تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

معاشري جي ترقي ۾ شاگردن جون ذميواريون…ليکڪ: ناصر اقبال سنڌيڪار: حبيب مرکنڊ

ڪنھن به ملڪ جي ترقي ۾ وڏو هٿ نوجوان نسل يعني “طالب علم” جو هوندو آهي. لفظ طالب علم يعني اهڙو شخص جيڪو علم جو طلبگار هجي ۽ علم جو طلبگار شخص ڪوئي معمولي شخص نه هوندو آهي. رسول الله صلي الله عليه وسلم جو فرمان مبارڪ آهي ته “علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت ٻنهي تي فرض آهي”. هن ڳالهه مان واضح ٿيو ته اسان کي هر حال ۾ علم حاصل ڪرڻ گهرجي. علم جو خزانو تمام وڏو ۽ شاندار آهي، جيڪو به هن خزاني جي ڳولا ۾ نڪري ٿو اهو ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري ٿو، خالي ۽ نااميد ٿي نه موٽندو آهي. جهڙي طرح ڪنهن به شيءِ جي حاصل ڪرڻ تي انسان ديوانو بڻجي ويندو آهي ۽ اھو ھر قيمت تي ان شيءِ کي حاصل ڪندو آهي، اهڙي طرح علم حاصل ڪندڙ ماڻهو به علم جي معاملي ۾ گھڻا حساس هوندا آهن ۽ اھي علم جي راهہ ۾ ڏک ۽ هر رڪاوٽ کي دور ڪندا آهن ۽ هر مصيبت کي برادشت ڪندا آهن ۽ ان علم جي بنا تي شاگردن تي ڪجهه ذميواريون اچن ٿيون جن کي پورو ڪري اھي معاشري جي ترقي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
اسان جي سڀ کان وڏي بدقسمتي هي آهي ته اسان جو زياده تر نوجوان طبقو علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندو آهي، ان جون ٻه وجهون آهن. هڪ غريبي ۽ ٻئي وڏي وجهه هي آهي ته اسان جو مالدار ۽ امير طبقو، علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهو ٻين ملڪن ۾ ڪاروبار جي لاءِ هليو ويندو آهي. ۽ غريب علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪم ڪار جي ڳولا ۾ در در جون ٺوڪرون کائڻ ۾ زندگي گذاريندو آهي. علم حاصل ڪرڻ جو مقصد هي نه آهي ته اعلي تعليم حاصل ڪري سٺي نوڪري ڪرڻي آهي، بلڪي
نوڪري سان گڏ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ به اسان جو پهريون فرض آھي.هن وقت اسان جي تعليمي ادارن جو نظام بهتر ناهي پر صفا خراب به ناهي، ڇو ته جيڪڏهن اسان دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن ۾ جھاتي پائي ڏسنداسين ته اتي زياده تر تعداد پاڪستان جي نوجوانن جو هوندو آهي. نوجوان تعليم حاصل ڪري هڪ بهترين ۽ مثالي معاشري جي تشڪيل ڏيندو آهي. نوجوان تعليم حاصل ڪري، اهو مختلف شعبن ۾ وڃي ٿو ۽ اتي هڪ نئين معاشري جو بنياد رکي ٿو.اسان ته هڪ خوار ۽ ذليل معاشري ۾ زندگي گذاري آهي پر اسان کي پنھنجي اچڻ واري نسلن جي لاءِ ڪجهه مثبت ڪرڻو پوندو. جهڙي طرح اسان پنھنجي پهرين نسلن کي بددعائون ڏيندا آهيو اهڙي طرح اسان جو اچڻ وارو نسل به اسان کي بددعائون ڏيندو رهندو.
اڄ ڪلھه ماشاءالله اسان جا قابل ۽ هوشيار نوجوان اعليٰ ادارن ۾ ڀرتي ٿي رهيا آهن ۽ اهي معاشري کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪن ته ڪافي حد تائين تبديل ڪري سگھن ٿا. اسان پنھنجي نوجوان يعني شاگردن کي هن افراتفري ۾ ورتل قوم کي نڪرڻ جي لاءِ تيار ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن شاگرد ڪوشش ڪري ته هن ملڪ جي تقدير کي مھينن ۾ بدلائي سگهي ٿو. جهڙي طرح شاگردن تي ڪجهه ذميواريون اچن ٿيون، اهڙي طرح استادن تي به اچن ٿيون. استاد پنھنجو علم ايمانداري سان شاگردن کي ڏي. علم پڙهائڻ سان ڪڏهن به گھٽ نه ٿيندو آهي، بلڪ هميشه وڌندو آهي. استاد کي گھرجي ته شاگردن جي صرف حوصله افزائي ڪري بلڪ اُنھن جي ڪردار سازي به ڪري. استادن کي گھرجي ته ٻارن جي اندر علم حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪن. استاد ۽ شاگرد عمارت جي ڀت جي مثل هوندا آهن جن کان سواءِ عمارت بيهي نه ٿي سگهي. ماءُ پيءُ ٻارن جي پرورش ڪندا آهن ۽ اُنھن جي تعليم، تربيت، سماجي ۽ روحاني تربيت استاد ڪندا آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *