تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

مضمون ڇا آهي؟ … حسيب ناياب منگي

‘مضمون’ سوچن جي سرهاڻ سان پڙهندڙن کي معطر ڪرڻ جو نالو آهي، گهمندي ڦرندي، اٿندي ويهندي، ڏسندي وائسندي ۽ لکندي پڙهندي جيڪي خيال من اندر مان اڀري نڪرن ۽ خوبصورت جملن جي صورت ۾ ظاهر ٿين ۽ لکت جي صورت ۾ سامهون اچن تنهن کي مضمون چئبو آهي. ايترو ئي نه پر مضمون ته بي ترتيب خيالن کي وڻندڙ جملن جي بيهڪ سان سنوارڻ سڌارڻ ۽ خوبصورت بڻائڻ جو نالو به آهي. هيءَ اها ادبي صنف آهي جنهن ۾ هر قسم جو مواد شامل ٿي سگهي ٿو. مضمون جو اصل روح اهو آهي ته مضمون جي ڊيگهه ايتري کڻي نه به هجي پر معنيٰ دار لفظن جو انتخاب ۽ موضوع آساني سان سمجهه ۾ اچڻ جهڙو هجي، جنهن سان پڙهندڙ کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي . مضمون عام ٻوليءَ کان ادبي ٻوليءَ توڙي فلسفي انداز ۾ به تحرير ٿي سگهجي ٿو ته مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي به لکي سگهجي ٿو. مضمون کي ادبي حيثيت تڏهن عطا ٿيندي آهي جڏهن ليکڪ بياني قوت جو ڍنگ اختيار ڪندو آهي ۽ فڪر توڙي مشاهدي جي پرواز کي بلنديءَ تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهو به لازم آهي ته مضمون لکندڙن کي نثر جي حوالي سان ٿورڙي گهڻي معلومات هجڻ ضروري آهي، اها ڳالهه به نهايت اهم آهي ته جنهن موضوع جو انتخاب ڪري لکندڙ مضمون تحرير ڪرڻ جو خيال ڪري رهيو آهي تنهن متعلق وٽس جهجهي معلومات هجي.
مضمون کي مختلف رخن سان ڏسندي سندس وصفن کي بيان ڪندي علم ۽ ادب جي ڄاڻو شخصيتن مختلف ڪتابن ۽ مضمونن توڙي انٽرويوز ۾ پنهنجا رايا ڏنا آهن. هن هيٺ انهن مان ڪجهه رايا پيش ڪري رهيو آهيان. قلمڪار ‘جانسن’ چوي ٿو ته “مضمون انساني اندر جي اڻ هضم ٿيل ۽ بي ترتيب خيالن سان ڀرپور، هڪ مختصر ادبي تحرير آهي، جا ڪنهن خوشمزاج دل مان آزاديءَ سان نڪري نروار ٿئي ٿي”پرڏيهي ليکڪ ‘جان لوبن’ جو خيال آهي ته “مضمون نثر جي اها صنف آهي، جنهن ۾ ڪنهن ادبي، فلسفيانه يا سماجي موضوع تي شخصي، تاريخي يا سماجي نقطه نظر کان روشني وڌي ويئي هجي ۽ زياده طويل نه هجي”. انگريزي ليکڪ ‘ايف ايڇ پرچرڊ’ چيو آهي ته “مضمون مفڪرانه هوندو آهي، پر سنجيده نه هوندو آهي. فلسفي جي ويجهو هوندو آهي ، پر فلسفي وانگر باقاعده نه هوندو آهي ان ۾ هلڪي هلڪي وحدت هوندي، پر ان ۾ اصل موضوع کان مسرت بخش انحرف به هوندو آهي. ”. انگريزي مضمونن جي مدبر ‘جان فائولر’ پنهنجو تجزيو پيش ڪري چيو ته “هڪ اديب جو انداز هميشه دوستاڻو ۽ رازدارانه هئڻ گهرجي، ايتريقدر جو سمجهڻ ۾ اچي ته گويا هو پڙهندڙ سان روبرو ڳالهائي رهيو آهي ۽ سندس مضمون پڙهندڙ پوريءَ طرح سمجهي رهيو آهي”.
‘مَضمون’ حقيقت ۾ عربي ٻوليءَ جي لفظ ضمن مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ‘ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ’ جامع سنڌي لغت ۾ “مطلب، بيان، عبارت، مقالو تحرير، ليک، آرٽيڪل، ايڊيٽوريل” وغيره ڄاڻائي آهي. فارسي ۾ کيس مقاله ۽ انگريزي ۾ ايسي ڪري لکيو ويو آهي، جيڪو وري فرينچ لفظ اسائي تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ “ڪوشش ڪرڻ” آهي. نثر جي هن دلچسپ ۽ انوکي صنف کي فرانسيسي دانشور ‘مائيڪل ڊي مانٽين’ سڀ کان پهريون 1571ع ڌاري تحرير ڪيو ۽ پنهنجي مضمونن کي ايسيز جو نالو ڏنو. هن پنهنجي مضمونن ۾ ذاتي تجربن ۽ تاثرن کي تخليق ڪري مڃتا حاصل ڪئي ۽ پڙهندڙن وٽ خاص مقام ماڻيو، ڇو جو ان دور ۾ اها صنف پڙهندڙن جي لاءِ منفرد ۽ نرالي هئي. مانٽين کانپوءِ انگريزي اديب‘لارڊ بيڪن’ مضمون يا مقالا تحرير ڪيا. سندس مضمونن جي ڪتاب “بيڪن ايسيز” تمام گهڻي مڃتا ماڻي، سندس ڪتاب کي اسان جي سنڌي ٻولي ۾ سنڌي ادب جي ابي ‘شمس العلماء مرزا قليچ بيگ’، “مقالات الحڪمت” جي نالي سان پيش ڪيو. وقت به وقت مضمون جي صنف ايتري ترقي ڪئي جو مضمون نگاري جي فن جو ميدان وسيع ٿيندو ويو ۽ گهڻن ئي قلمڪارن نوان نوان تجربا ڪيا. سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پهريون مضمون ڪڏهن ڇپيو؟ ان لاءِ تاريخي ورق اها اختلافي راءِ پيش ڪندا نظر ٿا اچن ته سنڌي صحافت جي ابتدا 1861ع کان ٿئي ٿي ۽ صحافت جي ابتدا کان ئي سنڌي زبان ۾ مضمون نويسي جو بنياد پيو آهي. ٻي هنڌ اهو پڻ لکيل آهي ته ‘ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ’، 1862ع ۾ “پڪو پهه” جي نالي سان پهريون طويل مضمون لکيو، جنهن ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان ڳالهه ڪيل آهي. ان کانپوءِ اسان جي قلمڪارن ذاتي، علمي، ادبي، تاريخي، تحقيقي، مذهبي، تنقيدي، اخلاقي، حادثاتي، طنزيائي، ثقافتي، سياحي، سائنسي ۽ سماجي مضمون تحرير ڪيا.
بنجن هيڊرڪ مضمون جا هيٺيان ڇهه قسم ڄاڻايا آهن.
شخصي مضمون، بيانيه مضمون، ڪرداري خاڪو، تنقيدي مضمون، ادارتي مضمون ۽ مفڪرانه مضمون. ياد رکڻ گهرجي ته مضمون ڪنهن به موضوع تي آساني سان لکي سگهجي ٿو، شرط اهو آهي ته موضوع سان نڀائڻ لاءِ اوهان پنهنجي ٻولي مان اهڙن لفظن جو انتخاب ڪريو جيڪي سادا ۽ عام هجن جيئن هر طبقي جو ماڻهو ان کي آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي. مضمون ۾ جملن جي بيهڪ اهڙي پيش ڪجي جو اوهان جي تحرير ترتيب سان پڙهندڙن جي سامهون اچي. مضمون ۾ خراب لفظن کي شامل ڪرڻ کان مڪمل پاسو ڪيو وڃي. اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته اجايي ڳالهين ۽ بي بنياد دليلن کي مضمون ۾ شامل نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن پنهنجي اڻ کٽ ٻوليءَ جي خزاني مان پهاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن کي پنهنجي مضمون ۾ شامل ڪريون ٿا ته انهن جو استعمال مناسب جاءِ تي ڪرڻ گهرجي، جيئن پڙهندڙ کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي پيش نه اچي. مضمون جي موضوع کي خيال ۾ رکڻ گهرجي ۽ ان بابت اها معلومات جيڪا مضمون جو حصو هجي ترتيب سان پيش ڪجي، ائين هرگز نه ٿئي جو واقعا يا احوال بار بار شامل ٿي وڃن. مضمون جي ڊيگهه ڏهن صفحن کان وڌيڪ هرگز نه هجي. مضمون کي ڪو عنوان ڏجي ته ان تي غور ۽ فڪر ڪيو وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *