تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

مصيبتن جا ماريل وري وبا جو شڪار…نسرين پليجو

ڪورونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون سبب جتي پوري سنڌ ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال آهي اتي سنڌ جي پڇڙي واري پٺتي پيل ضعلي ٺٽي ۾ به خوف سميت بک ۽ بدحالي ڪر کنيو آهي.ڏٺو وڃي ته ڪنهن دور ۾ شاهوڪار، علم،واپار۽ تهذيب جو ڳڙهه سمجهيو ويندڙ ٺٽو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي آهي .ترقي جي حساب سان اڄ به پوئتي پيل ۽ 80 سيڪڙو ماڻهو غربت کان هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن .ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم۾ پاڻي نه ڏيڻ، قدرتي آفتن ،سامونڊي طوفانن۽ 2010 ع واري مها ٻوڏ سميت ڪافي سببن جي ڪري ٺٽي جي اڪثريتي غريب عوام ڀوڳيو آهي متاثر ماڻهواڄ تائين جامع پاليسي ۽صحيح واهر نه ٿيڻ ڪري حقيقي طور بحال نه ٿي سگهيا هئا ته مٿان وري هن خوفناڪ وبا انهن اٻوجهه سورن جي ستايل غريب عوام جون متيون مجهائي ڇڏيو آهن. سچ ۽ حقيقت هي آهي ته ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٺي ڪوهستان جو عوام هن صورتحال ۾ بک ڪاٽڻ ته مجبور ٿي ويو آهي ماڻهن لاءِ کائڻ پيئڻ سميت طبي سهولتن جي کوٽ نظر اچي رهي آهي .سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن پنهنجي وس آهر جاڳرتا سميت مناسب بندوبست ضرور ڪيا آهن پر هتي جيئن ته 80 سيڪڙو ماڻهو اهي آهن جيڪي روز ڪمائيندا ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا آهن .انهن ماڻهن جو ڏهن ڏينهن کان گهرن ۾ بند ٿيڻ ان وبا کان وڌيڪ خطرناڪ منظر پيش ڪري رهيوآهي. ماهيگير ،زراعت ۽ مزدوري ته گذر ڪندڙ بي يارو مددگار ڪنهن مسيحا جا منتظر آهن.ميڊيا سرڪار مشينري ۽ سماجي ورڪر اڃا تائين انهن متاثر ماڻهن جو سهي ڪاٿو لڳائڻ ۾ ئي ڪامياب نظر نه پيا اچن. وفاقي حڪومت جو ڪردار اڳ ته سنڌ ۾ نظر نه آيو آهي ، پر هن قيامت صغريٰ واري منظر ۾ به هنن غريبن بي پهچ ۽ بکايل ماڻهن کي سياست جي ور چاڙهيندي نظر اچي رهي آهي.سنڌ حڪومت وري جس لهڻي جو هن ڏکئي گهڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ بيماري خلاف سٺا ۽ وقتائتا اپاءَ وٺي انهي جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب وئي آهي. سڀني صاحب حيثيت ۽ سرندي وارن کي گذارش آهي ته هي سخاوت ڪرڻ جي گهڙي آهي مهرباني ڪري پنهنجي شهرن کان پري ڳوٺاڻن خاص طور تي سامونڊي پٽي ۽ ڪوهستان جي اندر ڳوٺن ڏانهن ڌيان ڏيو اتي حقدار ماڻهو اوهان جا منتظر آهن اوهان جي مدد انهن جي جياپي جو ذريعو بڻجي سگهجي ٿي.ڪجهه هنڌن تي صابڻ جون ڪجهه چڪيون ڏئي فوٽوسيشن ڪرائيندڙ ڀائرن کي به گذارش آهي ته پنهنجي علائقي ۾ ماڻهن جي کاڌخوراڪ جو بندوبست ڪيو اوهان کي اوهان جي سوچ کان وڌيڪ عزت ۽ شهرت ملندي . اچو ته عظيم ڪم ۾ گڏجي هٿ وجهون ته جيئن هنن ڏکين حالتن ۾ ڪو به ماڻهو پيٽ بکيو سمهڻ تي مجبور نه ٿئي

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *