ۾ انهن کي جيڪو سڪون ۽ اطمينان هو، اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *