تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

مطالعي بابت عظيم ماڻهن جا ويچار …….ھمير گاد

مطالعو انسان جي لاءِ اخلاق جو معيار آھي.
– ڊاڪٽر علامه اقبال
خراب صحبت کان تنهائي سٺي آھي پر تنهائي کان پريشان ٿيڻ جو انديشو آھي، ان ڪري سٺن ڪتابن جي مطالعي جي ضرورت آھي.
– امام غزالي
ورزش سان جسم مضبوط ٿيندو آھي. ساڳي ريت مطالعي جي دماغ لاءِ اها ئي اهميت آھي جيڪا ورزش جي جسم لاءِ.
– ايڊيسن
مطالعي سان انسان جي تڪميل ٿيندي آھي.
– بيڪن
مطالعي جي عادت اختيار ڪرڻ جو مطلب اهو آھي ته اوهان دنيا جهان جي ڏکن کان بچڻ جي لاءِ هڪ محفوظ پناهه گاهه تيار ڪئي آھي.
– سمرسٽ ماھم
انسان قدرتي منظرن ۽ ڪتابن جي مطالعي مان گهڻو ڪجهه سکي وٺندو آھي.
– سسرو
مطالعي سان هڪ طرف توهان جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو، ته ٻئي طرف اوهان جي شخصيت دلچسپ بڻجي ويندي.
– وائٽي
دماغ جي لاءِ مطالعي جي اها ئي اهميت آھي جيڪا ڪنول جي گل لاءِ پاڻي جي.
– تلسي داس
اهو ماڻھو نهايت ئي خوش نصيب آھي جنهن کي مطالعي جو شوق آھي پر جيڪو فحش ڪتابن جو مطالعو ڪندو آھي ان کان اهو شخص بهتر آھي جنهن کي مطالعي جو شوق ناهي.
– ميڪاولي
مطالعو ذھن کي تازو رکڻ ۽ ان جي ترقي جي لاءِ بيحد ضروري آھي.
– شيلي
جيڪو نوجوان ايمانداري سان ڪجهه وقت مطالعي ڪرڻ ۾ گذاريندو آھي ته ان کي پنهنجي نتيجن جي باري ۾ بلڪل پريشان ٿيڻ نه گهرجي.
– وليم جيمز

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *