تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

مظهر الاسلام جي ڊيسڪ تان ….

سوال نمبر 1: ڇا ڪنهن سان پهرين نظر ۾ محبت ٿي سگهي ٿي؟

جواب: محبت هڪ خوشگوار حادثو آهي جيڪو ڪنهن به لمحي پيش اچي سگهي ٿو. محبت جو مطلب دراصل ڪنهن ٻئي ۾ پنهنجو عڪس ڏسڻ آهي، جيڪڏهن پهرين نظر ۾ توهان کي ڪنهن ٻئي ۾ پنهنجو عڪس نظر اچي وڃي، ته اهو پهرين نظر ۾ محبت جو امڪان سگهي ٿو. محبت جو پنهنجو هڪ ڳجهو مواصلاتي نظام آهي جيڪو دل کان آپريٽ ٿيندو آهي ۽ هڪ غير محسوس طريقي سان توهان جي دل تي اثرانداز ٿيندو آهي. بلڪه هاڻ ته جديد ترين تحقيق اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته محبت هڪ آزمايل “پين ڪلر” آهي. آمريڪا جي اسٽينفرڊ يونيورسٽي جي ماهرن محبت ۾ مبتلا 15 نوجوانن جي جسم ۾ معمولي تڪليف پيدا ڪئي ۽ پوءِ کين انهن جون تصويرون ڏيکاريون ويون جن سان اهي پيار ڪندا هئا، ته انهن نوجوانن کي تڪليف ۾ گهٽتائي محسوس ٿي. ماهرن جو خيال آهي ته محبت سان شديد جذبا پيدا ٿين ٿا ته تڪليف کي رسپانس ڏيندڙ دماغي ڪئميڪل ڊوپامائن متحرڪ ٿي ويندو آهي.
سوال نمبر 2: ست سال پهرين منهنجي شادي ان ڇوڪريءَ سان ٿي، جنهن سان مون کي محبت هئي، پر هاڻ خبر ناهي ڇو مون کي پنهنجي گهرواريءَ لاءِ پاڻ ۾ محبت جو جذبو محسوس نٿو ٿئي. ڇا محبت جو جذبو شاديءَ کانپوءِ ختم ٿي ويندو آهي؟

جواب: توهان جنهن کي محبت سمجهي رهيا هئا، اها دراصل محبت نه هئي. جيڪڏهن محبت هجي ها ته شادي کانپوءِ به برقرار رهي ها. جيتوڻيڪ، محبت جو شاديءَ سان ڪوبه تعلق ناهي پوءِ به آئون اهو چوندس ته محبت ڪنهن به صورتحال ۾ ڪڏهن ختم نٿي ٿئي. محبت ڪڏهن نه وسامندڙ جذبو آهي، اها هوا جي سامهون به پنهنجي مضبوط پرن ۽ بي پناهه سگهه سان هميشه اڏام ڪندي رهندي آهي. آسڪر وائلڊ چيو هو ته هر محبت وقت جي خلاف هڪ ڊوڙ آهي. عام طور تي ايئن ٿيندو آهي ته اسين پنهنجي ڪنهن خواهش جي تڪميل، پنهنجو پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکو ڏيڻ لاءِ محبت جو نالو استعمال ڪندا آهيون. ان ڪري اڄڪلهه واٽس ايپ جي محبتن جو دور آهي. واٽس ايپ جي محبت صبح جو شروع ٿيندي آهي ۽ رات جو ختم ٿي ويندي آهي، رات جو هڪ نئين محبت شروع ٿيندي آهي، جيڪا صبح تائين دم ٽوڙي ويهندي آهي. خالص محبتن جي دور ۾ محبت جا خط لکيا ويندا هئا، هٿن سان لکيل انهن خطن جي لفظ لفظ ۾ ڪنهن جي دل ڳالهائيندي هئي ۽ محبوب تائين اهو خط پهچائڻ لاءِ ڪيترائي هفتا بلڪه مهينا لڳي ويندا هئا، محبوب جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ دل بيقرار رهندي هئي، ۽ هاڻ واٽس ايپ تي ترت تصويرن جي ڏي وٺ ٿي ويندي آهي.
سوال نمبر 3: محبت ۽ عشق ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي؟

جواب: اهي ٻئي لفظ هڪ ئي جذبي جو نالو آهن، هر ڪوئي جڏهن محبت ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته پنهنجي حوالي سان ۽ پنهنجي ڪيفيت جي مدنظر محبت يا عشق جو لفظ استعمال ڪندو آهي. اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن عشق جو لفظ استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ انهن دراصل اسان جي صوفي شاعرن جي روايت کي اڳتي وڌايو، جن پنهنجي دل جون ڳالهيون بيان ڪرڻ لاءِ عشق کي وسيلو بڻايو. اسان جي روايتي شاعري ۾ عشق مجازي ۽ عشق حقيقي جو تصور موجود آهي ۽ ان حوالي سان ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته عشق جو درجو محبت کان مٿي آهي، پر آئون ايئن نٿو سمجهان. بلڪه منهنجو خيال آهي ته محبت ۽ عشق ٻئي هڪ آهن ۽ هر شخص پنهنجي دلي ڪيفيت بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذهني سگهه ۽ دانش جي مطابق عشق يا محبت جو لفظ استعمال ڪندو آهي.
سوال نمبر 4: ڇا هڪ ڀيرو ڪنهن سان محبت ٿي وڃي ته اها نفرت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي؟

جواب: محبت ڪيئن نفرت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. آئون پوءِ اهو ئي چوندس ته جيڪڏهن ڪنهن جي محبت نفرت ۾ تبديل ٿي وئي ته اها محبت ئي نه هئي. پر پنهنجي ڪنهن ناجائز خواهش يا حوس کي محبت جو نالو ڏنو ويو هو. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن عورت تي تيزاب هاري ٿو ته اهو ساڻس محبت نٿو ڪري پر اهو ان عورت تي قبضو ڪرڻ لاءِ محبت جي لفظ جو سهارو وٺندو آهي.
سوال نمبر 5: مون کي پنهنجي سئوٽ سان بي پناهه محبت هئي پر جڏهن هن جي دل مون مان ڀرجي وئي ته ٻئي سان شادي ڪري ورتي، ڇا محبت جو مطلب صرف جسماني تعلق هوندو آهي؟

جواب: محبت جو تعلق قطعي ڪنهن به جسماني ڳانڍاپي سان ناهي هوندو، پر محبت ۾ ڪٿي اهڙو مقام ضرور ايندو آهي جو ٻه ماڻهو Oneness جي جذبي سان سرشار ٿي ويندا آهن. منهنجي خيال ۾ محبت کانسواءِ جسماني تعلق فقط هڪ عمل آهي، جڏهن ته محبت ۾ جسماني تعلق (Meditation ) آهي.
سوال نمبر 6: ڪنهن کي ڪيئن خبر پوندي آهي ته کيس ڪنهن سان محبت ٿي وئي آهي؟

جواب: جڏهن توهان کي ڪنهن جي ڪا ڳالهه خراب نه لڳي ۽ هڪ مقناطيسي ڪشش ڪنهن ڏانهن ڇڪڻ لڳي ته توهان اهو سمجهو ته توهان کي ان سان محبت ٿي وئي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *