تازا ترين
  • *سرهاڙي پوليس پاران عدالتي حڪم تحت ڳوٺ ڪشو مري تي ڇاپو هڻي ڀيل برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو*
  • ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران شهباز قلندر، شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ عبدالله شاھ غازي جون درگاهون کولڻ وارو فيصلو واپس*ڪراچي: اوقاف کاتي جي اختيارين سميت سنڌ سرڪار مجموعي طور تي 80 درگاهون کولڻ بابت فيصلو نه ڪري سگھي*
  • درگاهه قلندر لال شهباز کي اڍائي مهينن کانپوءِ کولڻ جون تياريون مڪمل، مزار جي صفائي ڪئي وئي*قلندر لال شهباز جي مزار سڀاڻي صبح 6 وڳي کان زائرين لاءِ کولي ويندي، شام 6 وڳي مزار جا در بند ٿي ويندا*سيوهڻ: قلندر جي نگريءَ ۾ ايندڙ زائرين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي آهي: اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر*
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن معصوم ٻارڙي سميت3ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *رولو ڪتن 5 ورھين جي ھرديش ڪمار، عاشق حسين ۽ سوائي کي ڏاڙهي زخمي ڪيو *زخمين کي سول اسپتال مان ويڪسين ڪرڻ بعد گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *نواب ولي محمد ويجهو بجلي جي تارن مان چوپائي مال جي واڙي کي باهه لڳي وئي *ڳوٺ خدا بخش لاشاري ۾ باهه سبب 50 مڻ بهه سڙي ويو *فائر برگيڊ عملي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کي بچائي ورتو*
  • *سيراڻي ويجهو نوجوان ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ فريد چانگ ۾ اسلم چانگ ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ *
  • *دادو ۾ گيسٽرو وگهي عورتن، ۽ ٻارڙن سميت 30 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *اسپتال ۾ جنريٽر کي باهه لڳڻ سبب داخل مريضن کي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *جاتي: 12 ڏينهن اڳ سم نالي مليل پوليو ورڪر افضل جت جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي * افضل جت جي قتل ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻا گرفتار، پڇاڳاڇا جاري*
  • *انجڻ جي رن وي تي لڳڻ جا اطلاع پائلٽ کي نه ڏيڻ هڪ سواليه نشان آهي: پالپا ترجمان*
  • *جهاز حادثي جي جاچ کي غلط رنگ ڏئي اصل ڪردارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: پالپا*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ*
  • *مقصودو رند ويجهو روڊ حادثي جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 2 ٿي ويو* عيد رات ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر دوران خادم مڱريپوٽو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا هئا* زخمين مان مختيار رند نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو*
  • *ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو اچي نه سگهيو، وڌيڪ 3ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي فوت*
  • *مديجي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل شخص فوت، وارثن جو احتجاج، قبو سعيد خان ۾ جهيڙي ۾ 13 ڄڻا زخمي*

مظلوم مڙس..امرايازمهر

دينو عرف دين محمد سهڪندو مون وٽ پهتو: “يار تنگ ٿي ويو آهيان زندگيءَ مان، چوان ٿو ڪٿي وڃي ڦاهو کاوان!“ ڇو!!؟؟ ڇا ٿيو!!؟؟ مان حيران ڪجهه پريشان ٿي پڇيو مانس. “بس ڙي يار ڇا ٻڌايائين، شادي کان اڳ ته ائين بلڪل به نه هو، شادي کان پوءِ موبائل کڻي ويهه ته زال چوي، ڪو ڌنڌو ڌاڙي نٿي ڇا جو سڄو ڏينهن ان موبائل ۾ ديد وجهيو ويٺو آهين، پڻهين کي چوين هان ته موبائل سان شادي ڪراوئي ها، منهنجي زندگي ڇو تباهه ڪيئي؟؟“ پوءِ، پوءِ“. مونکي يار تي ترس اچڻ لڳو “يار ڳالهه ته هن صحيح ڪئي هئي، مان ٿورڙو وقت ڪڍي هن سان ڪچهرين جون محفلون هيم، هڪ ڳالهه تي ٽوڪ هڻندي چيائين، صفا ماءُ جي ٻولي ٿو ڳالهائين، جيئن هوءَ هانءَ ساڙيندي آهي، تون به ان جي پيروي ٿو ڪرين.“ الا… توسان ته ظلم آ يار ..! پوءِ ڇا ٿيو؟“ پوءِ ڇا ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو مانس، ان دوران ئي امان جي ڪمري وٽان گذرڻ ٿيو ته امان رڙ ڪندي چيو، پٽ شادي جي ڪجهه ڏينهن ۾ ئي هلڻ جي چال ئي بدلجي وئي اٿئي، جنهن ماءَ توکي پاليو تاتيو، شادي ڪرايائين ان سان ويهين به نٿو، جوڻين اچڻ سان ئي اهڙو ته شوڪارو هنيو اٿائين جو پٽ پير ئي مٽائي ويو آهي“. وڃ ڙي.. پوءِ ڇا ٿيو؟“ ادا ساجن! پوءِ سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنم، موبائل به ته ڳالهائڻ به، پر نه سائين، ان سان به ڪو چاڙهو نه ٿيو، خاموش ڏسي زال چيو، گهر جي ڪنڊ ۾ ويهين ڇا ٿو سوچين؟، ڪهڙيون ٿو هاڻي اٽڪلون ڪرين، ٻڌائي مونکي، مان هاڻي برداشت نه ڪنديس، وڃان ٿي امان کي دانهن ڏيڻ.“ يار تون ته هن دور جو نالي چڙهيو مظلوم مڙس آهين، ڀلا اهو ته ٻڌائي، شادي پيار جي اٿئي يا والدين جي مرضيءَ واري“؟. دينو عرف دين محمد ڏکاري انداز ۾ چيو: ”پيار جي!“.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *