تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

مسلسل وڌندڙ دمه جي مرض جو وڏو سبب سامهون اچي ويو …ڊاڪٽر علي مراد راهو

دنيا ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ صنعتڪاري ۽ ٽريفڪ جي وڌندڙ آلودگي سان سال ۾ لکين ٻار دمه جي مرض سبب موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. آمريڪي تحقيقي اداري ملڪن انسٽيٽيوٽ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ايٽ جارج واشنگٽن يونيورسٽي جي مطابق هوا ۾ نائٽروجن گيس جي مستقل اضافي ۽ آلودگي جي سبب ڪري ساليانو 4 لک ٻار دمه جي مرض جا شڪار ٿيندا آهن. 2010ع کان 2015ع جي انگ اکرن تي موجود هن تحقيق ۾ هن ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 64 سيڪڙو مريض شهري علائقن مان ظاهر ٿيا هئا. تحقيق جي سربراهه C, ANENBERG SUSAN پنهنجي تحقيق جي باري ۾ چوي ٿو ته سڄي دنيا جي شهري علائقن ۾ فضائي آلودگي جي خاتمي سان ئي ٻارن ۾ دمه جو مرض ختم ڪري سگهجي ٿو. انهن وڌيڪ چيو ته صحت جي لاءِ ماحول ۽ حمل وارين عورتن کي سٺو ماحول ڏئي دمه جي مرض جي خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. انهن جسماني تندرستي ۽ فضائي ماحول ۾ صحت بخش مشورا اپنائڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته گاڏين جو زهريلو دونهون ۽ گرين هائوس مان نڪرندڙ گيسون انساني صحت تي خراب اثر ظاهر ڪري رهيون آهن انڪريسائيڪلنگ ڪريو يا گهڻي کان گهڻو پنڌ هلو.
تحقيق جا اهم نڪتا.
THE LANCET ۾ شايع ٿيڻ واري بين الاقوامي طبي ماهرن جي رپورٽ مطابق نائٽروجن جي آلودگي سان بين الاقوامي، شهري ۽ ٻاهرين سطح تي ٻارن ۾ دمه جي مرض جا عنوان تحقيق ۾ سامهون آيا جنهن جا نتيجا هيٺ ڏجن ٿا. گاڏين مان نڪرندڙ زهريلي نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ گيس هوا ۾ شامل ٿي تقريبن 4 لک ٻارن کي موت جو شڪار بڻائيندي آهي. ٻارن ۾ دمه جي وڌندڙ شرح ۾ 13 سيڪڙو جو سبب نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ جي آلودگي ٻڌائي وئي آهي. دنيا جي 125 شهرن ۾ نائجيريا جو شهر ولو، چين جو شهر بيجنگ ٻارن ۾ دمه جي مرض ۾ قابل ذڪر رهيا. ان کان علاوه ترقي يا فته ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ به نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ گيس جي اضافي جو سبب بڻجي رهي آهي. نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ گيس جي ڦهلاءُ ۾ چين جا 8 شهر جڏهن ته ماسڪو، روس سيول ۽ ڏکڻ ڪوريا به سنئون سڌو آهي. آمريڪي رياستن ۾ به هي مسئلو آهي نيويارڪ، لاس اينجلس، شڪاگو، لاس ويگس ۾ به آلوده هوا جي سبب ڪري دمه جي مريضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. فضائي آلودگي جي سبب ڪري دمه جي مرض ۾ ساليانو 7،60،000 چيني شهري، 3،50،000 ڀارتي شهري جڏهن ته 2،40،000 آمريڪي شهري متاثر ٿين ٿا.
دمه ڇا آهي؟
دمه ڦڦڙن جي بيماري جو نالو آهي جنهن ۾ انسان جي ساهه وارين نالين ۾ يا ڦڦڙن جي نالين ۾ ننڍن ٽڪرن جي سبب ڪري انسان کي ساهه کڻڻ ۾ مشڪل پيش ايندي آهي. دمه انسان جي صحت کي هميشه جي لاءِ متاثر ڪري سگهي ٿو هي هڪ اهڙو مرض آهي جنهن جي سبب ڪري انسان قسطن ۾ مرندو آهي.
سبب: طبي ماهرن جي مطابق فضائي آلودگي، گاڏين جو زهريلو دونهون، سگريٽ نوشي، ساهه جي نالين ۾ انفيڪشن دمه جي مرض جون نشانيون ٿي سگهن ٿيون. نون انگن اکرن جي مطابق سڄي دنيا ۾ تقريبن 2،35،000 ماڻهو دمه جا مريض آهن.
احتياطي اپاءَ دمه جي سڃاڻپ ٿيڻ کان پوءِ مريض کي گهرجي ته سگريٽ نوشي کان پرهيز ڪري ڌوڙ ۽ مٽيءَ ۾ وڃڻ کان پرهيز ڪريو،گهر مان نڪرڻ کان پهرين ماسڪ جو استعمال ڪريو . ماهرن جو خيال آهي ته دمه جي مريضن جي تعداد جو وڌڻ حيرت انگيز نه آهي بلڪي عام ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري جتي طبي عملدار ذميدار آهن اتي مريض به ذميدار قرار ڏئي سگهجن ٿا جيڪي پنهنجي حالت بهتر بنائڻ جي لاءِ خاص خيال نٿا رکن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *