تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

مراد سعيد جي ڊگري جعلي: سوشل ميڊيا تي بحث

پشاور يونيورسٽي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ وفاقي وزير مراد سعيد جي ڊگري کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته پشاور يونيورسٽي انتظاميا عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ڄاڻايو آهي ته مراد سعيد جي ڊگري تي انوائرمينٽل سائنسز جي چيئرپرسن جي مهر به موجود ناهي، مراد سعيد انوائرمينٽل سائنسز بي ايس پروگرام جي 3 پرچن ۾ فيل به آهي، واضح رهي ته هي اهي ٽئي پرچا آهن جيڪي مراد سعيد 35 منٽن ۾ ڏئي پاڻ کي ڪامياب ڊڪليئر ڪيو هو، ان حوالي سان خليل انصاري هڪ وڊيو شيئر ڪئي جيڪا مراد سعيد جي جعلي ڊگري بابت هئي، ان وڊيو تي ڪمينٽ ڪندي راج ڪمار لکيو ته لڳي ٿو ته هاڻ انهن کي رخصت ڪندا پر ڏسجي ته ڪهڙي راند ٿئي ٿي؟، صفي الله لکيو ته ڊگري جعلي ظاهر ٿي آهي. عبدالجبار جوڻيجو، طاهر ميمڻ، محب علي، قاضي نعيم انصاري ۽ ٻين پڻ مراد سعيد جي جعلي ڊگري بابت راءِ جو اظهار ڪيو، چيو ويو ته فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت جو ڪيس اڳ ئي هلي رهيو آهي لڳي ٿو ته ان طرح سان معاملا اڳتي وڌائيندي انهن کي هٽايو ويندو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *