تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

مرڻ وقت ماڻهوءَ جي چهري تي خوشيءَ جا آثار ڇو آهن!؟ … علي رضا قاضي

مونکي ٺيڪ ياد پوي ٿو ته اهو 2011 جو سال هو، جڏهن منهنجو ڀاءُ امير قاضي ڏکارو ٿي ٻڌائي رهيو هو ته ”اسان جي ڀيڻويي عبدالجبارپيرزادي جي مرڻ وقت حالت انتهائي خراب ٿي وئي هئي. ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي سبب هن جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. هن جو چهرو سڃاڻپ کان ٻاهر ٿي ويو. اهڙو چهرو جنهن کي ڏسي خوف ٿي رهيو هو. ڪجهه دير ان ڪشمش ۾ رهڻ کانپوءِ هن جو انتقال ٿي ويو.“ ڪجهه دير ۾ ئي امير قاضيءَ جي ڏک واري ڪيفيت حيرت ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن هن ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ”موت کانپوءِ جبار پيرزادي جو چهرو ساڳي پوزيشن ۾ موٽي آيو. هشاش بشاش مک، ڄڻ هو اطمينان جي ننڊ ۾ هليو ويو هجي. چپن تي عجب خوشيءَ جي مسڪراهٽ!“مان ان وقت هن جي ان ڳالهه تي گهڻو غور نه ڪيو، پر ڪجهه وقت اڳ جڏهن منهنجي مامي شاهنواز عباسيءَ جو دل جي بيهڻ سبب انتقال ٿيو ته هن جي آخري ديدار وقت به مان حيرت ۾ پئجي ويس ته هي ڇا موت جي ان سخت عمل ۾ ماڻهوءَ جي چهري تي ايترو سڪون ۽ مرڪ ڇو ٿي اچي!؟ ڪجهه معاملن ۾ ته مئل ماڻهوءَ جي منهن تي مسڪراهٽ ايتري واضح هوندي آهي جو ان جي ڏسڻ وارو ان چهري کي وساري ناهي سگهندو!
ڪافي وقت کان اهو عمل منهنجي لاءِ پراسرار رهيو. منهنجي ذهن ۾ ان بابت ڪيترائي سوال پيدا ٿيندا رهيا. هميشه جيان جوابن جي تلاش لاءِ انٽرنيٽ جو رخ ڪيو. ڪافي سرچ کانپوءِ بي بي سي تي سيموئل ڪوائل جو مضمون مليو، جيڪو هلندڙ سال جي شروعاتي مهينن ۾ بي بي سي اردو وارن پڻ ترجمو ڪري رکيو هو. سيموئل جي تحقيقي مضمون کانسواءِ انٽرنيٽ تي ان اسرار متعلق ڪافي مواد پيو آهي، جن منهنجي سوالن ۽ حيرت کي سلجهائڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي. سيموئل ڪوائل جي مضمون ۾ به گهڻو ڪري اهي ساڳيا سوال ۽ انهن جا جواب هئا، جن جي مونکي تلاش هئي. موت کانپوءِ ماڻهوءَ جي منهن تي سڪون يا مسڪراهٽ لاءِ هڪ عام نظريو هي آهي ته اهو ممڪن آهي ته گذاري وڃڻ وقت انڊورفن نالي هڪ هارمون گهڻي مقدار ۾ خارج ٿيندو هجي، جيڪو جسماني دٻاءَ کي گهٽ ڪندو آهي. توهان مان هر ماڻهوءَ جو اهو مشاهدو ضرور رهيو هوندو ته ڪا گهڙي اهڙي هوندي آهي، جنهن ۾ پاڻ بنا ڪنهن سبب جي جسم ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندا آهيون، اهڙي نموني ڪجهه پل اهڙا به هوندا آهن، جن ۾ ڪنهن ڪارڻ کانسواءِ اداسائي طبيعت کي وڪوڙي ويندي آهي. شايد اهي سڀ اسان جي جسم ۾ ڪيميڪل رد عمل جو نتيجو آهن. جسم ۾ مختلف هارمونس جو خارج ٿيڻ اسان کي مختلف ڪيفيتن ۾ مبتلا ڪري ٿو. جهڙي ريت جسماني ڪسرت کانپوءِ جسم ۾ هڪ خوشگوار ڪيفيت جو احساس ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ورزش جي ڪري هڪ ٻيو هارمون سيروٽن ڪافي مقدار ۾ خارج ٿي، اسان جي طبيعت کي مسرور بڻائي ٿو. ممڪن آهي ائين به هجي ته مرڻ وقت ماڻهوءَ جو جسم هڪ زبردست پيڙا مان گذري ٿو، نتيجي ۾ سيروٽن ۽ انڊورفن جهڙا هارمونس نڪري مرڻ واري کي خوشيءَ جي احساس ۾ مبتلا ڪندا هجن.
انتقال وقت اهڙي ڪيفيت بابت جيتوڻيڪ ڪا ٺوس سائنسي تحقيق نه ٿي آهي، جنهن جو سبب مرڻ وقت ماڻهوءَ جي دماغ مان رت جا جزا وٺڻ ڏکيو عمل تصور ڪيو وڃي ٿو. ساڳي وقت ان تحقيق تي تمام گهڻو خرچ ايندو. پاڻ ڄاڻون ٿا ته دنيا جون حڪومتون طب متعلق اهڙين ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان نه ٿيون وٺن. دنيا جي ميڊيڪل سائنس ۾ خرچ نه ڪرڻ سبب ئي مختلف بيماريون ماڻهن کي مارين پيون. ناول ڪوروناوائرس به حڪومتن جي ان غير سنجيدگيءَ جو مثال آهي.مرڻ وقت ماڻهوءَ جي چهري تي اطمينان جو احساس، بابت آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ايرين ٽريسي جي ان تحقيق کي به سامهون رکڻ گهرجي، جنهن ۾ هن ثابت ڪيو هو ته مرڻ وقت مذهبي دعائون ۽ عقيده پڻ انسان جي تڪليف کي گهٽ ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. جنهن لاءِ نفسيات جي پهلوءَ کي سائيڊ تي نه ٿو ڪري سگهجي. جهڙي ريت جهيڙي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب سور جو احساس ناهي ٿيندو يا جنگ جي ميدان ۾ فوجين کي تڪليف جو احساس ناهي هوندو، ڇاڪاڻ ته هنن جو ڌيان ٻين شين ڏانهن هوندو آهي.
پاڻ ڄاڻون ٿا ته موت هميشه کان انسانذات لاءِ مام بڻيل رهيو آهي. موت کي سمجهڻ لاءِ هر ماڻهو ڪوشش ته ڪري ٿو، پر هن جي پهچ ۾ اهو سڀ ڪجهه ناهي، جنهن سان معاملن کي آسانيءَ سان سلجهائي يا سمجهائي سگهجي. سو ان ڪري مرڻ وقت ماڻهن جي اڪثريت ايتري مطئمن، پرسڪون ڇو هوندي آهي. ان جو ڪو به حتمي جواب نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ نه ئي ان سوال جو جواب ته موت جهڙي مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪيترائي ماڻهو ڇو مسڪرائيندا آهن؟

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to مرڻ وقت ماڻهوءَ جي چهري تي خوشيءَ جا آثار ڇو آهن!؟ … علي رضا قاضي

  1. Irshad ali katpar says:

    👌تحقيق طلب موضوع تي سٺي ڇنڊ ڇاڻ

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *