تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

مرد ۽ عورت لاءِ جيئڻ جا ٻٽا معيار …عائشه حسن ڌاريجو

مرد شريعت تي عمل ڪري ته واهه واهه جا واھَه وهي ويندا عورت شريعت جو سهارو وٺي ته “تمام غلط ۽ اخلاقي حدن کان ڪريل حرڪت وارا جملا ڪنن ۾ واڪا ڪندا، ڀلي اسلام اجازت ڏئي ٿو پر سماجي ۽ اخلاقي به ڪي قدر هوندا آهن، جي بلڪل مان ڳالھه وڏي عمر واري عورت جي شادي جي ڪيان ٿي هي عمر اٿس، ڀلا ضرورت ڪهڙي هيس، نوڪري، گهر سڀ ڪجهه ته اٿس هر سک زندگي ۾ ورتو اٿس هن عمر ۾ شادي ٺهي ٿي، جي پهرين شادي ٿيل، طلاق يافته يا بيواهه هوندي ته نوجوان ٻار، پوٽا ڏوهٽا هوندي اهڙو عمل ڇو ڪيائين? پنهنجي عمر ڏٺي اٿس?
گذريل 4 اپريل تي اداڪارا ثمينه احمد ۽ منظر سهباني جي شادي جي خبر ميڊيا ۾ آئي ثمينه احمد پاڪستان ٽيليويزن جو تمام وڏو نالو آهي جنهن ڊرامه، فلم، اسٽيج ۽ ريڊيو تي بهترين ڪم ڪيو آهي هي اُها عورت اداڪار آهي جيڪا مسلسل پنجاھه سالن کان ڪم ڪندي ٿي اچي هن 17 سالن جي ڄمار ۾ پي ٽي وي تي ڊرامه ڪرڻ شروع ڪيا ۽ هن مهل تائين بهترين تسلسل سان هو ڪم ڪري پئي سندس بهترين ڊرامن ۾ وارث، الف نون، برداري هوٽل، فيملي فرنٽ، آهٽ، نزديڪيان ۽ جيو ٽي وي تي مزاحيه ڊرامو پڻ ڪيو  هن وقت سندس عمر 70 سال آهي پر هو تمام گهڻي سمارٽ ۽ خوبصورت نظر ايندي آهي ثمينه جنهن سان ٻئي شادي ڪئي اُهو به ڊرامي جي ئي شعبي سان تعلق رکي ٿو ان جي عمر به ستر سال آهي هو بهترين ايڪٽر ۽ ڊائريڪٽر رهيو آهي ثمينه احمد جي جڏهن ٻئي شادي ٿي ته هيٺاهين طبقي سان تعلق رکندڙ بي اي، ايم اي پاس، استاد، شاگرد،، نرسنگ اسٽاف، ڪلارڪ، پٽيوالي کان وٺي هر پڙهندڙ بري نموني هن جوڙي تي تنقيد ڪئي پر افسوس تڏهن ٿيو جڏهن مٿاهين ڪلاس جي ماڻهن هن عمل کي بري نموني تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ثمينه کي الائي جي ڪيترن لقبن سان نوازيو ويو ميڊيا، خاص ڪري سوشل ميڊيا ۾ وٺ پڪڙ ٿي وئي ته هن عمر ۾ هر سُک هوندي ثمينه احمد ڇو شادي ڪئي? آخر ڪارڻ ڇا هو? ڇا سُک ! پئسي ۽ آرائشن جو نالو  آهي? يا سُک ذهني سڪون کي چئبو آهي ?
ثمينه احمد جي پهرين شادي پيار جي شادي هئي جيڪا گهڻو ڊگهو عرصو نه هلي سگهي ۽ سندس ٻه ٻار زين ۽ زارا ٿيا جيڪي هن مهل ٻارن وارا آهن، ثمينه اڪيلي فرد هئي پنهنجي خاندان جي، جنهن ٻار پاليا، پڙهايا ۽ وڏا ڪيا، هن جواني جو عرصو ته مصروفيت ۽ اڪيلائپ ۾ گذاريو پر هن عمر ۾ هن کي احساس ٿيو ته زندگي ۾ هڪ ساٿي جي بهترين ساٿ جي ضرورت پوي ٿي جيڪو رڳو جسماني پورائي جو نالو ناهي پر زندگي جو شريڪ حيات پيار ڪندڙ ساٿي ذهني طور هر وقت پنهنجي ساٿي کي هڪٻئي جي گڏ هجڻ جو احساس ڏياريندو آهي، پو ڇا? اِهو احساس ڪو گهٽ آهي ته ڪو آهي جيڪو اسان جي کائڻ پيئڻ کان پهرڻ ۽ ننڊ کان اوچتو جاڳ ٿيڻ جو خيال رکي ٿو، ڪو آهي جيڪو اسان جي اکين جي چمڪ کي سمجهي ٿو، اسان جي اڻ ڏٺل خوابن جي پُورائي جو ذڪر ڪري ٿو ۽ هو هر وقت هڪٻئي لاءِ سوچن ٿا هڪٻئي جي لباس کان دوا درمل جو خيال رکن ٿا جواني ۾ ازدواجي ۽ ڪامياب ازدواجي زندگي جي ته هر ڪنهن کي خواهش هوندي آهي پر هن عمر ۾ جي به هڪٻئي جو خيال رکندڙ، مثبت سوچ رکندڙ ملي وڃي ته سچ ۾ زندگي ٿوري لڳندي آهي، خواهش ٿيندي آهي ته عمر اجائي وڃائي ڇڏي سين. 
ڪنهن جو انتظار ايترو ٿڪائي ڇڏيندو آهي جو انسان سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيندو آهي پوءِ به زندگي هڪ ليئو ضرور پائيندي آهي جيڪو انهن اداڪارن جي زندگي ۾ ان پاتو منظر پنهنجي جواني جي عمر ۾ ثمينه کي باقاعدا شادي جي آڇ ڪئي هئي پر ان وقت ثمينه احمد، سميع  رفيق  سان شادي ڪري ڇڏي ۽ اها شادي گهڻو عرصو نه هلي سگهي  طلاق کانپوءِ به رفيق ۽ ثمينه سٺا دوست رهيا ۽ پنهنجن ٻارن جي هر مسئلي تي ڳالهائيندا رهندا هئا  منهنجي خيال ۾ عورت هجي يا مرد ضبط جو هجڻ ضروري آهي جيڪو اسان کي باهمت بڻائي ٿو ۽ ورھ پڃاڻان  هاڻي ان طرح سان منظر سهباني  جي  خواهش پوري ٿي. 
پيارا پڙهندڙو ان ۾ غلط ڳالهه ڪهڙي آهي? جي مرد 80 سالن جو ٿي 30 سالن جي عورت سان شادي جو حق رکي ٿو ته پوءِ ستر سالن جي عورت ستر سالن جي مرد سان نڪاح ڇو نٿي ڪري سگهي. هي ڳالهيون، وھم وسوسا ايشيا ۾ گهڻا آهن ٻاهرين ملڪن ۾ به آهن پر ايتري قدر نه اُتي ٻين جي زندگي ۾ مداخلت ڪرڻ ڏوھه سمجهو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته اُتي يعني يورپ ۾ ان قسم جا واقعا ٿيندا رهن ٿا توهان ڪورونا جي ڏينهن ۾ هڪ  يونائيٽيڊ ڪنگڊم  جي جوڙي ياور عباس جيڪو فلم ميڪر ۽ جرنلسٽ ۽ هن جنهن سان شادي ڪئي اُها تمام وڏي ايڪٽيوسٽ ۽ ليکڪا آهي نور ظهير ۽ هو ڏاڍا خوش هئا پنهنجي فيصلي تي ياور جي عمر  تقريبن 100 سال لڳ ڀڳ ٻڌائي پئي وڃي. انسان جون گهرجون رڳو جنسي لاڳاپن تي ختم ناهن ٿينديون پر ٻيا به لمحا هوندا آهن هڪٻئي سان ونڊڻ جا، ڳالهيون، ٽهڪ، روئڻ، کلڻ ڪنهن جي هٿ سان هٿ ملائي صبح جو سير تي نڪرڻ ۽ پراڻين ساروڻين کي سارڻ ۽ منهنجي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهڙي عمل تي عورت جي بهادري کي ڏسو جنهن زماني جي پرواهه نه ڪندي، مٽن مائٽن جي سماج جي پرواهه نه ڪندي پنهنجو  مذهبي، قانوني ۽ اخلاقي حق استعمال ڪيو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ثمينه احمد جي اولاد سچ ۾ ان جي ئي پاليل نپايل لڳي ٿي جيڪا ماءُ جي ان قدم کي خوش آمديد چئي ٿي ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته ان اڪيلي عورت تي ڇا گذري هوندي رڳو مرد ٿي نه هڪ انسان ٿي سوچي ڏسو جڏهن اسان جنس کان هٽي سوچيندا سين ته سڀ چٽو ۽ واضع نظر ايندو. 

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

2 Responses to مرد ۽ عورت لاءِ جيئڻ جا ٻٽا معيار …عائشه حسن ڌاريجو

  1. مرتضٰي ناريجو says:

    اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اهو نج مرداڻون معاشرو آهي هتي مرد عورت کي هر حوالي جهڙوڪ جنسي نفسياتي فائنانشلي استعمال ڪري ٿو ۽ وري واه واه ڪري ٿو ته عورت ڏاڍي قربدار آهي ڀلي آهيبپر جڏهين اها ئي ساڳي عورت پنهجي انسان هئڻ جي ڳاله ڪري ٿي پنهجي حقن جي ڳاله ڪري ٿي ته ڪني ۽ بدڪردار هجڻ جا اسٽيمپ لڳنس ٿا اسان جي عورت کي
    مذهبن به برابري جا حق ناهن ڏنا مرد چار ننڍين نيٽين ڇوڪرين سان ڀوي شادي ڪري باقي ڇوڪري مرضي جي شادي به نٿي ڪري سگهي

  2. Bhamar lal says:

    Very nice story every one needs partner but in the stage of retirement life must have a partner so life may be easier because children live there life and parents need thee life as a good way

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *