تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

معاشي بدحالي ۽ خودڪشين جي ڄار ۾ ڦاٿل بيوس انسان … ايم بي ڪنڀر

جڏهن ڪو انسان زندگي جي رستي تي هلندي گهريلو سماجي، اقتصادي يا سياسي حالتن جو شڪار ٿي وڃي ٿو ته اڻڄاتل ۽ اڻ ڏٺل وزن هيٺ دٻجي وڃي ٿو پر جيڪڏهن هن کي ٻالڪپڻ ۾ ئي حالتن جو بهادري ۽ جوان مردي سان مقابلو ڪرڻ سيکاريو ويو هجي ته هو هن وزن کي برداشت ڪرڻ جوفن سکي وٺي ٿو پر جيڪڏهن هو زندگي جي مسئلن جو مقابلو ڪرڻ جي فن کان اڻ واقف آهي ته هو ان وزن جي هيٺيان دٻجي زندگي جي بي رحم لهرن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ٿو ۽ اهڙو انتها وارو قدم کڻي ٿو جيڪو هن جي زندگي جو آخري قدم ثابت ٿئي ٿو.خودڪشي معنيٰ پنهنجي هٿان پنهنجي زندگي جو ڪم تمام ڪرڻ، پنهنجي پاڻ کي قتل ڪرڻ يا پنهنجي پاڻ کي سماجي طور تي غير پسنديده، ذهني ۽ نفسياتي طور تي ناجائز طريقن سان موت جي منهن ۾ ڌڪڻ، پنهنجي پاڻ کي ارادتن يا غير ارادتي ايترو نقصان پهچائڻ ته جيئن زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهامي وڃي. نالي واري محققن ۽ سائنس جي ماهرن جي تحقيق مطابق هڪ نوجوان 3 مرحلن تي خودڪشي کي پنهنجي مسئلن جو واحد حل سمجهي ٿو:
01-وڏي عرصي تائين مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل رهڻ ۽ انهن مسئلن جو حل نه ٿيڻ.
02-مسئلن ۾ روزانه اضافو ٿيڻ ۽ هڪ جي پويان ٻيو مسئلوپيدا ٿيڻ.
03-ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ جي نااهلي جنهن سان زندگي ۽ سماج هن جي لاءِ معنيٰ وڃائي ويهن ٿا ۽ ان جي لاءِ زندگي رشتا ۽ سماج ڪو اهميت نٿا رکن.
خودڪشي ۾ ٽن عملن جو ڪردار آهي، قتل ڪرڻ جي خواهش، قتل ٿيڻ جي خواهش ۽ زندگي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي خواهش.خودڪشي ۾ سڀ کان اهم رول ان ڳالهه جو آهي ته زندگي ناقابل برداشت وزن بڻجي ويندي آهي، ايئن محسوس ڪرڻ سان هڪ انسان ذهني طور ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي هٿان پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ٿو. مشهور سائنسدان ڊيوز خودڪشي کي ٻه قسمن ۾ ورهايو آهي.
1.شخصيت وکري وڃڻ سبب احساس تنهائي ۾ مبتلا ٿي ڪنهن فرد لاءِ زندگي بي معنيٰ ٿي وڃي ۽ خودڪشي ڪري.
2.انسان سماجي قدرن ۽ پنهنجو پاڻ جي وچ۾ توازن برقرار رکڻ ۾ ناڪامي تي خودڪشي ڪري.
هڪڙي اندازي مطابق خودڪشي جي شرح ڪجهه هن ريت آهي 70سيڪڙو نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ۽ شراب نوشي جا عادي هوندا آهن، 5سيڪڙو دماغي مرضن بشمول شيزوفيرينا، هڪ سيڪڙو (هسٽريا بي هوشي جا دورا پوڻ) ۽ 14سيڪڙو سبب غير تشخيص شده آهن.مردن جي مقابلي ۾ عورتون وڌيڪ خودڪشي جي ڪوشش ڪن ٿيون پر مرد پنهنجي ارادي کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ عورتن کان اڳيان آهن. 40 سالن جي عمر ۾ خودڪشيجي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي 50سيڪڙو کان 80سيڪڙو فرد خودڪشي ڪرڻ کان پهريان ان جو اظهار ڪندا آهن، خودڪشي جي ڪوشش اُهي ماڻهو وڌيڪ ڪندا آهن جن جي شخصيت ضد، انا ۽ مختلف الجهنن ۽پريشانين جو شڪار هوندي آهي، جيڪو به شخص مرد توڙي عورت خودڪشي ڪندو آهي اهو پهرين ان جي باري ۾ سوچيندو آهي پوءِ ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڪئي ناڪامين کانپوءِ موت کي گلي لڳائيندو آهي.اقوام متحده جي صحت جي عالمي اداري (WHO) جي انگن مطابق هر سال 800,000 ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا، معنيٰ ته هر 40 سيڪنڊن تي هڪڙو فرد پنهنجي زندگي کي پنهنجي ئي هٿان ختم ڪري ٿو. اقوام متحده جي صحت جي عالمي اداري (WHO) جو چوڻ آهي ته خودڪشيون هڪ عالمي مسئلو آهي دنيا ۾ خودڪشين جي حساب سان لٿونيا،روس، گيانا، سائوٿ ڪوريا، بيلارس سرفهرست آهن. اقوام متحده جي صحت جي عالمي اداري (WHO) جي مطابق79سيڪڙو خودڪشيون گهٽ آمدني واران ملڪن ۾ ٿين ٿيون ۽ دنيا ۾ جيڪي اموات ٿين ٿيون انهن ۾ خودڪشين جي ڪري موت جي شرح 15 نمبر تي آهي.
ڪهڙا فرد خودڪشي ڪن ٿا:
دماغي ۽ نفسياتي مرضن ۾ مبتلا اڪثر ماڻهو خودڪشي ڪن ٿا، پريشاني (Depression) ۾ مبتلا ماڻهن ۾ خودڪشي جي شرح عام ۽ صحتمند ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 25% وڌيڪ هوندي آهي. تمام گهڻي شراب واپرائڻ ۽ نشي آور دوائون استعمال ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ خودڪشي جي شرح پڻ وڌيڪ هوندي آهي. دماغي مريض، چري پن جا مريض وکريل شخصيت جا مالڪ، ضدي شخصيت جا مالڪ ۽ لڳاتار جسماني بيمارين ۾ مبتلا جهڙوڪ: هيپاٽائٽش، سلهه، ڪينسر ۽ مرگهي جا مريض شامل آهن.
خودڪشين جا ڪارڻ:
ڊپريشن (Depression) نفسياتي يا دماغي صحت جا مسئلا، غربت، بک، بيروزگاري، گهريلو تشدد، بديءَ جون شاديون /ڪزن ميرج يا ٻالڪپڻ جون شاديون، خراب حڪمراني، مهنگائي، ناانصافي، امتيازي سلوڪ، سماجي رويا، ميرٽ جي لتاڙ، عدم برداشت، ناڪامي يا نااميدي، عدم توجه، قرضن جو بار، سوشل ميڊيا جو غير ذميوارنه استعمال ۽ خودڪشين کي Glamorize ڪري پيش ڪرڻ ۽ ٿر ۾ ڏڪار ۽ Income generating سرگرميون نه هجڻ ڪري خودڪشين ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو آهي. مختلف(Age Group) جا خودڪشين جا مختلف سبب آهن، نوجوان زندگي جي مايوسين، ناڪامين، بيروزگاري ۽ ميرٽ نه هجڻ جي ڪري خودڪشيون ڪن ٿا. عورتون گهريلو تشدد، صنفي اڻبرابري، امتيازي سلوڪ، حراسمينٽ، بليڪ ميلنگ يا پسند جي شادي نه ٿيڻ جي ڪري خودڪشيون ڪن ٿيون ۽ وڏي عمر وارا فرد گهر جو چلهو نه ٻاري سگهڻ، اولاد جون شاديون نه ڪري سگهڻ، ڏاج جي معاملن ۽ قرضنجي دٻڻ ۾ ڦاسڻ جي ڪري پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪن ٿا.
خودڪشين جي اهم سببن تي روشني وجهنداسين ته انهن ۾ (Mental Health) دماغي صحت سرفهرست آهي صحت تي ڪم ڪندڙ اقوام متحده جي عالمي اداري (World Health Organization-WHO) موجب پاڪستان ۾ هر چار ماڻهن مان هڪ ماڻهو دماغي ۽ نفسياتي صحت سان جڙيل مسئلن جو شڪار آهي چاهي ڊپريشن جي صورت ۾ هجي يا Anxiety جي صورت ۾ ڪاليج، اسڪول، يونيورسٽيز، اسٽوڊنٽس جي پڙهائي يا ڪيرير جي متعلق مسئلا هجن، يا والدين پنهنجي ٻارن جي وجهه سان پريشان هجن. سڀني کي ڪنهن به ڪنهن وجهه سان پروفيشنل ڪائونسلنگ جي ضرورت پوي ٿي، پاڪستان ۾ ڪافي سارا ماڻهو پنهنجي هن مسئلي کي اهميت ئي نٿا ڏين ۽ نه ئي ڪنهن سان Share ڪن ٿا جنهن جا ڪافي ڪارڻ آهن مثال طور ماڻهو پنهنجي دماغي صحت جي متعلق مسئلن کي ڪنهن اهڙي ماڻهو سان شيئر نٿا ڪرڻ چاهين جنهن کي هو سڃاڻن ئي نٿا ۽ ٻيو پاڪستان ۾ پروفيشنل ۽ ڪواليفائيڊ سائيڪولاجسٽ تمام گهٽ تعداد ۾ آهن خاص ڪري فيميل سائيڪولاجسٽ، هڪ رپورٽ مطابق 100,000 هڪ لک ماڻهن تي هڪسائيڪولاجسٽ آهي ۽ ٽيون اهو ته سائيڪولاجسٽ جون فيسون تمام ڳريون آهن جيڪي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي پهچ کان تمام پري آهن.اندازي مطابق پاڪستان ۾ 50 ملين ماڻهو (Mental Disorders) کي منهن ڏيئي رهيا آهن، نفسياتي مرضن ۾ ڊپريشن، شيزوفيرنيا ۽ اسٽريس شامل آهن ٻڌايو پيو وڃي ته 2030ع تائين (Mental illness) جي ڪري موت جو وڌڻ هڪ اهم سبب هوندو اسان جي معاشري ۾ نفسياتي مرضن جي متعلق معلومات نه هجڻ جي برابر آهي ۽ نفسياتي مرضن جو علاج ڪرائڻ به عيب سمجهيو وڃي ٿو.
پاڪستان جو شمار ترقي پذير ملڪن ۾ ٿئي ٿو، پاڪستان جي 29.5 آبادي غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهي آهي جنهن جو سبب خراب حڪمراني، ڪرپشن ۽ اشرافيه کي نوازڻ واريون پاليسون آهن پاڪستان هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس (HDI) ۾ 188 ملڪن مان 147 نمبر تي آهي ۽ هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس 0.562 آهي جيڪو بنگلاديش کان به گهٽ آهي. پاڪستان ايشيا ۾ يمن، افغانستان، سائيريا کانپوءِ هيومن ڊوپلمينٽ انڊيڪس ۾ پوئتي آهي.عالمي وبا ڪورونا وائرس غربت، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي ۽ مهنگائي جو ائٽم بم غريبن کان جيئڻ جو حق به کسي رهيو آهي ۽ ماڻهو خودڪشين کي آسان حل سمجهي زندگي جو ڏيئو اجهائي رهيا آهن. خاص ڪري گذريل 6 مهينن دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ خودڪشين جو لاڙو تمام گهڻو وڌيو آهي ڇو جو هتي نه ڪو انڊسٽريز، فيڪٽريون ،مِلون، پرائيوٽ ڪمپنيون آهن ۽ انهن وٽ ڪو خاطر خواه روزگار ڪمائڻ جو ذريعو آهي.گهريلو تشدد جي ڪري به عورتن ۾ خودڪشين جو رحجان وڌيو آهي، هيومن رائيٽس واچ جي سروي مطابق 60کان 70سيڪڙو عورتون بدسلوڪي جو شڪار ٿين ٿيون ۽ 50,000 عورتون هر سال گهريلو تشدد جي ڪري موت جو شڪار ٿين ٿيون ۽ هزارين معذور ۽ مفلوج ٿين ٿيون. حڪومت ، سياسي ۽ سماجي ادارا وڌندڙ خودڪشين تي سنجيدگي سان حڪمت عملي جوڙي ماڻهن کي روزگار تعليم، صحت، پاڻي، صنفي برابري، هنري سکيا ۽ ترقي جاموقعا فراهم ڪن، شعور ۽ سجاگي پيدا ڪن، بي روزگاري ۽ غربت کي گهٽائڻ جا پروجيڪٽ شروع ڪن ۽ نياڻين جي تعليم ۽ هنري سکيا جا بندوبست ڪري خودڪشين جهڙي ناسور کي گهٽائي ماڻهن جي گهرن کي برباد ٿيڻ کان بچائي سگهن ٿا. خاص ڪري (Mental Health) شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري ماڻهن کي دماغي ۽ نفسياتي بيمارين ۽ ڊپريشن کان ٻاهر ڪڍي انسان کي زندگي جي خوبصورت روشنين ۽ ڪاميابين ڏانهن مائل ڪري معاشري کي خودڪشين کان پاڪ ڪري سگهجي ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *