تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

مسئلا ۽ مشڪلاتون: قابليت جو امتحان … پون ڪمار منڌاڻ

گهڻن ئي ماڻهن خوشي جو مزو چکيو ئي ناهي، اسان جو مقصد هي آهي ته خوشي کي توهان جو زندگي ڀر جو ساٿي بڻائي ڇڏيون، خوشي ڪا اهڙي روحاني منزل ڪونهي جيڪا هٿ اچڻ ڏکي هجي، اها ته اهڙي قدرتي ۽ فطري شيءَ آهي جيڪا توهان جي حياتي جي ڪنهن به پهلو کي جادوئي نموني ۽ حيرت انگيز طور تي کولي ظاهر ڪري ٿي جيڪڏهن خوشي اوهان جي زندگي ۾ توهان کي نٿي ملي ته سڀ وڻندڙ ۽ لذت ڀريون سرگرميون به توهان کي بيزار ڪندڙ محسوس ٿينديون. اوهان کي بار لڳنديون توهان جي چوڌاري جيڪي مسئلس ۽ مشڪلاتون پکڙيل آهن، اهي توهان جي قابليتن جو امتحان آهن پر هڪ دفعو جيڪڏهن خوشي اوهان جي مستقل همسفر ٿي پوي ٿي ته پوءِ توهان جي حياتي ۾ ڪو مسئلو ئي ڄڻ نه هوندو، ان کانپوءِ توهان کي پنهنجي حياتي هڪ مسلسل خوشين جو خزانو محسوس ٿيندو.
انسان ذات جي پوري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جيڪي به ضروري وسيلا، لياقتون، هنر ۽ مهارتون گهربل آهن ته جيئن ڌرتي مٿان جيڪي مسئلس اسان جي سامهون اچن ته حل ٿي وڃن، اهي سڀ موجود آهن، مثال طور خوراڪ، صحت، تعليم جا مسئلا وٺو، اسان وٽ هر هڪ کي حل ڪرڻ لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا سڀ طريقا موجود آهن جيڪي ايڏا ته طاقتور آهن جو هن دنيا کي ڪئين ڀيرا ٺاهي يا نس ڪري سگهون ٿا، البته جيڪڏهن انهن موتمار هٿيارن هلائڻ جي قابليت سان گڏوگڏ پيار، توازن ۽ برداشت نه هجي ته اسان جي هي دنيا تباهي جي ڪناري تي پهچي سگهي ٿي، پنهنجي اندروني خوشي جي وڏي تلاش جي ڪري سڄو ڌرتي جو گولو ناس ٿيڻ جي ويجهو پهچائي ڇڏيو آهي.
اڄڪلهه جيڪي اسان کي آسائشون ، آرام ۽ سهولتون ميسر آهن، اهي اڳ ڪنهن به نسل کي نصيب ۾ نه آيون هيون پوءِ به اسان تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوش ۽ محبت جا مالڪ نسل نٿا چوائي سگهون، ماڻهن جو وڏو انگ مستقل ڳڻتي ۽ مايوسي جو شڪار آهي، ڪي پنهنجي ناڪامي جي ڪري تڪليف ۾ آهن پر عجب جي ڳالهه آهي ته گهڻائي پنهنجي ڪاميابي جي نتيجن جي ڪري مصيبت ۾ ورتل آهي، ڪن کي پنهنجي محدود لياقتن جو ڏک آهي ته کوڙ سارا پنهنجي آزادين جي ڪري ڀوڳي رهيا آهن، پوءِ ڀلا کوٽ ڇاجي آهي؟ اها کوٽ انساني ضمير جي آهي، هونئن ته هر شي پنهنجي جاءِ تي موجود آهي پر انسان پنهنجي اصل جاءِ تي موجود ڪونهي جيڪڏهن انسان پنهنجي خوشي جي رستي روڪ نه ڪن ته پوءِ هر مشڪل جو حل موجود آهي، توهان دنيا کي تيسيتائين بدلائي نٿا سگهو جيسيتائين فرد کي تبديل نٿا ڪريو.
منهنجي زندگي جي سڄي حياتي محنت انسانن کي ان لائق بنائڻ لاءِ آهي ته پنهنجي قسمت جا پاڻ مالڪ بڻجن، زندگين ۾ خوشين کي شامل ڪن ته جيئن اسان جو هي نسل بيڪار نه وڃي توهان جي خوشي ، ڏک، پيار توڙي پيڙا سڀ توهان جي پنهنجي هٿن ۾ آهن، تڪليف مان ٻاهر نڪرڻ جو رستو موجود آهي ٻاهر نڪرڻ جو رستو اندر ۾ آهي اندر منجهان ئي اسان سچ پچ هڪ پيار، روشني ۽ ٽهڪن جي دنيا پيدا ڪري سگهون ٿا، هي ان دنيا ڏانهن وٺي وڃڻ جو دروازو آهي، اچو ته ان کي حقيقت بڻايون..

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *