تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

مزاح …بس گهٻرائڻو ناهي!!!….دريا خان شنباڻي

دنيا جون عظيم قومون ههڙن ڏينهن ۾ تاريخ لکي وينديون آھن, پنهنجا نقش چٽي آسمانن تي ڇڏي وينديون آھن پر سست, ڪانئر ۽ غير سنجيده قومون هنن ڏينهن ۾ ختم ٿي وينديون آھن ۽ تاريخ ۾ به پاڻ کي دفن ڪرائي ڇڏينديون آھن. هونئن ته خير پاڻ به عظيم ۽ قديم قوم آھيون ۽ هڪ اهڙي ملڪ جا باشنده آھيون جنهن جي تاريخ به رهي آھي ته مستقبل به آھي پر پاڻ ڪجھه جذباتي وڌيڪ آھيون ۽ ان عظمت کي جذباتيت ڳڙڪايو وڃي. اهڙن وبا وارن ڏينهن ۾ ٿيڻ ته ائين کپي ها جو پاڻ هر شعبي ۽ محڪمي ۾ پنهنجو پنهنجو نالو ڪمايون جيئن چين جي ڊاڪٽرن کي اڄڪلھه پوري دنيا سلام ڪري رهي آھي جن ڏينهن رات ڪري ڪورونا کان پنهنجي ملڪ کي پاڪ ڪري ڇڏيو ۽ ڀلا ٿورو وقت پوئتي هلون ته هندوستان پاڪستان جي ورهاڱي کان پوءِ اسان جي ڄاتل سڃاتل ليکڪه قرت العين حيدر “آگ ڪا دريا” جهڙو شاهڪار ناول لکيو يا گئبريل گارشيا مارڪيز “وبا جي ڏينهن ۾ محبت” جهڙو ناول به لکيو. نه ته پاڻ گارشيا مارڪيز جهڙو ڪو ناول لکي ٿا سگهون نه اهڙن موقعن تي ڪو ادب سرجي سگهون ٿا. جڏھن ته اسان جو ليکڪ اڄڪلھه ان سٽ تي پورو ٿو لهي ته “راوي چين لکي ٿو” جيئن اسان مٿي عرض ڪري چڪا آھيون ته اسان به عظيم قوم آھيون پر ڪنهن ٻئي طرح سان ۽ هونئن به چيو ويو آھي ته “لوڪ وهي لهوارو, تون اوڀر وھ اوڀار” مزو ئي ان ۾ آھي ته “دنيا چوي اڪري, اسان چئون ٻڪري” جيئن ته اسان اديب آھيون, سو به سنڌ جا اديب ۽ جڏھن “سنڌي ادبي سنگت” سان سلهاڙيل آھيون ته پوء ته رهندو واهه واهه جو جنهن جو وڻي پٽڪو ڌوڙ ڪيون ڇو جو اسان کي ادبي اخلاقي سرٽيفڪيٽ جو مليل آھي سو تاريخ لکندي ته قوم تي وبا جي مصيبت لٿل هئي پر “سنڌي ادبي سنگت” جا اديب “ڄُنڊا پٽ” ۾ لڳا پيا هيا. آخر ڇونه ڪيون جو وري هي ڏينهن به اچن الائجي نه!!
حالانڪ هنن ڏينهن ۾ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ايمانداري ۽ سچائي ڏيکارڻي آھي پر اسان ائين مڙئي گهٽ ڪندا آھيون ۽ سوچيندا آھيون ته وري هي ڏينهن ته اچڻا ڪونه آھن سو هنن ڏينهن ۾ ٻه سئو روپين ۾ سينيٽائيزر پنج سئو ۾ وڪڻنداسين ۽ ٽيهن روپين ۾ ملندڙ ماسڪ ٽي سئو ۾ وڪڻنداسين. هنن ڏينهن ۾ هوٽلن ۾ چانھ به چاليهين پنجاھ روپين ۾ ته پريان وري پوليس به هوٽلن کي بند ڪرائڻ بجاء هزار پنج سئو هوٽل واري کان وٺي پتلون ۾ هڻي ان ڪم ۾ ايمانداري ڏيکاريندي. اهڙن ڏينهن ۾ اديب پوليس ڊاڪٽر پنهنجي جاءِ تي پر سڀ کان وڏيون قلابازيون ته اسان جي سياستدانن کاڌيون, ماڻھو هن ڪورونا سبب تڙپي رهيا هيا, ماڻھن ۾ خوف, چهرن تي اداسي ۽ پريشاني هئي پر ملڪ جو سربراھه پڻ صفا ھشاش بشاش ۽ الائجي ڪٿان ۽ ڪهڙي سياري مان هي هڪ ناياب سٽ کڻي آيو ۽ ٽي ويء اڳيان ويهي چوڻ لڳو “پنهنجا هٿ ڌوئو ۽ گهٻرائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي” سندس خطاب کان پهريان اسان سوچيو ته “صاحب مقرر” پنهنجي تقرير ۽ خطاب ذريعي ڪي اعلان ڪندو, ڪٿي ڪنهن مصيبت ۾ ورتل صوبي لاءِ رليف جي ڪا ڳالھه ڪندو پر هتي ته قصو ئي ابتو هو ته “حلوو پچايو, پاڻ به کائو مون کي به کارايو” سندس مُک تي خود اعتمادي هئي ۽ هجڻ به گهرجي پر ضرورت کان وڌيڪ خود اعتمادي کي “نڪ جي پڪائي” ڪري سڏيو ويندو آھي.
اسان جا سياستدان خير سان خود اعتماد ته آھن ئي آھن پر ڏاها به واھ جو آھن. پنجاب صوبي جي وزير اعلي’ ته وري وڻ ئي وڄائي ڇڏيا جنهن کي ڪورونا بابت بريف ڪيو ويو ته پڇاڙيء ۾ پڇيائين “ڀلا اهو ٻڌايو ته اهو مُئو ڪورونا ماڻھوکي چڪ ڪهڙي جاءِ تي هڻي ٿو.” هڪ صوبي جي وزير اعلي’ جا اهي حال آھن جو سموري رات يوسف زليخا جو قصو ٻڌڻ کان پوءِ چوي ته, “زليخا مائي هئي يا مرد” آھي نه حيرت جهڙي ڳالھه, هتي ته ٽڀو ئي اونڌو لڳو پيو آھي. سياڻا سچ ئي ته چئي ويا ته “ريل آئي ۽ وئي به پر اسان جهڙا رهجي ويا.”

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *