تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

مرليڌر جي من ۾ ڇا هي؟ ….شوڪت ميمڻ

سنڌ جي هڪ گمنام ۽ ننڍڙي ريلوي اسٽيشن تي لهي پاڻي پيئڻ وارو منظر جهڙي ريت ڊاڪٽر مرليڌر بيان ڪيو آهي سو منظر ان فلم جو شايد سڀ کان سٺو ۽ سسپينس وارو سِينُ هجي ها جيڪا فلم چندرپرڪاش جهڙو ڪوبه هدايتڪار هتي نه هجڻ ڪري اڃان تائين ٺهي نه سگهي آهي! پر “پي ڪي” وارو راجڪمار پنهنجي ڪيل ڳالھين کي پاڻي ڏيندي جي سنڌ ۾ ڪڏهن ڪو چڪر لڳائي وڌو، تڏهن کيس جيڪر سنڌ جا ڪي سيٺ ساڌ ٻيلي جو سير ڪرائي وجهن، ته پوءِ هُو درياھ تي ٻيڙيءَ مان ترندي، آرٽسٽڪ اک سان سنڌوءَ جي ٻئي پار لهندڙ سج ۾ ٿوري دير لاءِ نهاريندو ته ٿي سگهي ٿو سندس من ۾ ڪو خيال اڀري اچي ۽ هُو پنهنجي پُرکن سان پيار جي اظهار طور هڪ اهڙي فلم ٺاهڻ جو ويچار ڪري جيڪا فلم هوندي ته هندستان جي ورهاڱي تي ٺهيل پر ان ۾ سنڌ جي سورن تي وڌيڪ فوڪس ڪيل هوندو. پر هر آرٽسٽ ۽ هر ماهر ماڻهوءَ جو پنهنجي تجربي سان گڏ هڪ الڳ مزاج به هوندو آهي، ان ڪري ڀلي ته سنڌ جي خَمِير مان پيدا ٿيل هندستاني هدايتڪار راجڪمار سنڌ تي ڪا تاريخ ساز مووي ٺاهڻ جو سوچي پر ڊاڪٽر مُرليڌر جي سنڌ اچڻ واري سفر تي فلم ٺاهڻ سندس وس جي ڳالھ ناهي.
ڊاڪٽر مُرليڌر سنڌ جي ورهاڱي وقت ٻه سفر ڪيا. هڪ سفر سنڌ مان لڏي ويندڙ هندن وانگر هن به هندستان وڃڻ وارو ڪيو هو پر تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته ڊاڪٽر مُرليءَ جي تڙپ ۽ تجسس سان گڏ ڪرڀناڪ ڪهاڻي جو سفر سنڌ مان هند ڏانهن وڃڻ وارو نه پر هند مان سنڌ ڏانهن اچڻ وارو هو.. ان ڪهاڻيءَ جو هر هڪ منظر ڏک سان گڏ تمام گهڻو تجسس وارو آهي پر جيئن ته ڊاڪٽر مُرليڌر جي درد ۽ سنڌ سان چاهت واري ڪهاڻي تي خوشونت سنگھه جي ناول تان اتاريل “ٽرين ٽُو پاڪستان” جهڙي فلم ٺاهيندڙ پاميلا روڪس جي دل رکڻ وارو ڪو هدايت ڪار به هتي موجود ڪونهي ان ڪري اها ڪهاڻي سنڌيت جا گيت ڳائيندڙ آشا چاند جي ٺاهيل “سنڌي سنگت” يوٽيوب چئنل تي فقط اُهي ماڻهو ٻڌي سگهيا آهن جيڪي گوگل سرچ واري خاني ۾ سيڙجي “سنڌي” لفظ لکن ٿا.
اسڪولي سبقن وارن ڪتابن ۾ لکيل تاريخ موجب اسان کي اسان جو ملڪ وڏڙن جي وڏين قربانين کان پوءِ 14 آگسٽ تي آزاد ٿيو هيو پر ڊاڪٽر مُرلي جيڪو ان وقت سترهن سالن جي ڄمار ۾ نَوَل راءِ هيرانند سنڌ اڪيڊمي جهڙي اداري ۾ مئٽرڪ جو شاگرد هجڻ سان گڏ ڪتابن سان عشق رکندڙ، سياسي سُوڄ ٻُوجھه رکڻ وارو نوجوان هو تنهن درسي ڪتابن ۾ ستر سالن کان پڙهجندڙ طوطي واري تاريخ جا بخيا اُڊيڙي ڇڏيا آهن. ھُو ٻڌائي ٿو ته جنوري 1947 ۾ ئي نه فقط ملڪ جي ورهاڱي جو اعلان ٿي ويو هو پر ان جي تاريخ به طئه ٿي وئي هئي، اهڙو نوٽيفڪيشن باظابطا طور انگريز سرڪار پاران جاري ڪري آگاھ ڪيو ويو هو ته 15 آگسٽ تان اسان هن ملڪ کي آزاد ڪري هليا وينداسين.. اهو الڳ بحث آهي ته نگريز سرڪار هن ملڪ کي آزاد ڪرڻ جي نالي تي ڪهڙي “ورهاست” ڪري ويا ويا! پر مُرليڌر رڳو ان مسئلي تي مُنجهيل هيو ته مسلماني جي نالي تي هندستان مان پاڪستان جي نالي سان جيڪو نئون ملڪ ٺهي رهيو آهي ان ۾ اسان هندن جو ڇا ٿيندو؟ هن اهو سوال هندستان جي ورهاڱي کان چار پنج مهينا اڳ پنهنجي استاد جيوت رام کان به پڇيو. توڙي جو سائين وسند جيوت رام کيس چيو ته 11 صدين کان به سنڌ ۾ ته مسلمانن جو راڄ ئي رهيو آهي پر پوءِ به هتي ڌرم جو ڪوئي فرق ناهي رهيو، ان ڪري جي نئين نالي سان ڪو ملڪ ٺهيو ته به پاڻ تي ڪو فرق ناهي پوڻو..
ڪتابي ڪهاڻين تي کڻي اعتبار نه به ڪجي پر ڊاڪٽر مُرليڌر پاڻ ئي پيو ٻڌائي ته جڏهن هنن پنهنجي ئي ديس ۾ پاڻ کي اوپرو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ته ملڪ جي آزادي کان اڳ ئي سنڌي هندن هتان وڃڻ جي شروعات ڪري ڇڏي هئي سمورن سنڌين وانگر مرليڌر جي مائٽن به شروع شروع ۾ ايئن ٿي سمجهيو ته ڀارت ۾ عارضي طور هلبو ۽ پوءِ جڏهن بگڙيل حالتون واپس ٺڪاڻي تي اچي وينديون ته وري موٽي اچبو. شايد ان سبب جي ڪري ئي تقريبن سڀ هندو پنهنجون سڀ ملڪيتون امانت طور هتي ڇڏي ويا پر جڏهن حالتون بهتر ٿيڻ بدران بگڙجڻ لڳيون ته مُرلي جي مائٽن کي چنتا ورائي وئي ته هندستان هلون ته سهي پر اتي ته سندن ڪوبه والي وارث توڙي ڄاڻ سڃاڻ وارو به ناهي.حيدرآباد جي چنديرام گهٽي ۽ ميان فقير جي پڙ ۾ ٿيندڙ پنچائتي گڏجاڻين کان پوءِ پنڊتن پاران نيٺ فيصلو ٿيو ته مُرليڌر جو پريوار به هندستان هليو وڃي. پوءِ مُرليڌر پنهنجي ماسي درگا ۽ سندس ڌيءَ شانتا سان گڏ کين سهارو ڏيڻ واسطي وڃي جوڌپور نڪتو جتي اڳ ۾ ئي سندس ٽيهارو کن مائٽ پهچي چڪا هئا جڏهن ته پٺتي بچيل باقي پريوار به ٽولين جي صورت اتي پهچندا ويا. ٻن مهينن کان پوءِ هندستان پهتل سندس ماتا پتا جي لڏپلاڻ وارو سلسلو اتي انڊيا ۾ به هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ ٿيندو رهيو. ان عرصي دوران مُرليڌر هر روز شهر جي ريلوي اسٽيشن تي اچي پاڪستان مان هندستان لڏي ايندڙ نون مهمانن سان ملندو هو. مُرليڌر نون لڏي آيل مهمانن جي آجيان ڪرڻ لاءِ اسٽيشن تي ڪونه ويندو هو پر انهن کان اهو معلوم ڪرڻ واسطي ويندو هو ته سنڌ ۾ حالتون ڪهڙيون آهن؟ هن کي هر وقت اها آس هوندي هئي ته جيئن ئي کين سنڌ ۾ سازگار حالتن جو پتو پوندو ته هو هڪ دفعو وري موٽي پنهنجي وطن ڏي ويندا. پر جڏهن هندستان ڏانهن لڏيندڙ سنڌين جا قافلا گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳا ته مُرليڌر جي من ۾ هڪ نئين ڳالھه سُجهي، هن پنهنجي پتا کي چيو ته چاچي وسند جي آيو ويدڪ دوائن جي نسخن ۽ ٻين هزارين علمي ادبي ڪتابن کي هتي کڻي اچڻ لاءِ هو واپس سنڌ ويندو.
جن ڏينهن ۾ سارو لوڪ هندستان ڏانهن لڏي رهيو هئو تنهن وقت مُرليڌر جو هتي موٽي اچڻ ايئن هيو جيئن اُلٽي گنگا جو وهڻ. هندستان هليو اچڻ جي ٽن مهينن کان پوءِ ئي هُن واپس حيدرآباد سنڌ اچڻ لاءِ پنهنجي پتا کي پرچائي ورتو. ڪپڙن جي ڪجھه وڳن واري ننڍڙي ٿيلهي کان سواءِ هن وٽ فقط سنڌ کي ٻيهر ڏسڻ لاءِ واپسيءَ واري تڙپ هئي. سنڌ جي هڪ ننڍڙي اسٽيشن تي پهچندي پهچندي کيس جڏهن تمام گھڻي اڃ لڳي ته هُو پاڻي پيئڻ لاءِ هيٺ لٿو، ٽينڪر مان پاڻي ڀريندڙ ٻين مسافرن وانگر هن وٽ پاڻي ڀرڻ لاءِ ڪو به ٿانءُ ڪونه هو ان ڪري هن ٻُڪ ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ واري جو انتظار پئي ڪيو ته ٽرين هلڻ لڳي. سڪل نِڙيءَ کي ڳِيتَ ڏئي بنا پاڻي پيئڻ جي هو ڊوڙي هڪ گاڏي ۾ لٽڪي پيو. لوهي ڏنڊي ۾ لٽڪندي هن هڪ نظر گاڏي ۾ ويٺل اوپرن ماڻهن ڏي وڌي، کيس ايئن لڳو ڄڻ اجهو ڪونه ڪو اٿي کيس هلندي گاڏيءَ مان ھيٺ ڌڪو ڏيڻ وارو هجي!پر خوشقسمتي سان ٽرين جي ان گاڏي ۾ ويٺل هڪ ماڻهو کيس سڃاڻي ورتو. پوءِ ته ڄڻ هن جي جان کي امان ملي وئي. حيدرآباد پھچڻ کان پوءِ هن پنهنجي سئوٽ سان گڏجي اهي سڀ گهٽيون گهميون جن ۾ سندس ننڍپڻ رانديون ڪندي گذريو هو. هو هر روز اسٽيشن تي اچي جاچ ڪندو هو ته ماڻهو ڪيئن ٿا وڃن ۽ ويندڙ ماڻهن سان ڪهڙا ڪهڙا مسئلا ٿا ٿي. لوھ جي پيتين ۾ ڪتاب کڻي وڃڻ تي هن ملڪ مان لوھه گهٽ ٿيڻ جو خطرو هو ان ڪري هُو هڪ ڏينهن پنهنجي سئوٽ سان گڏجي ڪتابن سان ڪاٺ جا ڏھه کوکا ڀري اسٽيشن تي آيو. هڪڙي کوکي جو هڪ رپيو ڀاڙو وٺڻ بدران ڏھه رپيا وٺي سڀ کان پهرين کيس اسٽيشن جي قُلين ڦريو. پوءِ وارو آيو پوليس وارن جو جن پڻ هن کان ڪتابن جا کوکا کڻي وڃڻ واري ڏوھه عيوض 200 روپيا ورتا.ٻه مهينا حيدرآباد ۾ رهڻ دوران کيس ڪنهن به هتي ترسي پوڻ جي صلاح نه ڏني، ان عرصي دوران هو هتان لڏي ويندڙ ڀائي ڀندن جي محلن ۾ هندستان کان آيل پناهگيرن جا پير پوندي ڏسندو رهيو.. حيدرآباد کان مارواڙ جُنڪشن تائين پهچڻ وارو ڊگهو سفر هن ڪتابن جي کوکن تي ويهي ڪيو ھو. 10 هزار ڪتابن مان ڇانٽي ڪري هو فقط ڏھه کوکا ڪتابن جا کڻي سگهيو هو. راجا جي ٽرين جڏهن پاڪستان جي سرحد پار ڪئي ته سڀني ماڻهن خوشيءَ مان نعرا هڻڻ شروع ڪري ڏنا پر مُرلي من ئي من ۾ اداس هو. کيس آخر تائين اها ڳالھه سمجھه ۾ نه اچي سگهي ته صدين کان جنهن ديس جو هو رهواسي هو ان ديس جي ماڻهن کيس واپس وڃڻ کان ڇو نه روڪيو ۽ واپس ويندي انهن کيس وک وک تي ڇاجي لاءِ رڳو لُٽيو ۽ ڦُريو!
مُرليڌر من ئي من ۾ سوچيو، هاڻ هو وري ڪڏهن به ڪنهن اسٽيشن تي اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ڪونه ويندو ته سنڌ جون حالتون سازگار آهن يا نه!” شانتا کي وساري سنڌ جي سار ۾ حيدرآباد هلي آيل مُرليڌر هيرآباد جي ويڪرن رستن تي سندس سئوٽ سان گڏجي ڪيل آخري رات واري چهل قدمي دوران ڪيل ڳالهيون ياد ڪري اداس ٿي پيو هئو. رات جو ڏيڍ بجي ٽرين مارواڙ جُنڪشن تي اچي بيٺي. ڪتابن جا کوکا ڪلهي تي کڻي هيٺ لاهيندي هو اکين مان لڙڪ به لاڙيندو رهيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *