تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

مريض ۽ مسيحا … عذير عابد

اڄ صبح سھيل پنهنجي روم تان لائبرري لاءِ نڪتو پورو اڌ ڪلاڪ جون جي جگر کي جلائيندڙ اس ۾ لائن ۾ بيٺو سڙندو انتظار ڪندو رھيو گيٽ کلي ته اندر ڀڄان ـ شاھنواز لائبريري جي رفرنس حال ۾ صبح سان اچي ويٺو ڪافي جدوجھد ۽ ڀڃ ڊڪ کان پوءِ ھن کي رفرنس حال ۾ اي سي جي ھيٺان سيٽ ملي اڄ ذھني طور ھو ڪورس جي ڪنهن ڪتاب پڙھڻ لاءِ تيار نه ھو ھن وٽ ڪورس جي ڪتابن سان گڏ خوف جي نفسيات ‘ جي عنوان سان ھڪڙو ڪتاب ھو جيڪو ڪنهن دوست پاران ھن کي مطالعو ڪرڻ لاءِ ڏنل ھو ـ ھن ڪتاب کوليو ڪتاب جو مھاڳ پڙھيائين ـ ھي ڪتاب فرد سان لاڳاپيل خوفن ،وھمن ۽ شڪن بابت لکيل ھو . ان کانپوءِ ڪتاب جو پھريون باب پڙھي پورو ڪيائين ـ ھن جو ذھن اھو سڀ ڪجھه ھضم نه ڪري سگھيو ، ذھن ۾ پينگھه جي رسي جيڪا نم جي وڻ ۾ لڙڪندي آ بلڪل اھڙي حرڪت پيدا ٿي پيس ـ ڪا شي ھن کي ڌڪ ھڻڻ لڳي پھرين ته ھن پنهنجي پگھر تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ ھي پنهنجي ضابطي مان نڪري ويو ان ڪتاب ۾ لکيل ڪن ڳالھين ھن جي ماضي جي دري کولي ڇڏي ، مونکي مختلف خوف ڏنا ويا ھئا يعني مونکي ماڻھن سان ڳالھائيندي اھو خوف ٿيندو آ ته متان انھن کي منهنجي ڳالھه نه وڻي ھو مون تي کلن ھو منھنجو مذاق اڏائن اھو انڪري ھن کي ياد آيو ھا جڏھن مان ننڍڙو ھيس مونکي ياد ته نٿو اچي مون ڪھڙي ڳالهھ ڪئي ھئي پر منهنجي ماساتن ۽ پڦاٽن جيڪي مونکان وڏا ھئا عمر ۾ منھنجو خوب مذاق اڏايو ھو تنهن کان پوءِ منهنجي زبان ۾ ڄڻ جھاڪا ھئا، مان ڄڻ ڏينهن جا ڏينھن گونگو ھيس ‘ ڪا ڳالهھ ڪرڻ کان پھرين ڪافي سوچيندو ھيس پوءِ ڊڄي ڊڄي ھٻڪي ھٻڪي ڪا ڳالهھ ڪندو ھيس وقت سان گڏ منهنجي اھا رنڊڪ دور ته ٿي آ پر اڄ به منهنجي زبان ۾ ڄڻ ڪي جھاڪا آھن ‘ ھي پنهنجو پاڻ کي ليڪچر ڏيڻ لڳو ۽ ڪتاب ۾ پڙھيل مواد ھضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ـ
اھڙي ڪچھري سھيل پاڻ سان ڪرڻ لڳو ‘ ڪتاب جو ليکڪ چوي ٿو خوف ۽ ھٻڪ پيدوار آھي اوھان سان پيش آيل ناگوار واقعن جي جن جي ياد اوھان کي روڪي ٿي وڏا وڏا ڪم ڪرڻ کان ـ ھا ھن کي پنهنجي ھڪڙي ٻي ڪيفيت ياد آئي جيڪا ھن کي ھٿوڙي جيئان چڀندي ھئي :جڏھن ڪا خوبصورت عورت ٽھڪ ڏيندي آ ته ڄڻ مونکي ھٿوڙا لڳندا آھن ايئن ڇو ؟؟ ھا شايد مان جنسي محرومي جو شڪار آھيان تڏھن ـ ‘ ھا ھا سھيل ڏاڍو خوش ٿيو ,ھاڻي مان پاڻ پنهنجو ڊاڪٽر بڻجي ويو آن ـ مونکي اوچائي کان ڊرپ ڇو لڳندو آ ڇو ت مان ڪوٺن تي ن چڙھندو ھيس ۽ ننڊڙي عمر ۾ لغڙ ب ڪڏھن ن اڏايا ـ سھيل پيسبو رھيو غم ۽ خوشي جي پڙن ۾ ـ ڪا ڳالھ سوچي غمزدھ ٿي پئي ويو ت وري اھو سوچي خوش ٿيو ھاڻ مان پنهنجو نفسياتي علاج پاڻ ڳولي لھندس مونکي مرض جي ته خبر پئجي وئي آھي . پارڪ مان اٿي وري ڪينٽين تي ويو ,ريڊ ايپل جوس ۽ ھڪ گولڊ ليف ورتائین ـ سگريٽ جا ڪش ۽ جوس جا ڍڪ ھڻندو لائبرري جي مين گيٽ کان ٻاھر نڪتو ,سبحان الله ھوٽل کان الله واري پل جي ھيٺان سڌو ريلوي اسٽيشن جو ڌڳ ورتائين ,اھا اسٽيشن ھن جي روحاني راحت جو آخري آستانو ھوندو ھو،اسٽيشن تي سيمينٽ جي لڳل بينچ تي ويھڻ بدران اڳتي وڌي ويو , ڦاٽڪ تائين پھتو, پوئتي لوڻو ھنيائين مامھنس تي نظر پيس , تڪڙي اڳتي ڊڪ ڀريائين ـ سڌو جناح باغ ڏانھن رک رکيائين ـ جناح باغ ۾ پھتو اڃا مس ته موبائل جي رنگ وڳس ، ذھن ،جسم ۽ سمورا عضون کي ڏڪڻي ورتس، ٿڌا ٿڌا ساھ ڀريائين
ڄڻ لوڪ سامھون پاڻ کي اگھاڙو محسوس ڪيائين,
ڊڄي ڊڄي کيسي ۾ ھٿ وڌائين ـ
مامي جي نه پر علي جي ڪال ھئي ….
خوش سي مر ن جاتي واري ڪيفيت ھن جي سموري وجود ۾ لھر بڻجي ڊوڙي
ھن کي محسوس ٿيو۔ ۔ ۔ ھا۔ ھا اھو سڀ خواب ھو،منھنجي خواري نه ٿي آ , ڪو مونکي رولو نه چوندو …
ڪال اٽينڊ ڪيائين
جانو ڪٿي؟؟
جي ..جي
ڪٿي آ سھڻا ؟؟
پيارا جناح باغ ۾ ويٺو آ ـ
چگو ٺيڪ آ ويهھ اتي مان اچان ٿو
مون وٽ بائيڪ آھي ـ
ٺيڪ آ جانو اچ
سھيل ۽ علي سنڌ سائنس سينٽر تي گڏ پڙھندا آھن, ٻئي پري انجنيرنگ جا شاگرد آھن ـ علي انتھائي پڙھيو لکيو ڇوڪرو آھي نفسيات ۽ فلسفي جو گھرو اڀياس ڪيو اٿائين۔ ھو مختلف ماڻھن سان ملندو آ , ڏسندي ڏسندي انھن جو دوست بڻجي ويندو آ ـ پوءِ ھن جي انھن دوستن کي ڄڻ علي ن پر ڪو اھڙو ڌاتو ملي ويندو آ جنھن جي ڇھاء سان ھر شي سون ۾ تبديل ٿي ويندي آھي ـ ھو ننڊڙي عمر ۾ وڏو ڏاھو آ ـ ھن جي پنھنجي زندگي جو مقصد ٻين جي زندگي کي تبديل ڪرڻ بڻائي ڇڏيو آھي ـ جڏھن سنڌ سائنس تي ڪلاس ھلڻ شروع ٿيا ت علي کي ٻ چار نوان چھرا نظر آيا ـ باقي ھن جي ڪلاس ۾ سڀ ساڳيا پائلٽ اسڪول وارا دوست ھئا،انھن نون چھرن مان ھڪڙو چھرو سھيل جو ب ھو ، علي سھيل جو ويجھو دوست ٿي ويو صفا مختصر وقت ۾ پوءِ ھن کي سھيل جي باري ۾ معلوم ٿيو ته سھيل ڏاڍو خوفزدھ ڇوڪرو آهي ,خوف ,ڀو ۽ پڇتاءُ ھن جي وجود جو حصو بڻيل آ ھن, پائليٽ اسڪول ۾ پڙھيل سڀ ٽڻڪ ڇورا ھن جو خوب مذاق اڏائيندا ھيا ،ھن کي ڳجهھ ڪري سڏيندا ھيا , علي انھن کي سختي سان منع ڪيو ـ سڀ ڇوڪرا ھن جي چوڻ ۾ ھيا ,پوءِ ڪو به سھيل کي تنگ نه ڪندو ھيو , ـ سھيل جو ٻيو ڪو ب دوست ن ھيو , علي سينٽر کان پوء ھن سان ڪچھريون ڪرڻ لڳو , علي محسوس ڪيو ھن جو نفسياتي علاج ٿيندو ,ھن ميٿاميٽڪس ,فزڪس ۽ ڪميسٽري ت ڏاڍي سٺي پڙھي آھي پر ھن جي حالت ان بي گھر ماڻھو جھڙي آ جنھن مٿان ڊسمبر جي رات پنهنجي ٿڌ سان ڀرپور وار ڪندي آھي ـ علي ڇھن مھينن تائين ھن جو نفسياتي علاج ڪندو رھيو , گھمائڻ ڦيرائڻ کان وٺي ليڪچر ڏيڻ ,موويز ڏسڻ ,قصا ٻڌائڻ ,مختلف دوستن سان ملائڻ چرچا ڀوڳ ڪرڻ ,ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪتاب پڙھائڻ تائين , علي ھن جا ڪافي ختم ڪري چڪو ھيو ,ھن جي اندر ڄڻ صدين جا خوف سمايل ھيا, انساني تاريخ چا ڀيانڪ واقعا سھيل جي من جو حصو ھيا , علي ھنن سڀني خوفن کي ماتم ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو ھيو ـ پر اڃا ب ڪڏھن ڪڏھن سھيل کي خوف ٿيندو ھيو , ڪڏھن پنهنجي مستقبل جو ؟ ڪڏھن اڌورين خواھشن جو ڪڏھن ڪو اڻڃاتل خوف ڪو پڇتاءُ ڪو ڀو ءَ….
علي ڪالھه ھن کي گھمائي ڦيرائي سٺي ڪچھري ڪري ‘ خوف جي نفسيات ‘ جي عنوان سان ھڪڙو ڪتاب ڏنو ھو ,ته ھاڻي سھيل ھي ڪتاب پڙھي پنهنجي سموري ماضي کي سمجھي وٺندو پر ان ڪتاب سھيل کي پنهنجي ماضي ياد ڏياري ڇڏي ـ ماڻھن جي گلا جي خوف کان ,ڪنهن جي ڪنهن طعاني جي خوف تائين ھزارين خوف ھن کي ورائي ويا ـ پر ھن جو مسيحا علي جناح باغ ۾ پھتو , ٺھوڪي ڪچھري کانپوء چيائس اٿ ت ھلون موھن جي دڙي پر جاني … ڪتاب لائبرري آھن ھل پھرين لائبرري ته ڪتاب کڻون پوءِ ھلون ٿا ـ شين جي وڃائجي وڃڻ جو خوف اڃا نٿو وڃي نه ڪونه ويندا ڪاڏي ڪتاب اٿ ھاڻي ته ھلون ۔ موٽي اچي ڪتاب کڻون ٿا سھيل ايترو ته زوردار ٽھڪ ڏنو جو علي کي محسوس ٿيو سھيل جي ان ٽھڪ جي ڌماڪي ۾ ھاڻي سڀ خوف دفن ٿي ويا آھن۔ اھي خوف ھاڻي ڪڏھن به واپس نه ايندا پوءِ ورهيھ گذري ويا … سھيل جي زندگي تبديل ٿي وئي ـ ھاڻي سھيل جي سڃاڻپ وطن دوست ۽ بھادر ڪسٽم آفيسر جي آھي ـ علي اڄ به انسانيت لاءِ مسيحا آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *